ادبڪهاڻيوننئون

ريخته ڪھاڻي-سن سيٽ بوليوارڊ

ڪھاڻيڪار: گلزار
پوسٽ مارٽم جي وقت به ساڳيو وزيٽنگ ڪارڊ، لاش جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل ھو. ان ڏينهن به چارو، پنھنجي معمول جي مطابق صبح جو پنجين بجي اٿي وئي ھئي، پر معمول کان ٿورو وڌيڪ اتساھڪ ھئي. سدائين سٺي نموني سان تيار ٿيندي، وارن کي ڦڻي ڦوڪارو ڪندي، ٿورو غازه ھڻندي، ته جيئن چمڙيءَ ۾ سنھيون جُهريون ھئڻ جي باوجود، ڪراڙپ سبب ڦاٽل مسام نظر نه اچن. پوشاڪ ته سدائين سندس شوق ۽ سليقي جو ثبوت ڏيندي آھي.
شِوِدت کي سدائين چوندي ھئي؛ ”ڏس! اڄ به ماڻھو اسان کي ڏسندا آھن ته اک-ٽيٽ سان کسر ڦسر به ڪندا آھن. اشارا ڪندا آھن ته چارولتا پئي وڃي. پنھنجي لاءِ نه سھي، پنھنجي فينز(Fans) جي لاءِ ئي اسان کي صحيح سليقي سان رھڻ گھرجي.“
شِوِدت، سندن باورچي ھو.
ان ڏينهن صبح جو جڏھن ھو چانھ جي ٽرالي کڻي سندس سامھون آيو ته چارو، آئيني جي سامهون بيھي پاڻ سان ڪجھ ڪي ڳالھيون ڪري رھي ھئي. ٿورو شرم ۾ ٻُٽجي بيھي رھي. شِوِدت مرڪي ڏنو. ان عمر ۾ به ميڊم جي شرمائڻ واري ادا ڪمال جي ھئي. انھيءَ ادا، جوانيءَ ۾ لکين پرستارن کي ماري ڇڏيو ھو.
”شِوِدت! ڪو گوپال داس مشرا اچڻو آھي، اسان سان ملڻ. ٿورو چانھ ناشتي جو انتظام ڪري وٺجانءِ.“
”ڪير آھي؟“ ٿورو جھلي، شِوِدت پڇيس.
”ڪو رائيٽر آھي، اسان تي ڪتاب لکڻ ٿو چاھي. سندس خط آيو ھو.“
ان ڏينهن چاروءَ جي چال ۾ اتساھ، ٿورو سبيل ئي ھو. فلم انڊسٽريءَ کان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ايترن سالن پڄاڻان ڪنھن کي ھن اڪيلڙي جانِ جو خيال آيو. شروع شروع ۾ گھڻيئي جرنلسٽ ايندا ھئا، ان ڏورانھين بنگلي ۾. مھابليشور، روز روز ڪير ٿو اچي؟ ٻيو ته چارو به ڪيترا ئي سال پنھنجي ”ڪم بيڪ“ تي جيئندي رھي. پوءِ آھستي آھستي اھا اچ وڃ به گھٽجي وئي.
ٿورا عمر رسيده ڪردارن جا رول به پيش ٿيا کيس. پر وڏي عمر جا رول، چاروءَ منظور نه ڪيا. آئيني جي سامهون بيھي، کاڏي اڀي ڪري اڪثر ڏسندي ھئي پاڻ کي. ڪنڌ تي ڪو گُهنج نه ھئس. عمر جو ڪو نشان نظر نه آيو… پاڻ سان ٿورا مڪالما به ٿيا… عڪس به ٻڌايو ته ”اوھان جي عمر ٿي وئي آھي.“ اھي عڪس صرف فلمن ۾ ڳالھائيندا آھن.
ھا! ڊاڪٽر ساھنيءَ ضرور چيو ھو، پھرئين ھارٽ پرابلم کان پوءِ؛ ”ڏسو! اوھان جي دل ھاڻي ايترو سڀ سھي نه ٿي سگھي، جيترو ٻوجھ مٿس وجهو ٿا. ڪنھن ڏينھن بيٺي بيٺي فيوز اڏامي ويندو.“
”سنگھ صاحب ھجي ھا ته شايد…“
شودت خبر ڏني ته مشرا آيو آھي.
”اون؟… ھائو… مشرا؟“ انتظار جي باوجود، چارولتا، نالو ٻڌي ڇِرڪي وئي؛ ”ويھارينس! ھيٺ ھال ۾ ويھارينس…. صوفن جا غلاف لاھي ڇڏيئي نه!“
”جي ميڊم!“
”ٻيو شاندليئر؟ ٻاري ڇڏيئي؟“
شودت پنھنجا فرض خوب سمجھندو ھو. ھو اڄ به ميڊم جي ڌاڪ ڄمائي رکندو آھي، ماڻھن تي. ڪنھن قضا-نئي ڪنھن پرستار جو خط اچي ته بازار ۾ ڏھن جاين تي ان جو تذڪرو ڪندو.
چاروءَ نيڪليس پائيندي پائيندي، محسوس ڪيو ته سندس ڪنڌ ٿورڙو ٿلھو ٿي ويو آھي. گلوبند ھجي ھا ته اھا گهٽتائي به لڪي وڃي ھا. ليڪن ان کي به وڪامئي ٻه سال ٿي ويا. ٽن ھزارن جو ورتو ھو، ڪنھن زماني ۾. ھاڻ وڪيو ٽيھن ھزارن جو. سنگھ صاحب ھجي ھا ته ڪڏھن وڪڻڻ نه ڏئي ھا.
چارولتا جڏھن ڏاڪڻين تان لٿي ته بلڪل فلم جو ڪردار لڳي رھي ھئي. ھاڻي آواز ايندو؛ ”اسٽارٽ…. سائونڊ… ڪيميرا…..“
مشرا، ھال ۾ لڳل ڪن سنگ مرمر جي بوتن کي غور سان ڏسي رھيو ھو. سندس ھٿ ۾ پيڊ نما ڪاپي ھئي. جنھن ۾ شايد ڪجھ نوٽ به ڪيو ھيائين. چاروءَ کي ڏسي مشرا وڏي ادب مان نمسڪار ڪيو.
”ويھو!“
مشرا صوفي تي باادب ويھي رھيو. وڏو اثر پوندو ھو چاروءَ جي شخصيت جو. گھڻي دير تائين مشرا جي واتان ڪو اکر نه نڪتو. سينگاري ٺاھي شودت، چانھ جي ٽرالي کڻي آيو. ٻن پليٽن ۾ ٿورو مٺو، ٿورو نميڪن. چاروءَ چانھ ٺاھي.
”منھنجي ايڊريس ڪنھن کان مليوَ؟“
”ڳوئل صاحب ڏني! اوھان جو مينيجر آھي نه بمبئيءَ ۾.“
”ھا.. تمام ڀلو ماڻھو آھي ڳوئل… گھڻا سال منھنجو ڪم سنڀاليو آھي ان. ھاڻ به اھو ئي ديک ڀال ڪندو رھندو آھي… چانھ وٺو…!“
وري ھڪڙو وقفو، پوندي وچئون گذري ويو. چاروءَ پاڻ ئي ڳالھ چوري… ”مان گھڻي اڪيلائي پسند آھيان. گھڻو ڪم ڪرڻ به ھرگز پسند نه ھو. ان وقت به گھڻيون فلمون ڪو نه ڪيون، جڏھن ڏينھن رات پروڊيوسرن جي لانڍ لڳل ھوندي ھئي. بس ڀڄي اچي ھتي لڪندي ھئس.“
”مان اوھان جو گھر ڏسي سگھان ٿو؟“
”ھا! ڇو نه! اچو..“
چارو، کيس ساڻ وٺي سنگ مرمر جي بوتن وٽ بيٺي. ”اٽليءَ کان آندي ھئم، ھيءَ جوڙي. وڏي ڏکيائي ٿي ھئي، انھن کي صحيح سلامت ھتي آڻڻ ۾. ڪيترا سال ته اھي منھنجي بمبئيءَ واري گھر ۾ پيا ھئا. اوھان ته اھو نه ڏٺو ھوندو؟“
”نه!“ ڏاڍو مختصر جواب. پر مُسڪراھٽ گھڻي ڊگھي ھئس.
ورانڊي مان لنگھندي، چاروءَ ٻڌايس؛ ”وڏي شوق مان ھيءُ گھر جوڙايو ھو اسان. سنگھ صاحب سان وڏا جھيڙا ٿيندا ھئا تڏھن. ڪڏھن پٿر جي چونڊ تي، ڪڏھن ڪاٺيءَ جي سليڪشن تي. ھيءُ ٽائلون، سنگھ صاحب، بئنگلور مان آنديون ھيون. گھر جو نالو مون انگريزي فلم تان رکيو ھو (Sun set Boulevard) ۽ ھيءُ…. ھيءُ پڃرو… جنھن ۾ ڪو به پکي نه رکيو اسان، خبر ناھي ڇو کڻائي آيا ھئاسين ھڪڙي ڏينھن اھو….“ وري زور زور سان ٽھڪ ڏيڻ لڳي، ڄڻ ڪو سين ڪندي ھجي. ھڪ دفعو ته شودت به ٻاھر ليئو پائي ڏٺو. ائين کلندي ته ڪڏھن ڪو نه ڏٺو ھو ميڊم کي. ھا اھو زمانو ھو جڏھن نور ۽ نيلو اينديون ھيون. سندس دؤر جون ھيروئنيون.
چارو ڏاڪڻين تي چڙھندي چئي رھي ھئي..؛ ”بس اھو چوندي ھئس؛ مون کي ئي قيد ڪر ان پڃري ۾…. چوندو ھو؛ اھو به سنگ مرمر جو ٺھرائڻو پوندو… سنگ مرمر ڏاڍو پسند آھي، مون کي. مٿس اگھاڙين پيرين ھلڻ ڏاڍو وڻندو آھي، مون کي. سنگھ صاحب کي به…. ھيءُ سندس پورٽريٽ آھي.“
اھا قد آدم تصوير ھئي، سنگھ صاحب جي. مٿئين ورانڊي ۾ لڳل. ٻنھي پاسن کان شمعدان. شودت شمعون ٻاري ڇڏيون ھيون. کيس خبر ھئي ته ميڊم اتي ضرور ويندي.
چپ چاپ ڪا گھڙي ته ٽڪ ٻڌي ھوءَ سنگھ صاحب جي چھري کي ڏسندي رھي. پوءِ آھستي آھستي ڇلڪندڙ نيڻ اگھيائين ۽ ڪنڌ جھڪائي مُڙي وئي.
مشرا، پويان پويان ھلي رھيو ھئس ۽ ھوءَ چئي رھي ھئي؛ ”تمام ننڍڙي ھئي اسان جي شادي شده زندگي. صرف ٽي سال، چار مھينا ۽ ارڙھن ڏينھن.“
ھڪ دفعو وري ھن سُڏڪو ڀريو.
شودت، ھال مان ٽرالي ھٽائي چڪو ھو.
پان جي لاءِ ھڪ ڀيرو چاروءَ آواز ڏنس. جواب نه آيو ته سمجھي وئي، ٻاھر ويو ھوندو باغ ۾. اھو ماٺ وارو وقفو کيس ڀلو نه لڳي رھيو ھو. مڙي مڙي مشرا کي چيائين؛ ”اوھان کي ڪجھ پڇڻو آھي؟“
”ھن گھر جي ايراضي گھڻي ٿيندي؟“
چاروءَ ٿورو ڳڱاٽيل اکين سان ڏٺو، مشرا ڏانھن… ”ايراضي؟“
”ٻيو تعمير ٿيل ايريا؟“
چارو، ٿورو وسامي وئي… ”ڳوئل کي خبر ھوندي.“
”ڪا ڳالھ ناھي. مان ڳوئل کان ئي پڇي وٺندم.“ مشرا اٿي بيٺو.
چارولتا، صوفي جي ٻانھن تي پورو زور ڏئي اٿي بيھي رھي؛ ”اوھان کي ڳوئل ڇا لاءِ موڪليو ھو؟“
”ھيءُ گھر ڏسڻ لاءِ چيو ھيائين. شايد جلد ئي وڪڻڻو پوي. ڏسي ڇڏ! ڪو گراھڪ تيار ٿي وڃي ته…“
”اوھان جو نالو؟“ چارولتا وڏي ترش لھجي ۾ پڇيس.
”ڌيرج مشرا! پراپرٽي بروڪر آھيان. پراپرٽي وڪڻڻ ۽ وٺڻ جي دلالي ڪندو آھيان….“ ان پنھنجو ڪارڊ، اڳيئون ڪيو.
اچانڪ ھن جو چھرو ڳاڙھو لال ٿي ويو. ھڪڙو دفعو رڙيون ڪرڻ چاھيائين، پر آواز چٽو نه نڪتس، صرف ھٿ جي جھٽڪي سان کيس ٻاھر وڃڻ جو اشارو ڪيائين.
بروڪر صفائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ”ڏسو! ڳوئل صاحب، اوھان سان ڳالھائڻ کان روڪيو ھو. چيو ھيائين ته شايد اوھان کي…“
”گيٽ آئوٽ…..“ ھن دفعي چارولتا کان رڙ نڪري وئي، پر آواز گهوگهروٿي بيھجي ويس.
بروڪر گھٻرائجي، ٿڏي تي ھليو ويو.
ڪارڊ، ھٿ ۾ وٺيو، چارولتا کيس ٻاھر نڪرڻ تائين، ڏسندي رھي. مڙي ڏاڪڻيون چڙھندي چڙھندي، ھوءَ ٿاٻڙجڻ لڳي… دل جو دؤرو پيس ۽….
پوسٽ مارٽم جي وقت به ساڳيو وزيٽنگ ڪارڊ، لاش جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل ھو.
(دھوان تان ترجمو ڪري کنيل)
***