بلاگنئون

لاڙڪاڻي جي مذهبي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ڏانهن کليل خط

منهنجا سائين: مولانا راشد محمود سومرو صاحب، مولانا ناصر محمود سومرو صاحب، سردار معظم علي خان عباسي صاحب ۽ سردار ظفر خان سانگي صاحب اوهان سڀني اڳواڻن لاڙڪاڻي جي علائقن سميت ٻين علائقن ۾ به ڪيترائي صلح ۽ ٺاهه ڪرايا آهن، ڏهه ڏهه خونن جا مسئلا به اوهان سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن حل ڪيا آهن، پر اوهان هن مهل تائين عاقل ڳوٺ لاڙڪاڻي جي سانگي برادري جو مسئلو ڇو حل ناهي ڪرايو؟ ڇا سانگي برادري اوهان جي ناهي؟ ڇا اوهان انهن جي معصوم ٻارڙن کي اسڪولن ۾ نه ٿا ڏسڻ چاهيو؟ اسان ڄاڻڻ ٿا چاهيون ته سانگي برادري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اوهان انهن جي مسئلي کي ستن سالن کان وٺي نظرنداز ڪندا پيا اچو. هونءَ ته اوهان سڀئي اڳواڻ هر جاءِ ته سنڌي قوم کي پيغام ڏيندا آهيو ته امن سان رهو ۽ پنهنجو ساٿ ڏيو ته پوءِ منهنجا سائين اوهان پنهنجي پاڙي عاقل ڳوٺ جي سانگي جو مسئلو ڇو نه ٿا حل ڪرايو؟ ۽ ڇو نه ٿا انهن جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل بچايو؟ خدا جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد ۾ ارشاد آيو آهي ته صلح ڪرايو، ٺاهه ڪرايو، جنهن ڳالهه کان اوهان سڀئي مذهبي سياسي سماجي اڳواڻ واقف آهيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان ان تي عمل الائي ڇو ناهي ڪرايو. سنڌ جا سڀئي آرٽسٽ اداڪار ساڃاهه وند امن پسند ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ اوهان لاڙڪاڻي جي وس وارن کي هٿ ٻڌي عرض ڪري رهيا آهن ته عاقل ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ ستن سالن کان سانگي برادري جي پراڻي تڪرار جو نبيرو ڪرائي امن کي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو.