هن وقت وفاق خبر نٿي پوي ته ڪهڙي پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ انهن پاليسين مان ڪهڙا نتيجا حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. سنڌ ۾ عوام روڊن ۽ رستن تي نڪتل آهي ۽ سندن گُهر اها آهي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنالن ڪڍڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي جيڪو سنڌ جي سر زمين جي لاءِ موت برابر آهي. ساڃاهه وند ان جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهن، ليکڪ لکي رهيا آهن، ماهر ان جي باري ۾ تجزيه ڪري پنهنجا انگ اکر ڏئي هن وقت هلندڙ حالتن جو ۽ مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جو جائزو پيش ڪري رهيا آهن. سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. نه صرف عوام، پر سنڌ حڪومت جيڪا پيپلز پارٽي جي آهي ۽ صدر به پيپلز پارٽي جو آهي، جنهن ڇهن ڪئنالن جي ڪڍڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، پر پوءِ به عوام جي دٻاءُ تحت 25 مارچ 2025 تي پيپلز پارٽي کي به عوام جي دٻاءُ تحت روڊن ۽ رستن تي نڪري پنهنجو احتجاج ڏيکارڻو پيو ته ڏسو پ پ به ڪئنالن جي خلاف آهي، پر حقيقت ۾ عمل ۽ ڏيکاءُ ۾ وڏو فرق هوندو آهي. ۽ اڄ جو عوام هر شيءِ کان واقف آهي. سنڌ جي اهڙي صورتحال سان گڏوگڏ وفاق هڪ ٻئي صوبي ۾ به ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي ۽ خبر نٿي پوي ته هو ان صورتحال مان ڪيئن نڪرندو.
ڇو ته هن وقت بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کي 22 مارچ 2025 تي ڪوئيٽا مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن اتان جا بلوچ ماڻهو پنهنجن تشدد ٿيل ماڻهن جا لاش کڻي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هئا ۽ ماهه رنگ بلوچ به انهن احتجاج ڪندڙ مظاهرين سان گڏ ويٺل هئي ۽ کيس اتان ئي گرفتار ڪيو ويو. ماهه رنگ بلوچ مسلسل مسنگ پرسن جي معاملي تي احتجاج ڪندي رهي آهي. ڇو ته سندس والد به مسنگ پرسن ۾ شامل هو ۽ هوءَ هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندي رياست پاڪستان کان گهر ڪندي رهي آهي ته جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا وڃن ٿا انهن کي قانون جي مطابق عدالتن ۾ پيش ڪري انهن مٿان ڪيس هلائي انهن کي سزائون ڏنيون وڃن، پر رياست پنهنجي طاقت جي زور تي انهن ڪمزور ماڻهن جي آواز کي ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي. پاڪستان جو عوام پاڪستان جو خير خواهه آهي ۽ پنهنجي ملڪ کي سلامت ۽ پرامن ڏسڻ چاهي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته حڪمران جماعتون ۽ اسٽيبلشمينٽ هن وقت پنهنجي غلط پاليسين جي ڪري اڃان تائين ملڪ ۾ نه ترقيءَ جو خواب پورو ڪري سگهيون آهن ۽ نه ئي امن امان قائم ڪري سگهيون آهن. هن ملڪ ۾ چار صوبا آهن ۽ چئني صوبن کي قدرت ڪنهن نه ڪنهن وسيلي سان نوازيو آهي. سنڌ اهو صوبو آهي جتي سڀني کان وڏو وسيلو سمنڊ آهي، جيڪو سنڌ جي حصي ۾ آيو آهي، پر ان تي به وفاق جو قبضو آهي. سنڌ مان تيل ۽ گئس گهڻي مقدار ۾ نڪرن ٿا، جيڪي پوري ملڪ ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا، پر ان هوندي به سنڌ جي ماڻهوءَ کي گئس جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن وقت سنڌ جو ماڻهو پنهنجي سڀني کان وڏي قدرتي وسيلي پاڻيءَ جي بچاءُ لاءِ جيڪو سندس جياپي جو وسيلو آهي، ان تي پنجاب قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجا پنجوڙ پکيڙي ڪئنال جوڙي رهيو آهي. ٻئي پاسي بلوچستان کي قدرت وسيع ايراضي ۽ ڪيترائي معدني خزانا عطا ڪيا آهن، جنهن ۾ سون جون کاڻيون ۽ ٻيا ڪيترائي قيمتي ڌاتو اچي وڃن ٿا، ان سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترائي معدني خزانا هن زمين جي اندر دفن آهن جن جو اڃان اسان کي ڪو اندازو ئي نه آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته 1948ع کان وٺي بلوچستان جڏهن کان پاڪستان جو حصو بڻجي ويو، اڄ ڏينهن تائين بلوچستان ۾ عام ماڻهوءَ کي اها ترقي نصيب نه ٿي سگهي آهي، جيڪا سندس آئيني حق آهي. هتي سياست کي به هٿ سان پڪڙي هلايو وڃي ٿو ۽ اهي ماڻهو اسيمبلين تائين پهچي وڃن ٿا جن کي عوام چونڊيو ئي نه هوندو آهي. سچ اهو آهي ته بلوچ عوام ۽ پاڪستان ۾ قائم ٿيندڙ لڳ ڀڳ هر حڪومت جي وچ ۾ ڀروسي جو فقدان رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دشمن پاڙيسرين ان جو فائدو وٺي بلوچ نوجوانن کي دهشتگرديءَ طرف راغب ڪري هڪ اهڙي رستي تي وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جو في الحال نقصان پاڪستان ۽ بلوچ عوام کي ٿي رهيو آهي.
حالات خراب ٿيڻ کانپوءِ انهن کي درست ڪرڻ سياستدانن ۽ سياسي حڪومتن جو ڪم هوندو آهي، پر هن وقت پاڪستان ۾ جنهن طرح حڪومتن کي هلايو وڃي پيو ان تي ڪيترائي سواليه نشان اڀرن ٿا ۽ جمهوريت صرف “شوڪيس” ۾ پيل هڪ لفظ لڳي ٿو. ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو انگ بلوچ ماڻهن جو آباد آهي. جڏهن ماهه رنگ بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو ته 24 مارچ 2025 تي سول سوسائٽي ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جي ڪارڪنن طرفان پريس ڪلب اڳيان ماهه رنگ بلوچ ۽ بيبو بلوچ جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج ڪيو ويو، پر پوليس انهن مٿان لاٺي چارج ڪري سمي بلوچ سميت ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري ورتو. جنهن تي يقينن سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻ کپي ته ڇا سنڌ حڪومت هن وقت واقعي هڪ جمهوري پارٽي طور حڪومت ڪري رهي آهي يا ان جا تانا بانا ٻين قوتن سان ڳنڍيل آهن. پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکندڙ رهنما ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو هن ملڪ جي طاقتور ڌرين هٿان ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. بينظر ڀٽو هن ملڪ ۾ پنهنجي اليڪشن جي مهم هلائيندي پنهنجن ڪارڪنن سان خطاب ڪرڻ کانپوءِ هڪدم ماري وئي، پر پيپلز پارٽي هن وقت پنهنجو جمهوري ڪردار ڇڏي غير جمهوري ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڇا اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ به سنڌ جو عوام کيس موٽ ڏيندو. پيپلز پارٽي جي لاءِ اهو هڪ وڏو چئلينج هوندو.