ڪراچي اندر پاڻي ۾ نگليريا وائرس ڪارڻ هڪ نوجوان فوت
ڪراچي اندر پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايل 14 سالن جو ڇوڪرو فوت ٿي ويو. جنهن بابت ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن جو موت نگليريا وائرس ڪارڻ ٿيو آهي. ڊاڪٽر ظفر مهدي جيڪو ڊاڪٽرن جي نگليريا وائرس مٿان ڪم ڪندڙ ڪمپني جو اڳواڻ آهي ٻڌايو ته 14 سالن جي نعمان جي موت جو سبب نگليريا وائرس آهي. ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو ته نعمان کي تمام خراب حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو، جيڪو ٽئين ڏينهن مري ويو. ماهرن چيو آهي ته گذريل ٻن مهينن ۾ نگليريا وائرس جو هي پنجون شڪار آهي. هيلٿ منسٽري پاران چيو ويو آهي ته هن وائرس گذريل سال 6 ماڻهو ماريا هئا ۽ اسان پاڻي جي جائزي مان معلوم ڪيو آهي ته واٽر سپلاءِ جي پاڻيءَ ۾ ڪلورين به نه پئي ملائي وڃي ۽ ممڪن آهي ته ڇوڪرو وضو ڪرڻ مهل هن وائرس جو شڪار ٿي ويو هجي. هن وائرس کي روڪڻ جو واحد حل پاڻي ۾ ڪلورين ملائڻ آهي.

