اسان جي معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت، ٻار ۽ ٽرانس جينڊر يا وري کدڙا فقير ڀوڳين ٿا. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ نه هڪٻئي جي لاءِ عزت ۽ نه ئي برداشت جو جذبو موجود آهي. جنهن جي ڪري ڏٺو وڃي ته هر روز ڪيتريون ئي عورتون قتل ٿين ٿيون، انهن سان ڏاڍائيون ڪري انهن کي خاموش ڪرايو وڃي ٿو، ٻار پنهنجن گهرن ۾ غير محفوظ آهن يا وري مسجدن ۽ مدرسن ۾ به ٻارن سان ڏاڍائيون ڪري انهن کي ماريو وڃي ٿو.
هاڻي اهو سڀ ڪجهه ايترو ته عام ٿي ويو آهي جو ٻڌڻ وارن جي ڪنن تي جڏهن ڪا خبر پهچي ٿي ته اسان ان لاءِ اهو احساس محسوس نٿا ڪريون، جيڪا خبر اسان کي لوڏي ڇڏي، پر اسان اهڙيون خبرون ٻڌي اڳتي وڌي وڃون ٿا. اهو آهي اسان جو سماج جنهن ۾ اسان زنده آهيون. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان چڪر ۾ اسان مان به ڪو ڦاسي سگهي ٿو ۽ خدا نه ڪري ته ائين ٿئي، پر عام گهرن مان ڪوبه فرد، ڪابه عورت، ڪوبه ٻار يا فطري طور تي اڻ مڪمل جينڊر جنهن کي اسان کدڙو فقير چئون ٿا، پيدا ٿيل ٻار يا نوجوان ان چڪر ۾ ڦاسي پنهنجي جان وڃائي سگهي ٿو.
ڪراچيءَ جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ ٽن کدڙن فقيرن جي قتل جو مقدمو درج ڪرايو ويو آهي. 21 سيپٽمبر 2025 تي ٽن کدڙن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جن جا لاش ميمڻ ڳوٺ ۾ سپر هاءِ وي تان هٿ آيا، جن جي قتل جو مقدمو شق 302 تحت سندن گرو ظفر جي مدعيت ۾ نامعلوم قاتلن خلاف درج ڪيو ويو آهي. گرو ظفر پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته اهي کدڙا فقير هڪ ئي علائقي ۾ مختلف ڪمرن ۾ رهن ٿا، کين انهن قتل ٿيندڙ ٽن ماڻهن جي باري ۾ ڪنهن واٽس ايپ تي اطلاع ڏنو.
قتل ٿيڻ وارن ۾ ايلڪس، جيئل ۽ اسما شامل آهن. سندن قاتلن جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ نه ئي سندن قتل ٿيڻ جا سبب اڃان تائين واضح ٿي سگهيا آهن. پوليس جي مطابق هن قتل کي هاءِ پروفائل ڪيس جي طور تي ڏٺو پيو وڃي ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن. ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادي ٻڌايو ته ٻن فقيرن کي سيني ۾ جڏهن ته هڪ کي مٿي ۾ گولي هنئي وئي ۽ اتان نائن ايم ايم جا ٻه خول مليا آهن. ڪرائيم جي جڳهه تي ڪابه ڪئمرا لڳل ناهي.
اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته ٽي معصوم انسان جيڪي زندگيءَ جي وهڪري ۾ محروم انسانن وانگر زندگي گذاري رهيا هئا، پنهنجن گهر وارن کان ڌار، کدڙن جي مڙهي ۾ رهيل هئا. سماج جو رويو هنن سان هميشه نفرت جوڳو رهيو، هيءَ ڪميونٽي انسان هوندي به جانورن کان بدتر زندگي گذاري ٿي. جڏهن ته سندن پيدائش ۽ ان جسماني نقص جي هجڻ ۾ سندن ڪوبه هٿ نه هوندو آهي، پر ان جي باوجود به سماج انهن کي ان ڪمزوري جي سزا سنئين سڌي معاشي تنگي، غير محفوظ حالتن ۽ نفرت جي صورت ۾ ڏيندو آهي.
انهن ماڻهن جي لاءِ اسان مان ڪنهن جي به اکين ۾ ڪڏهن به عزت ناهي هوندي ۽ نه ئي واري اسان انهن تي رحم ڪندا آهيون. اسين کين خواجه سرا، کدڙو، هيجڙو، ڇڪو جهڙا توهين آميز لفظ چئي سندن دل آزاري ڪندا رهندا آهيون. اسان جيڪي پنهنجو پاڻ کي مڪمل انسان سمجهون ٿا اتي کين رهڻ ناهيون ڏيندا ۽ انهن کي اسان زندگيءَ کان ڌار ڪري مڙهين ۾ رهڻ جي لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. کين اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مسجدن، امام بارگاهن، اسپتالن ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي، ڇو جو اسان انهن کي انسان تصور نٿا ڪريون.
سماج ته سماج آهي، پر استحصال جي حد ايتري آهي جو ان قسم جو محروم ٻار جيڪو ان نقص سان پيدا ٿئي ٿو ته والدين به بدناميءَ جي ڊپ کان پنهنجن ٻارن کي انهن خواجه سرائن جي گروئن جي حوالي ڪري پنهنجي جان آجي ڪن ٿا. جيڪڏهن والدين همت ڪري پنهنجي ٻار کي پنهنجن گهرن ۾ پالڻ جي لاءِ دل وڏي ڪن ٿا ته اسڪول کان وٺي انهن ٻارن جي زندگيءَ کي نشانو بڻايو ٿو وڃي ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي نظرن ۾ ذليل ڪري سماج کان لڪڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي ۽ مجبوري طور کين اهو پيشو اختيار ڪرڻو ٿو پوي جنهن کي جنسي ڪاروبار سڏجي ٿو ۽ پوءِ اسين اهي ئي ساڳيا ماڻهو جيڪي کين ان زندگيءَ ڏانهن ڌڪو ڏئي اها زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيون ٿا، انهن کان نفرت به ڪندا آهيون.
سماج اسان جي قانونن ۽ اصولن جو مجموعو آهي. سڀ کان وڏو ڪردار رياست، حڪومتون ۽ قانون ساز اسيمبليون ادا ڪري سگهن ٿيون. ان قسم جي ماڻهن کي ٻين ملڪن ۾ پاڻ کان ڌار ڪرڻ بجاءِ انهن کي مختلف شعبن ۾ تربيت ڏئي باعزت روزگار فراهم ڪيو وڃي ٿو، پر اسان جي ملڪ ۾ ان جي ابتڙ کين سماج کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. جيستائين حڪومت انهن خواجه سرائن يا جنسي طور تي اڻ مڪمل انسانن جي عزت ۽ احترام جي لاءِ ڪا قانون سازي نه ڪندي ۽ انهن کي آئيسوليٽ ڪرڻ وارن کي سزائون نه ڏنيون وينديون تيستائين انهن کي باعزت زندگي ملڻ هڪ خواب ئي رهجي ويندو.
اهڙن ٻارن جي ڊيٽا جي مطابق اسڪولن ۾ خاص سهولتون ڏئي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو وڃي، انهن جي لاءِ خاص ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، ڪمپيوٽر ڪورسز، بيوٽي پارلر، ميوزڪ، ڊانس جا ڪورسز ڪرايا وڃن ته جيئن اهي پنهنجي شوق جي مطابق مختلف شعبن ۾ وڃي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري عزت واري زندگي گذاري سگهن. ان کان علاوه اهڙن ماڻهن کي سرڪار کي گهرجي ته نفسياتي مدد ڏئي انهن جي ڪائونسلنگ ڪري انهن کي نارمل زندگيءَ طرف وٺي اچي.
ان کان علاوه هن وقت جيڪي غير محفوظ طريقي سان ماڻهو رهائش پذير آهن انهن جي لاءِ حڪومت کي گهرجي ته انهن جي تحفظ جي لاءِ ڪو قانون تيار ڪري. اسان جي قانون ۾ ٽرانس جينڊر پرسن، پروٽيڪشن آف رائيٽ ايڪٽ 2018 موجود آهي، پر ان تي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ڇو ته اهڙا ماڻهو هر وقت کلئي عام پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي ٻاهر روڊن ۽ رستن تي هلن ٿا.
پاڪستان حڪومت جو اهو تمام احسن قدم آهي جو 2017 کان پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ فارم ۾ ٽين جنس (X) جو آپشن متعارف ڪرايو ويو آهي. ٽين جنس سان تعلق رکندڙ شهري قانوني طور تي ايڪس جينڊر سان پاسپورٽ حاصل ڪري سگهن ٿا، پر اڃان تائين به اسان جي ادارن ۾ اسٽاف کي تربيت نه هجڻ جي ڪري يا بي خبري جي ڪري ان ڳالهه جو احساس نٿو رهي ته انهن سان ڪهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ انهن کي اڃان تائين ڌڪار، مذاق يا بيعزتي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بهرحال انهن ٽن کدڙن فقيرن جي قتل جو ڪيس درج ٿي چڪو آهي، هاڻي اهو سنڌ پوليس جي لاءِ هڪڙو چئلينج آهي ته هو قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي تائين ڪيئن ٿي پهچائي ۽ سماج جي لاءِ به هڪ وڏو چئلينج آهي ته هن مجبور ڪميونٽي کي پاڻ سان گڏ باعزت طريقي سان ڪيئن گڏ کڻي هلي سگهي ٿو.