ملڪ جو قرض لاهڻ لاءِ مهم شروع ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون: چيف جسٽس ثاقب نثار
چيف جسٽس ثاقب نثار 24 هزار ارب رپيا ملڪي قرض لاهڻ جي مهم هلائڻ لاءِ اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي. پرائيويٽ بينڪن پاران ڊيمن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ملڪي قرض لاهڻ واري مهم شروع ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. ان موقعي تي فنانس سيڪريٽري عارف احمد هڪ سوال جي جواب ۾ انڪشاف ڪيو ته ملڪ جي مٿان 24 هزار 400 ارب رپين جو قرض آهي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته چار ميڊيا ڪمپنيون ڊيم بابت مهم هلائي رهيون آهن. ان موقعي تي آڊيٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڊيمن بابت پئسا ايزي پئسا ۽ جيز پئسا ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته اهي اشتهار وزارت اطلاعات، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن، اٿارٽي پي ٽي اي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سان مشوري بعد ٺاهيا ويا آهن، جيئن عوام ۾ جاڳرتا کي وڌايو وڃي. هنن چيو ته اهي اشتهار ميڊيا تي مفت هلايا ويندا آهن. ان موقعي تي چيف جسٽس ايف بي آر کي حڪم ڏنو ته اهي اهڙو آرڊيننس ٺاهين جنهن ذريعي ڊيمن بابت گڏ ڪيل ناڻو ٽيڪس کان آجو هجي.