سنڌ حڪومت پاران 13 ارب رپين جون اسڪيمون منظور

سنڌ پروونشل ڊولپمينٽ ورڪننگ پارٽي 12 ارب رپين جون اسڪيمون منظور ڪيون آهن. پي ڊي ڊبليو اينڊ بي، جي ميٽنگ جي صدارت پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ناهيد شاه ڪئي. ميٽنگ دوران ناهيد شاه اسڪيمن جي منظوري ڏني. هڪ اسڪيم تحت ڪراچي جي سعود آباد واري علائقي ۾ نفسياتي ۽ حادثاتي يونٽ تيار ڪيو ويندو جنهن جو ڪل خرچ 518 ملين رپيا هوندو. هڪ ٻئي اسڪيم تحت لياري ري سيٽلمينٽ پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو ويندو. جنهن جو ڪاٿو 8719 ملين رپيا لڳايو ويو آهي. ان کان علاوه  حيدرآباد جي  لطيف آباد نمبر 4 واري علائقي  ۾ 5 ملين گيلن روزانا واري ريپڊ فلٽريشن پلانٽ جي سنڀال ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ 745 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *