حڪومت جي مڪاري کلي سامهون اچي ويئي آهي، جيڪي وزير وقت ۽ پئسو ضايع ڪري پريس ڪانفرنسون ڪندي چون پيا سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڌاڙو نه پيو لڳي ۽ ڪوبه ڪئنال نه پيو ٺهي. گذريل ڏينهن پاڻيءَ واري وزارت ليٽر ڪڍي پاڻي کوٽ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ کي سڪائڻ جو اعلان ڪري انهن سمورن وزيرن جي بيانن کي ڪوڙو قرار ڏيئي ڇڏيو جيڪي ڇهن ڪئنالن بابت قوم کي غلط بياني ڪري خوش ٿي رهيا هئا. آخر صدر زرداريءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌ کي سوڪهڙي طرف ڇو پيو ڌڪيو وڃي. سوڪھڙو، ماحوليات ۽ انساني زندگين تي اثر انداز ٿئي ٿو. ماحولياتي نظام خاص طور متاثر ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ندين، ڍنڍن ڍورن جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي ٿو، جنهن سان جانورن ۽ ٻوٽن جا نسل خطري ھيٺ اچيو وڃن. پاڻيءَ جي گھٽتائي توانائيءَ جي پيداوار کي به متاثر ڪري ٿي، جيئن هائيڊرو پاور ذريعا گهٽجڻ لڳن ٿا. هوا جي آلودگيءَ ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو، جيڪو صحت جا مسئلا وڌائي ٿو. سنڌ ۾ سوڪهڙي جي صورتحال ڪيترن ئي چيلينجن يا ڏکين حالتن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. پاڻيءَ جو بحران، فصلن جو نقصان ۽ غذائي گهٽتائي اهي اهم اثر آهن، جيڪي ھن صورتحال ڪري پيش اچي سگهن ٿا. خاص طور تي سنڌ جا اهم ترين وارياسا علائقا جھڙوڪ: ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ جابلو پٽي جھڙوڪ: ڄامشورو، دادو، ٺٽو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ننگرپارڪر سوڪهڙي کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. ڇاڪاڻ ته انھن علائقن جو لڳ ڀڳ سمورو وهنوار برساتن تي ئي دارومدار رکي ٿو. جر پڻ برساتن پوڻ ڪري ريچارج ٿئي ٿو. ان کان علاوه پاڻيءَ جي موجودگي تي انحصار رکڻ وارا سنڌ جا ڪجھه ٻيا علائقا پڻ ڳڻتي واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا، جھڙوڪ: دريائي علائقا، ڪراچيءَ جھڙي وڏي شھر تي به اثر پئجي سگھن ٿا، جنھن جو موسميات کاتي پڻ پنھنجي پڌرائيءَ ۾ واضح اشارو ڏنو آھي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي پيئڻ ۽ گھريلو استعمال جي پاڻي جو دارومدار گھڻو ڪري ڪينجھر ڍنڍ سان لاڳاپيل آھي.