بلاگنئون

عورت

عورت، عورت، عورت… ڏاڍي سُٺي، بيوفا، باوفا، اهڙي، تهڙي ۽ خدا ڄاڻي ڪهڙي ڪهڙي. هر ملڪ ۽ هر زماني جي وڏن وڏن مفڪرن عورت جي باري ۾ ڪانه ڪا راءِ ضرور قائم ڪئي آهي. ڪو مرد سندس حُسن تي زور ڏيئي رهيو آهي ته ڪو وري سندس نيڪ سيرت هجڻ جو قائل آهي. هڪ صاحب جو خيال آهي ته خدا کانپوءِ عورت جو مرتبو آهي، ٻيو وري کيس شيطان جي ناني بنائڻ تي زور ڏيئي رهيو آهي. هڪ ٻئي صاحب جو خيال آهي ته هڪ دوکيباز مرد کان هڪ دوکيباز عورت وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي آهي. ايئن ڄڻ ڪير چوي ته هڪ ڪاري مرد کان هڪ ڪاري عورت وڌيڪ ڪاري ٿيندي آهي. ڪيڏي نه شاندار ڳالهه ڪئي اٿائين جو ٻڌي، دل جهومڻ لڳي ٿي. جيڪڏهن مان پاڻ عورت نه هجان ها ۽ انهن قولن مون کي پريشان نه ڪيو هجي ها ته چوڻ وارن جو منهن چُمي وٺان ها. مصيبت ته اها آهي ته انهن فضول قولن اسان سڀني کي منجهائي رکيو آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته جيترو مرد عورت کي سمجهيو آهي، اوترو عورت ڪڏهن به پنهنجي عقل سان مرد جي متعلق اهڙو ڪو قول نه ٺاهيو آهي. مَردن چيو: مرد ظالم هوندو آهي ته هوءَ چپ چاپ ظلم سهڻ لڳي، مردن چيو عورت ڊڄڻي هوندي آهي ته هوءَ جهرڪي کان به ڊڄڻ لڳي، مردن چيو ته وقت پوڻ تي هوءَ جان به ڏيئي ڇڏيندي آهي ته بس هوءَ جان تي به کيڏندي رهي.

ماءُ جي ممتا جو سموري دنيا وڏي واڪي اعلان ڪندي آهي، پر پيءُ جي بپتا جو ڪو روئڻو به نه روئندو آهي. عورت جي عزت لٽجي ويندي آهي، پر مرد جي عزت ڪڏهن به ناهي لٽجندي… شايد مرد جي عزت ئي نه هوندي آهي جو لُٽي وڃي. عورت جو حرامي يا حلالي ٻار ٿيندو آهي، پر مرد جو ڪجهه به ناهي ٿيندو. صدين کان عورت جي مٿان ابتا سبتا الزام هڻي، دانشور کيس منجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن يا ته کيس آسمان تي چاڙهي ڇڏيندا آهن يا وري کيس مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن، پر برابر بيهارڻ ۾ سندن ساهه پيو ويندو آهي. کيس ديوي ۽ آسماني پري ته ٺاهي ڇڏيندا، پر پنهنجو دوست يا ساٿي چوڻ ۾ شرمائيندا. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو احساس ڪمتري آهي يا ڪا غلط فهمي. آخر هنن کي عورت جي برابري کان ڊپ ڇو ٿو لڳي. هوءَ به انسان آهي، هُن کي برابر ويهارڻ ۾ گهٻراهٽ ڇو ٿي ٿئي. ڇا مرد کن پل لاءِ اهو وساري نٿو سگهي ته برابري جي لازمي معنيٰ ڪمتري ناهي. سڀني کي خبر آهي ته عورت فقط ڌيءَ، زال ۽ ڀيڻ ئي ٿي سگهي ٿي نه ڪي پُٽ، مڙس ۽ ڀاءُ. پوءِ اهو ور ور ڪري ڇو چوندا آهن ته هوءَ ان لاءِ ئي پيدا ٿي آهي، ڇا عورت کي اها به خبر ناهي ته هوءَ عورت آهي جو کيس مسلسل ٻڌايو وڃي ٿو يا مرد کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته ماءُ ۽ زال بڻجڻ لوهه جا چڻا چٻائڻ برابر آهن. تنهنڪري عورت جي مٿي ۾ اهو ٺوڪيو وڃي ٿو ته هوءَ پيدا ئي ان لاءِ ٿي آهي ۽ اهوئي سندس ڪم آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي کيس فخر ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ ۾ ئي مزو آهي. انهن کان ڪير پڇي ته ڪهڙي نڀاڳي عورت ان کان انڪار ڪيو آهي ۽ کين چيو آهي ته توهان ٻار ڄڻيو ۽ ٻارن کي کير پياريو ته پوءِ بار بار جتائڻ جي ضرورت ڇو ٿي پيش اچي.

عورت جڏهن بيواهه ٿيندي آهي ته سندس چوڙيون ٽوڙيون وينديون آهن. مرد جي ته ڪڏهن به واچ، عينڪ يا حقو ٽوڙڻ جو ڪنهن کي به خيال ناهي آيو. بيواهه ته پنهنجا ڪپڙا به تبديل ڪرڻ تي مجبور هوندي آهي. رنگين ڪپڙا يا چوڙيون پائي ته سڀني جو هانءُ ڦاٽندو آهي، پر مرد اهوئي سوٽ بوٽ، شيرواني يا صدري پائي پيو گهمندو آهي. ڪيڏي نه بي رحمي آهي جو ڏيکاءُ لاءِ به سوڳ نٿو ملهائي. جڏهن ته جيئن عورت کي مرد جو ڏک ٿيندو آهي، مرد کي به عورت جو اوترو ئي ڏک ٿيندو آهي، پر عورتن کي ڍونگ ڪرڻو پوندو آهي.

هڪ صاحب فرمائي ٿو ته “عورت جو اهو شان آهي ته دنيا هُن کان نا آشنا هجي. سندس مڙس هُن لاءِ هڪ خزانو هوندو آهي ۽ سندس خاندان ئي سندس لاءِ دنيا”… ڇو؟ جيڪڏهن ڪنهن عورت جي شهرت ٿئي ٿي ته اها توهان جي حصي جي شهرت ته نٿي کسي. کيس الله ڏنو آهي، ان ۾ توهان کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي… ڪيڏي نه هلڪڙائپ آهي! مرد هجي يا عورت، جيڪڏهن دنيا ۾ ڪجهه حاصل ڪري ڇڏي ته ڪنهن جي شان ۾ گستاخي ڪيئن ٿي ٿي سگهي. مرد جي شهرت سان عورت جي عزت نٿي گهٽجي ته عورت جي شهرت سان هُن جي عزت کي ڇو ٿي اڏوهي لڳي؟ زال جيڪڏهن اڻ پڙهيل، جاهل هجي ته ڪا ڳالهه ناهي، پر مڙس جيڪڏهن زال کان گهٽ پڙهيل هجي ته اوندهه ٿي ويندي. ڄڻ ڪنهن وڏي دانشور جي قول تي حرف ٿو اچي وڃي. ڊاڪٽر نائيڊو کي جڏهن ماڻهو مسز سروجني نائيڊو جو مڙس چوندا هئا ته هُو لڄي ٿي ويندو هو. دنيا ۾ ڪروڙين عورتون زالون بڻجي مزي سان رهنديون آهن، کين احساسِ ڪمتري محسوس ڪونه ٿيندي آهي، پر مرد کي پيدا ٿيندي ئي ڪن ۾ اهو ڀري ڇڏيو ويندو آهي ته هُو برتر آهي ۽ سندس معصوميت ته ڏسو ته هُو واقعي يقين ڪري ڇڏيندو آهي ته دنيا جي لائق ترين عورت کان هُو وڌيڪ بلند آهي، فقط ان لاءِ ته هُو مرد آهي. پوءِ جڏهن کيس پاڻ کان وڌيڪ پڙهيل ۽ عقلمند عورت ملندي آهي ته هُو هُن کان نفرت ڪرڻ لڳندو آهي. ڇو جو هُو ان وقت پاڻ کي دوکو نٿو ڏيئي سگهي. ڇا منهنجو بورچي، مادام ڪيوري کان فقط ان ڪري برتر آهي جو هُو مرد جي نسل سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي عام طور تي عورت کان بلند سمجهيو ويو آهي. جيڪڏهن يقين نه اچي ته پنهنجي بورچي يا ڌوٻيءَ کان پڇي ڏسو. هُو اهوئي چوندو: “نه بيگم صاحبه، عورت ڪڏهن به مرد جي برابري نٿي ڪري سگهي.”

هڪ ٻئي صاحب جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عورت جي دل کي چيريو وڃي ته ان مان صبر، تحمل، برداشت ۽ ڪيترين ئي خوبين کانسواءِ ڪجهه به نه نڪرندو. حد آهي! مون هڪ مرد ڊاڪٽر کان پڇيو ته هُن چيو: “سڀ بڪواس آهي، عورت ۽ مرد جي دل جي ساخت بلڪل ساڳي ٿيندي آهي ۽ ان مان ڪابه اهڙي فضول شيءِ ڪونه نڪرندي آهي. ٻيو ٻڌو، اهو ساڳيو ڊاڪٽر چوي ٿو ته عورت مرد کان وڌيڪ وسيع القلب ڪونه ٿيندي آهي، اهو ته تربيت تي مدار رکي ٿو، ڇو جو تعليم ۽ تربيت مرد ۽ عورت ٻنهي تي هڪ جهڙو ئي اثر ڇڏينديون آهن.

هڪ صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن ٻار پهريون ڀيرو ماءُ جي ڇاتيءَ مان کير پيئندو آهي ته هوءَ خوشيءَ وچان ڳاڙهي ٿي ڪنبڻ لڳندي آهي. عورتون ته جلد ئي سمجهي ويون هونديون ته اهو چوڻ وارو مرد آهي ۽ اهي ڳالهيون فقط هِتان هُتان کان ٻُڌل آهن، يقينن هُنن ڪڏهن ڪنهن ٻار کي کير ڪونه پياريو آهي، تنهنڪري کين ڪهڙي خبر ته ٻار جڏهن پهريون ڀيرو کير پيئندو آهي ته ڪيڏي نه تڪليف ٿيندي آهي. ماءُ جيڪڏهن ڳاڙهي ٿي هوندي ته هرگز به پيار ۽ محبت وچان نه، بلڪه تڪليف وچان ڪنبي وئي هوندي. اهو آئون ان ڪري ٿي چوان ته مرد خوامخواهه ابتا سبتا قول ٺوڪيندا رهندا آهن. ايترو به نٿا سوچين ته عورتون به هاڻي بقول هُنن جي ڄٽ عورتون نه رهيون آهن. ڪافي معلومات حاصل ڪرڻ لڳيون آهن، هاڻي انهن ابتن سبتن جملن جي ڄار ۾ ڪونه ڦاسنديون. سڌي ۽ سادي  ڳالهه ڪريو، عورتن کي عورتن کان وڌيڪ سمجهڻ جون دعوائون نه ڪريو ته چڱو آهي، مفت ۾ پول کلي ويندو. ننڍ وڏائي جي جهڳڙن ۾ پوڻ جي فرصت توهان کي ڪيئن ٿي ملي. جنس، نسل، ذات پات جا ويڇا تمام تيزيءَ سان مٽجي رهيا آهن. دنيا ڏاڍي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. صنعت ۽ حرفت جي ميدان ۾ ترقي ٿي رهي آهي. ڏينهون ڏينهن ڪم ڪرڻ وارن جي گُهر وڌندي پئي وڃي. هر ميدان ۾ عورت کي مرد جو هٿ ونڊائڻو پيو پوي. مغربي عورت هزار قسم جي مشينن هئڻ جي باوجود روزي ڪمائڻ تي مجبور آهي، تنهنڪري گهر گرهستيءَ ۽ ٻار پالڻ ۾ مرد کي به مدد ڪرڻي ٿي پوي. جيڪڏهن زال ٿانوَ ڌوئي ٿي ته مڙس جهاڙو لڳائي ٿو، زال بسترو ٺاهي ٿي ته مڙس ٻار جي کير جي بوتل تيار ڪري پياري ٿو ۽ ٻئي ملي ڪري ناشتو ۽ کاڌو تيار ڪن ٿا. ٻارن کي تيار ڪري پوءِ ڪم تي ويندا آهن، جيڪا عورت ڪم تي نٿي وڃي ته اها واندي ڪچهري نٿي ڪري، بلڪه ڌوتو پوتو ڪري ٿي، استري ڪري ٿي، گهر جو سودو وٺي اچي ٿي، وقت بچي پوي ته پارٽ ٽائيم ڪم به ڪري ٿي. ان کانپوءِ به اهو حال آهي ته مشڪل سان گذارو ٿئي ٿو، پر اسان جو مرد وڏن وڏن قولن جي لٺ کڻي عورت کي هڪلي رهيو آهي. ڀلي ڪيتري به تنگي ڇو نه هجي، زال گهر جي زينت بڻي ويٺي رهندي. مڙس چرخو ٿي پوندو، پر پنهنجو نڪ سلامت رکندو. زال نسوانيت جو ٽوڪرو بڻيل رهندي، چاهي ٻارن کي اسڪول ۾ في نه ڏيڻ ڪري شرمندو ٿيڻو پوي، دڪان وارو قرض گهُري گهُري ماندو ٿي پوي، پر ڇو ته هڪ ڏاهو چئي رهيو هو ته عورت جي دنيا سندس گهر آهي ته پوءِ بس عورت به لڪير جي فقير ٿي گهرداري ڪندي رهي ٿي.

سڀني کان وڌيڪ اقوال زرين عورت جي پاڪيزگي ۽ پارسائي بابت فرمايل آهن. چون ٿا ته “قدرت عورت کي اهڙي طرح ٺاهيو آهي جو اها فقط هڪ سان ئي محبت ڪندي آهي ۽ انهيءَ تي ئي قربان ٿي ويندي آهي ۽ مرد… مرد جي دل ته چنچل هوندي آهي، هُو هر ڀيري نئين عورت ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي.” ڇو ڀاءُ، عورت جي خصلت به توهان جي فطرت مطابق ٺاهي ويئي آهي جو توهان اطمينان سان ان جو فائدو وٺي عورت بازي ڪندا رهو ۽ زال جي پيرن ۾ سندس ئي زنجير ٻَڌي ڇڏيو ته جيئن اُها پاڙي واري سان ڳالهائي به نه سگهي ته جيئن سندس نسوانيت نه ختم ٿي وڃي.

ٻيو ته ٺهيو، مرد قدرت کي به انهيءَ سازش ۾ ڇڪي آيا، حالانڪه اهو حربو به ڪارگر نه ٿي سگهيو. عورتن جڏهن به اک اٽڪائڻ چاهي ته مردن کي خبر به نه پئي. هُو اهو ئي سمجهندا رهيا ته عورت نيڪ ۽ پارسا آهي ۽ اهائي سندس خصلت آهي، تنهنڪري ڊپ ڪهڙو؟، پر ڪير انهن کان پُڇي ته توهان کي ڪنهن چيو آهي ته عورت فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندي آهي؟ اهو سڄو ڪوڙو ڏيکاءُ آهي، وقت بدلجي رهيو آهي، جيڪو انهن قولن سان ڪونه جهلبو، زندگيءَ جا قدر، صحيح يا غلط زندگيءَ جا رخ بدلائيندا رهندا. اسان ڪيترو به ماتم ڪريون، مٿو ڦاڙيون، حالات عورت کي گهر ۾ سڪون سان ويهڻ ڪونه ڏيندا. اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته جڏهن اسان پنهنجي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي مردن سان گڏ پڙهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين ته اسان کي هُنن جي ڪهڙي قسم جي تربيت ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان کي انهن پراڻن قولن مطابق سندن شرم و حيا قائم رکڻ ۽ کين هر وقت نسوانيت ۾ غرق رهڻ جي تلقين ڪرڻ گهرجي يا کين اهو سمجهائڻ گهرجي ته جڏهن ڪم تي وڃو ته پنهنجي ناز ۽ نخري سان متان وڃو. اُتي نسوانيت جي زور تي نه، پر پنهنجي محنت سان ڪم ڪريو ته جيئن توهان سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا اهو محسوس نه ڪن ته توهان عورت آهيو، پر توهان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ وارا ساٿي سمجهي پنهنجي ڪم سان ڪم رکن. ظاهر آهي ته اهي مرد آهن ۽ توهان عورت آهيو، اهو ڄاڻي واڻي نه جتايو ته جيئن توهان جو ذهني سڪون قائم رهي ۽ هڪٻئي طرف متوجهه ٿيڻ بجاءِ ڪم جي طرف لڳو. مغربي ملڪن ۾ عورتون مردن سان گڏجي ڪم ڪن ٿيون، پر پنهنجي نسوانيت کي به ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪن ٿيون، بار بار ميڪ اپ ۽ وار ٺاهن ٿيون ۽ ڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اهي ناز ۽ نخرا استعمال ڪن ٿيون جيڪي هُو رسالن ۽ مئگزينن مان سکن ٿيون. اُتان جي رسالن ۽ اخبارن ۾ هزارين قسمن جون مصنوعي شيون ۽ خوشبون فقط مردن کي ڦاسائڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. انهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري ويئي آهي ته سندن زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته ڪو کين پسند ڪري، پر انهن مان ڪيتريون آهن جن کي سندن خواب جي تعبير ملي ٿي. گهڻيون ته اهڙيون آهن جو مردن کي ورغلائينديون آهن، پر پاڻ انهن جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ سڄي عمر پرين جي شهزادي جي انتظار ۾ گذاري ڇڏينديون آهن، جن ملڪن جون عورتون ايتريون پريشان خيال ۽ نامراد هجن ته انهن جا ڇوڪرا ڇو نه نامناسب لباس پائين ۽ ڇوڪريون ڇو نه پنهنجي نسوانيت جو رعب ڄمائين.

مون روس ۾ عورتن کي هر شعبي ۾ ڪم ڪندي ڏٺو، نه ڪنهن جي چهري تي ميڪ اپ هو ۽ نه ئي وار ٺهيل هئا. گهڻين کي ته مردن وانگر يونيفارم پاتل هو جو سُڃاڻڻ مشڪل هو، بلڪل مردن جهڙيون پئي لڳيون. مون کي اها ڳالهه نه وڻي ڇو جو منهنجي خيال ۾ اهڙي ريت نسوانيت جو قتل ٿي رهيو آهي، منهنجي پڇڻ تي هڪ عورت ٻڌايو ته اسين نٿيون چاهيون ته ڪير ڪم جي دوران نسوانيت يا مردانيت جو مظاهرو ڪري. مون پڇيو، ڇو؟ ايئن ته هي سڀ مشينون بڻجي وينديون. هُن چيو، اهو ته وڌيڪ سُٺو آهي، توهان ڇا مشين کي حقير ٿا سمجهو، هي هٿن سان ٺهيل مشينون، پٿر سان تراشيل بُتن کان گهٽ مقدس آهن ڇا؟ جيڪڏهن پٿر جو بُت اسان کي ٻُڌي ٿو ته هيءَ مشين به اسان جي ان داتا آهي، ڇو جو اسان پنهنجي هٿن سان ڏاڍي محنت سان ٺاهي آهي. جيڪڏهن اسان به ان وانگر محنتي، شريف ۽ ايماندار ٿي وڃون ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي ويندو. هنن مشينن ۾ نه ڪا عورت آهي، نه ڪو مرد. ايئن ئي انهن کي هلائڻ وارن جي به ڪا جنس ڪونهي. سڀئي مزدور آهن، سڀئي مشينون آهن، پر رات جو مون ڏٺو ته انهن مشينن ۾ ڄڻ جان پئجي وئي هئي. اهي مشينون نه عورت ۽ مرد ٿي پوندا هئا.  عورت جيڪڏهن موقعي سان پنهنجي نسوانيت ڏيکاري ته سونهي ٿي، نه ڪي هر هنڌ، ڪاليج، يونيورسٽي، آفيس ۾ پاڻ سان نسوانيت جي هڙ کڻي وڃي رهي آهي.

جيڪڏهن اسان کي خبر آهي ته عورت ۽ مرد کي گڏ ڪم ڪرڻو آهي ته انهن پراڻن قولن کي وساري نوان قول ٺاهڻا پوندا. قول (1) ڪاليج، يونيورسٽي ۾ نه تون ڌيءَ آهين، نه ڀيڻ ۽ نه معشوقا. تون فقط شاگردياڻي آهين ۽ ٻيا صرف پروفيسر ۽ شاگرد. قول (2) آفيس ۾ نه تون بيوفا آهين نه باوفا. پنهنجو ڪم ڪر ۽ نخرا وساري ڇڏ. قول (3) تنهنجي آسپاس جيڪي به ماڻهو آهن سڀ انسان آهن، نه مرد آهن نه عورتون، جيئن ميز ۽ ڪرسي آهي، ايئن آفيسر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالا آهن. نه تون ڪمزور آهين نه طاقتور. نه تون صنف نازڪ آهين، نه صنف زور. تنهنجو ڪم اهوئي آهي جنهن جي توکي پگهار ملي ٿي. هتي توهان زال يا مڙس ڦاسڻ لاءِ نه، پر ڪم ڪرڻ آيا آهيو. ڪنهن جي به جسماني يا ذهني ڪمزوري مان نه فائدو وٺو، نه ڪنهن جو نقصان ڪريو. قول (4) صرف شادي ئي توهان جي منزل ڪونهي ڇو جو شادي ڪرڻ منزل تي پهچڻ ڪونهي، ان کي نڀائڻ ئي اصل ۽ وڏو رستو آهي. عورتون پيغمبر نٿيون ٿي سگهن، عورتون نبي نٿيون ٿي سگهن، عورتون ولي نٿيون ٿي سگهن ته پوءِ ڪير ايئن ڇو نٿو چئي ته عورتون، عورتون نٿيون ٿي سگهن.

***