ھندستان ۾ ستي (Sati) بيواھ ٿيندڙ عورت خلاف ھڪ اھڙي قديم ۽ بدترين رسم ھئي، جنھن ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس جي موت کانپوءِ مڙس جي چِتا سان گڏ جيئري ساڙي قتل ڪئي ويندي ھئي يا عورت کي مڙس جي مرڻ تي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ماريو ويندو ھو. ھيءَ رسم گهڻو ڪري ھندن جي اعليٰ ذاتين خاص طور تي راجپوتن ۽ برهمڻن ۾ رائج هئي. عورت خلاف ھن قديم رسم جي لڱ ڪانڊاريندڙ صدين جي تاريخ رھي آھي، جنھن تاريخ جا ڪيترائي حصا پڙھڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ خوف ٿئي ٿو.
ھندستان جي قديم دور ۾ ستي جو ذڪر هندو مذهبي متنن ۾ ملي ٿو. ڪيترا عالم چون ٿا ته ستي کي “مذهبي فريضو” نه، پر سماجي روايت بڻايو ويو ھو. ھندن جي 4 ويدن (مذھبي ڪتابن) ۾ ستي جي رسم جو ذڪر سڌو سنئون ڪٿي به نٿو ملي. ھڪ ڪتاب رگ ويد ۾ صرف هڪ اشارو ملي ٿو، جنهن کي بعد ۾ ستي جي جواز لاءِ استعمال ڪيو ويو ھو. ھندستان جي وچئين دور ۾ خاص ڪري راجپوتن ۾ ستي عام ٿي وئي ھئي، جنھن تحت مڙس مرڻ کانپوءِ ان جي زال کي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ماريو ويندو ھو يا سماج ۾ ان سان اھڙو حشر نشر ٿيندو ھو جو بيواھ عورت کي سمورين سرگرمين، ويندي پوڄا کان به پري رکيو ويندو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ اھا خودڪشي ڪري به مرندي ھئي، ڪٿي ڪٿي ته اھڙو ڪٽرپڻو به ھو جو بيواھ ٿيندڙ عورت کي مڙس جي چتا جي مٿان ابتو ٽنگي زبردستي باھ ۾ ساڙي ماريو ويندو ھو. مطلب ته مڙس جي موت کانپوءِ ان جي زال جي زندگي جو ڪوبه جواز نه ھو، ان کي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ماريو ويندو ھو يا اھا حالتن کان مجبور ٿي خودڪشي ڪري عذاب واري زندگي مان جان ڇڏائڻ تي مجبور ٿيندي ھئي. جنگين ۾ به جڏهن راجپوت راجا مارجي ويندا هئا ته سندن راڻيون ۽ عورتون گڏجي پاڻ کي ساڙي ماري ڇڏينديون هيون ته جيئن دشمن فوج جي هٿان ذليل نه ٿين، سنڌ ۾ دودي سومري ۽ ان جي ٻين ساٿين جي جنگ ۾ شھادت کانپوءِ انھن جي عورتن اجتماعي خودڪشي (جوھر) ڪري زندگين مان جان آجي ڪرائي ھئي، بدين ضلعي جي سيراڻي واري علائقي ۾ انھن سومرين جو ھڪ قبرستان اڄ به ستين جي قبرستان جي نالي سان مشھور آھي. عورتن جي اھا اجتماعي خودڪشي به ستي جي رسم جي ھڪ قسم جي باقيات تصور ڪئي وڃي ٿي. مغلن جي دورِ حڪومت ۾ به ستي جي رسم جا ڪيئي واقعا ملن ٿا. ان دور ۾ ڪيترائي مسلمان حڪمران اُن عورت خلاف ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر مڪمل طور تي ختم نه ڪري سگھيا ھئا. مغلن جي اڪبر بادشاھ ستي جي رسم تي پابندي لڳائڻ جا حڪم نامه جاري ڪيا، جنھن سان عورت کي زوري مارڻ تي ڪافي اثر به پيو، پر سماج جي اھڙين عورتن لاءِ وري به جاءِ نه بچي جو اھي زنده رھي سگھن. انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ ستي جي رسم ھندستان جو هڪ وڏو سماجي مسئلو بڻجي ويو. ان دور ۾ ڪيترائي اصلاح پسند اڳتي آيا، انگريزن به ان رسم کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. راجا رام موهن راءِ (1772-1833) هن رسم جي خلاف باقاعده تحريڪ هلائي ۽ چيو ته ستي هندو مذهب جو حصو نه آهي. ھڪ اھڙي رسم آھي جيڪا روايتن جي بنياد تي ھلندي اچي، ان کي مذھب جو رنگ ڏئي ھلايو پيو وڃي. 1829ع ۾ گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽڪ بنگال ۾ ستي تي مڪمل پابندي لڳائي. پوءِ هي پابندي آهستي آهستي سڄي هندستان ۾ لاڳو ٿي وئي.
جديد دور ۾ 04 سيپٽمبر 1987ع ۾ راجسٿان جي ڳوٺ ديورالا ۾ روپ ڪنور ڪيس پيش آيو، جتي هڪ نوجوان عورت کي ستي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، سو وڏي بحث جو سبب بڻيو ھو. ان کانپوءِ ھندستان ۾ ستي جي رسم خلاف وڌيڪ سخت قانون آندا ويا Sati (Prevention) Act 1987 تحت ستي ۽ ان جي واکاڻ کي به ڏوھ قرار ڏنو ويو، ان باوجود صدين کان جاري ھن ڪڌي ۽ عورت دشمن رسم جون باقيات اڄ به موجود آھن. ڪيترائي واقعا سامھون آھن، سنڌ ۾ به جڏھن ڪو ھندو مرندو آھي ته ان جي زال جي موت جي خبر به جلدي اچي ويندي آھي. ڇو ته اھڙي عورت لاءِ سماج ۾ ڪابه جاءِ نه ھجڻ ڪري اھا زندگي مان ايترو تنگ ٿي پوندي آھي جو خودڪشي ڪري مرندي آھي.
ستي جي رسم جا تاريخي ۽ مشهور واقعا: راجسٿان ۾ ڪيترائي ڀيرا جوهر ٿيو، پهريون جوهر (اجتماعي خودڪشي) 1303ع ۾ علاءُالدين خلجي جي حملي وقت راڻي پدمني ۽ ٻيون راڻيون ستيون ٿيون، اھي اجتماعي موتن جو کاج بڻيون. ٻيو جوهر 1535ع ۾ گجرات جي سلطان بهادر شاھ جي حملي وقت ٿيو جنھن ۾ هزارين راجپوت عورتون ساڙي ماريون ويون. ٽيون جوهر 1568ع ۾ اڪبر بادشاھ جي حملي دوران به ٿيو جنھن دوران عورتن جو وڏو تعداد ستي ٿيو. اڙهين صدي ۾ ئي راجا مان سنگھ جون زالون به ستيون ٿيون. منڌي جي علائقي ۾ راجا جي موت کانپوءِ ان جي ڪيترين ئي زالن ۽ رکيلن ستي جي رسم ادا ڪئي. بنگال ۾ برطانوي دور کان اڳ هر سال ستي جي رسم جا سوين واقعا ٿيندا ھئا. ڪلڪتي جي ڀرپاسي ۾ ستي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا رجسٽر ٿيا. راجسٿان ۾ 18 سالا روپ ڪنور کي سندس مڙس جي موت کانپوءِ ديورالا ڳوٺ ۾ چِتا تي ويهاري ستي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ان واقعي سڄي هندستان ۾ هنگامو مچائي ڇڏيو ھو. ان کانپوءِ ڀارت ۾ Sati (Prevention) Act 1987 پاس ٿيو، جنهن تحت نه رڳو ستي، پر ان جي واکاڻ ۽ جلوس ڪڍڻ کي به سخت ڏوھ قرار ڏنو ويو. مٿين ڪيس کانپوءِ ڪجھ علائقن ۾ اڃان تائين ڪڏهن ڪڏهن ڪوششون ٿين ٿيون ته ستي ماتا جا مندر ٺهرايا ويا، پر حڪومت اھي سڀ غير قانوني قرار ڏنا. چتوڙ ڳڙھ جا جوهر، راجپوت راڻيون، هزارن جي وڏي تعداد ۾ ماريون ويون، بنگال ۾ ستي جي عام رسم ٿي ۽ عورتون ماريون ويون.
راجا رام موهن راءِ (1772-1833ع) ستي رسم کي هندو مذهب جي تعليمات خلاف قرار ڏنو. پنهنجن ليکن ۽ تقريرن ۾ ثابت ڪيو ته ويدن ۽ شاسترن ۾ ستي جو ڪوبه حڪم نه آهي. سندس تحريڪ سبب 1829ع ۾ لارڊ وليم بينٽڪ بنگال ۾ ستي تي پابندي لڳائي. اِشوَر چندر وِديا ساگر (1820-1891) بنگال جي وڏو سماجي اڳواڻ ستي کانپوءِ بيواهه عورتن جي ٻيهر شادي لاءِ تحريڪ هلائي. سماج ۾ ستي رسم وارو خيال تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ديوان ساگر مل ۽ ٻين مقامي اڳواڻن راجسٿان ۽ مرهٽا علائقن ۾ ۽ ڪجھ ٻين مقامي اڳواڻن به ستي جي مخالفت ڪئي. خاص ڪري جتي جنگين کانپوءِ بيواھ عورتن کي زوري ساڙي ماريو ويندو ھو. برطانوي حڪمران لارڊ وليم بينٽڪ (1828-1835): 1829ع ۾”Bengal Sati Regulation Act” جاري ڪيو، جنهن تحت ستي کي قتل برابر ڏوھ قرار ڏنو ويو. پوءِ اهو قانون آهستي آهستي سڄي هندستان ۾ لاڳو ٿيو. جديد دور ۾ روپ ڪنور ڪيس (1987) کانپوءِ ڪيترين ئي عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اڳواڻن ۽ تنظيمن جهڙوڪ: مهيلا سڌار سميتي ۽ ٻيون فيمينسٽ تحريڪون ميدان ۾ آيون. ھاڻ اھو آھي ته جيڪو به ماڻهو ستي ڪرائڻ ۾ شريڪ ٿيندو، کيس قتل جهڙي سخت سزا، سزاءِ موت يا عمر قيد ٿي سگهي ٿي، جيڪي ماڻهو ستي جي موقعن تي مدد ڪندا. مثال: ڪاٺ گڏ ڪرڻ، باھ ٻارڻ، جلوس ڪڍڻ، انهن کي به ڏوهاري قرار ڏنو ويو آھي.