اهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي: وفاقي وزير
وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 3 رُڪني بئنچ بابت حڪومت جو واضح موقف اچي چڪو آهي، اڄ به مطالبو آهي ته چونڊن جي ڪيس تي فُل ڪورٽ جوڙي وڃي، نگران سيٽ اپ ۾ هڪ ئي وقت شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن. سُپريم ڪورٽ مان به ججن آواز اٿاريو آهي، 4 ججن سوموٽو نوٽيس کي خارج ڪري ڇڏيو هو، اُميد آهي ته چيف جسٽس قوم جي آواز ۽ آئين تحت معاملن کي اڳتي وڌائيندو، پهرين به آئين کي ري رائيٽ ڪرڻ سان پنجاب جون حالتون خراب ٿيون هيون.

