بلاگنئون ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سواءِ ٻي واھ March 11, 2025 Zahida Abro حڪومت جي مڪاري کلي سامهون اچي ويئي آهي، جيڪي وزير وقت ۽ پئسو ضايع ڪري پريس ڪانفرنسون ڪندي چون پيا سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڌاڙو نه پيو لڳي ۽ ڪوبه ڪئنال نه پيو ٺهي. گذريل ڏينهن پاڻيءَ واري وزارت ليٽر ڪڍي پاڻي کوٽ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ کي سڪائڻ جو اعلان ڪري انهن سمورن وزيرن جي بيانن کي ڪوڙو قرار ڏيئي ڇڏيو جيڪي ڇهن ڪئنالن بابت قوم کي غلط بياني ڪري خوش ٿي رهيا هئا. آخر صدر زرداريءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌ کي سوڪهڙي طرف ڇو پيو ڌڪيو وڃي. سوڪھڙو، ماحوليات ۽ انساني زندگين تي اثر انداز ٿئي ٿو. ماحولياتي نظام خاص طور متاثر ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ندين، ڍنڍن ڍورن جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي ٿو، جنهن سان جانورن ۽ ٻوٽن جا نسل خطري ھيٺ اچيو وڃن. پاڻيءَ جي گھٽتائي توانائيءَ جي پيداوار کي به متاثر ڪري ٿي، جيئن هائيڊرو پاور ذريعا گهٽجڻ لڳن ٿا. هوا جي آلودگيءَ ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو، جيڪو صحت جا مسئلا وڌائي ٿو. سنڌ ۾ سوڪهڙي جي صورتحال ڪيترن ئي چيلينجن يا ڏکين حالتن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. پاڻيءَ جو بحران، فصلن جو نقصان ۽ غذائي گهٽتائي اهي اهم اثر آهن، جيڪي ھن صورتحال ڪري پيش اچي سگهن ٿا. خاص طور تي سنڌ جا اهم ترين وارياسا علائقا جھڙوڪ: ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ جابلو پٽي جھڙوڪ: ڄامشورو، دادو، ٺٽو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ننگرپارڪر سوڪهڙي کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. ڇاڪاڻ ته انھن علائقن جو لڳ ڀڳ سمورو وهنوار برساتن تي ئي دارومدار رکي ٿو. جر پڻ برساتن پوڻ ڪري ريچارج ٿئي ٿو. ان کان علاوه پاڻيءَ جي موجودگي تي انحصار رکڻ وارا سنڌ جا ڪجھه ٻيا علائقا پڻ ڳڻتي واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا، جھڙوڪ: دريائي علائقا، ڪراچيءَ جھڙي وڏي شھر تي به اثر پئجي سگھن ٿا، جنھن جو موسميات کاتي پڻ پنھنجي پڌرائيءَ ۾ واضح اشارو ڏنو آھي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي پيئڻ ۽ گھريلو استعمال جي پاڻي جو دارومدار گھڻو ڪري ڪينجھر ڍنڍ سان لاڳاپيل آھي.ظلم اهو آهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري پنهنجي دستخط سان ڪئنال پنجاب کي لکي ڏنا آهن جيڪو سنڌ سان وڏو ناحق ڪيو ويو آهي۔ هن وقت ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي سنڌ جو واحد سرمايو سنڌو درياءَ آهي، جيڪو قومَ کي پُڪاري چَئي رَهيو آهي ته جاڳو منهنجي حفاظت ڪريو، مان واڳن جي وات ۾ اچي ويو آهيان، جيڪڏهن پَنهنجي بَقا چاهيو ٿا ۽ جِيون جو جياپو چاهيو ٿا ته پوءِ تَوهان کي جدوجهد ڪري مون درياءَ بادشاهه کي بچائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي ۽ ان جُدوجَهد ۾ آخري حَد تائين وَڃڻو پَوندو. ڌارين سان وڙهڻ سولو آهي، پر پنهنجن جا منافق چهرا ۽ وار ماري وجهن ٿا. پوري قوم ڏسي چڪي آهي ته موج ڀريي مهراڻ ۾ واري پئي اڏامي ۽ اسان جا پاليسي ساز غلط پاليسيون ٺاهي سنڌ کي تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهن. سَچ پَچ ته اَسان وَٽ جيڪي تَصويرون اَچي رَهيون آهن، اُنهن مان صاف ظاهر آهي ته جيڪا صُورتحال ڪوٽڙي بئراج تي آهي، ساڳي صُورتحال سَکر بَئراج تي آهي، ۽ تَقريبن اُها ئِي صُورتحال گُڊو بئراج تي آهي. انهن ٽِنهي بئراجن تي ندي ماءُ جي ٿَڃ سُڪل ڏِسي رَهيا آهيون، سنڌ جو ٻچو ٻچو تڙپي رَهيو آهي۔ وڏو ظلم اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ان ظلم خلاف ڪُجهه ڪڇي ٿو يا احتجاج ڪري ٿو ته ان تي سنڌ پوليس لاٺي چارج ڪري مٿن تشدد ڪري ٿي، اها ساڳي پوليس ان سنڌو درياء تي پلجي ٿي۔ سرڪار جا وزير ۽ مشير ته سنڌ دشمن بڻجي پنهنجا چپ سبي ويٺا آهن پر قوم جا نوجوان جاڳن پيا. انهن جي آواز کي دٻائڻ جي جيڪا ناڪام ڪوشش ٿي رهي آهي سا هڪ ڏينهن انقلاب جي صورت ۾ ڀڙڪي اٿندي۔ يقينن هو پنهنجي مُستقبل کي مَحفوظ ڪرڻ لاءِ آواز بلند پيا ڪن جيڪو آواز ايوانن کي ڌوڏي ڇڏيندو۔ اهي نوجوان سِنڌ ۽ سِنڌين جي ويرين جا ڪَن پَڪڙي کين سنڌو درياءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ رستا روڪ ڪندا۔اها سنڌ ئي آهي ۽ اهي سنڌي ئي آهن جيڪي مُلڪ جا ٺاهيندڙ/اَڏيندڙ آهن۔ سَڀ کان پَهرين پاڪستان جي قيام جي قرارداد سنڌ مَنظور ڪَئي هُئي، ان ڪري هنن جوڌن کي ايترو تَنگ ۽ پَريشان نه ڪريو، جو عَوامي اسيمبلي سَڏائي اُها قرارداد واپس وَٺڻي پوي، ۽ پوءِ تَوهان تاريخ جي رِڻ پَٽ ۽ ريگستان ۾ دَربدر بَڻجي دُنيا ۾ ڌِڪا ٿاٻا کائيندا رَهو۔ ظاهر ڪيل نقشي ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته چولستان ڪينال وارو وڏو منصوبو جيڪو گريٽر ۽ سمالر چولستان رٿا تي ٻڌل آهي جنھن تي پنجاب جي 72 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي اهو انٽر ريور ڪينال وسيلي ستلج کان سنڌو درياھ تائين مشتمل آهي. وفاقي سرڪار ۽ واپڊا وارن ستلج تي هي هيڏو وڏو پراجيڪٽ سال 2022ع ۾ تمام وڏي ٻوڏ وارن وهڪرن کي نظر ۾ رکي ٺاهيو هو. حالانڪه ستلج جنرل ايوب انڊيا کي وڪڻي ڇڏيو ۽ ڀارت مان وڏي ٻوڏ کانسواءِ هن درياه ۾ پاڻي وهڪرو پاڪستان طرف ناهي هوندو پر انٽر رور ڪينال وسيلي سنڌو درياھ مان هي پاڻي کڻندا هي ڇھ ڪينال سڀ بنيادي طور سنڌو درياھ مان ئي آهن عالمي قانون موجب سنڌ جي مرضي کانسواءِ اهي منصوبا نٿا هلائي سگهجن، پر طاقت جي زور تي هنن ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي ارسا کان به سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سنڌو درياءَ کي ختم ڪري رهيا آهن. هاڻي خاموشي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي ۽ سَڀ گڏجي نِڪري پَئو۔ نَئين تاريخ رَقم ڪريو- هِڪ اَهڙي تاريخ، جَنهن جي بُنياد تي قومن جو ڳاٽ اُوچو ٿِيندو آهي ۽ اُهي عَظيم بُلندين کي ڇُهنديون آهن! Post Views: 40