ڪڏهن اوهان اهو محسوس ڪيو آهي ته گهڻو سياڻو ٿيڻ ڪڏهن ڪڏهن سزا ڇو محسوس ٿيندي آهي؟ گهڻو ڪري حقيقي ڏاها ماڻهو پاڻ کي اڪيلو سمجهن ٿا. جڏهن ته معمولي ۽ وچولي ڏاهپ جا ماڻهو سماجي زندگي گهڻي بهتر نموني گهارين ٿا. ان سوال جو جواب فلسفي آرٿر شوپن هاور صديون اڳ ئي ڏئي ڇڏيو هو، جنهن کي اڄ جي جديد سائنس به ثابت ڪري رهي آهي. شوپن هاور جنهن کي تاريخ جو سڀ کان ڪڙو ڪسارو مگر سچو فلسفي سڏيو وڃي ٿو. هن چيو هو ته “ڏاهپ هڪ آئيني جيان آهي، جيڪا سامهون واري کي ان جو سچ ڏيکاري ڇڏي ٿي، يعني سچ به اهڙو جنهن کي هو پاڻ به ڏسڻ نٿو چاهي”
ماڻهن جو خيال آهي ته ڏاها فرد ان ڪري اڪيلا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سماجي طور تي ويڳاڻا هوندا آهن. ليڪن شوپن هاور ان ڳالھه کي وڌيڪ ڳوڙهائي سان سمجهيو. هن چيو ته ڪنهن ڏاهي انسان کي وڌيڪ يا گهڻي ڳالهائڻ جي ضرورت نٿي پئي. ان جي موجودگي ئي ڪافي هوندي آهي. هو بس ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ باقي ماڻهو پاڻهي پاڻ بي آرام ٿي وڃن ٿا، ڄڻ ڪنهن انهن جي اندر واري حقيقت کي کولي وڌو هجي. حقيقت اها آهي ته ڪوبه پنهنجو سچ ڏسڻ نٿو چاهي. جڏهن پئسو هوندو آهي ته ماڻهو جهڪندا آهن. خوبصورتي تي ماڻهو مرندا آهن. طاقت کي ماڻهو عزت ڏيندا آهن، پر ڏاهپ کان ماڻهو سڙن ٿا، پر اهو حسد اهي ڪنهن کي به ٻڌائين نٿا بلڪه پاڻ کان به لڪائي رکن ٿا.
شوپن هاور ڏٺو ته اهو هڪ اهڙو نمونو آهي، جيڪو بار بار ورجايو وڃي ٿو، جيترو ڪو شخص ڳوڙهائي ۾ سوچي ٿو. ماڻهو ان کي سهڻي نموني سان سائيڊ لائين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هو بدتميز ناهي هوندو نه ئي انا ڏيکاري ٿو. پوءِ به ان جي موجودگي کان ماڻهو پاڻ کي ننڍو محسوس ڪرڻ لڳن ٿا.
جديد سائنس جي مطابق اڄ جي سوشل سائيڪالوجي ۽ برين ريسرچ شوپن هاور جي ڳالهين جي تصديق ڪري رهي آهي. مطالعو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن کان گهٽ ڏاهو محسوس ڪري ٿو ته ان جي دماغ جا اهي ئي حصا فعال هوندا آهن، جيڪي جسم جي ڪنهن حصي ۾ سور جي صورت ۾ هوندا آهن. يعني جڏهن ڪو چوي ٿو ته “هن منهنجي انا کي نقصان پهچايو” ته اها محض هڪ ڳالهه ناهي هوندي. بلڪه دماغي سطح تي اهو لفظي طور تي“درد” هوندو آهي. 2012ع ۾ ٿيل هڪ تحقيق اهو ٻڌايو ته جڏهن اسان ڪنهن نهايت هوشيار شخص جي سامهون هوندا آهيون ته اسان جو دماغ ان کي “خطري” جيان پروسيس ڪري ٿو. دماغ ۾ هڪ حصو جنهن کي “اميگڊالاamygdala” چئجي ٿو، خطري جي گهنٽي وڄائي ٿو. جڏهن سامهون ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو چٽي نموني اسان کان وڌيڪ ڏاهو هجي ته اميگڊالا فورن فعال ٿي وڃي ٿو. ڄڻ ته حقيقي خطرو اچي ويو هجي، ان ڪري ماڻهو بنا سوچ سمجهه جي دفاعي ٿي وڃن ٿا. اسٽينوفرڊ جي هڪ ٻي تحقيق جي مطابق جيڪڏهن اوهان ان ڏاهي شخص سان اڪيلا آهيو ته اهو رد عمل هلڪو ٿئي ٿو، پر جيئن ئي ڪمري ۾ وڌيڪ ماڻهو اچي وڃن ته اها “انا” وڌيڪ جاڳي پوي ٿي. ڇو ته انسان اڪيلي جي بجاءِ عوامي طور تي پنهنجو اسٽيس بچائڻ چاهي ٿو. شوپن هاور ته اهو به سمجهيو ته اهي صرف خودڪار عمل ناهن. انسان ان کي شعوري طور تي به برداشت ڪري ٿو ۽ اتان کان ئي هڪ وڏو ڪڙو سچ سامهون اچي ٿو. ماڻهو ڪنهن ذهين شخص کان ائين ئي ساڙ نٿا ڪن. ڏاهپ هڪ پاڻ ئيemotional trigger بڻجي وڃي ٿي. اها انسان جي اندر کي ڪجھه اهڙو ئي چيڙائي ڇڏي ٿي، جنهن کي اهي پاڻ کان به لڪائي رکن ٿا. جڏهن ڪو ڏاهو شخص ڪنهن ڳالھه ٻولھه ۾ شامل ٿئي ٿو ته سڀ ماڻهو پاڻهي پاڻ پنهنجو موازنو ڪرڻ لڳن ٿا. چاهي اهي ائين ڪرڻ چاهين يا نه چاهين. اڪثر ته بس ان جي خاموش موجودگي ئي ماڻهن کي اها محسوس ڪرائي ٿي ته ڄڻ هو انهن کي جج ڪري رهيو هجي. سڀ کان وڏي ستم ظريفي اها آهي ته جيترو شخص سچ ۾ سياڻو هوندو، اهو اوترو ئي ٻين کي گهٽ جج ڪندو.
شوپن هاور اهو به ڏٺو ته ڏاهپ مردن ۽ عورتن ٻنهي جي لاءِ رد هئڻ جو سبب بڻجي ٿي، پر ٻنهي جي لاءِ اهو رد عمل مختلف طريقن کان ظاهر ٿئي ٿو. ڏاهن مردن کي يا ته مقابلو ملي ٿو يا انهن کي هوريان هوريان گروپ کان ڪڍيو وڃي ٿو، پر سياڻين عورتن جي لاءِ رد عمل هڪ ٻي سطح جي ڇڪتاڻ بڻجي وڃي ٿو. جنهن کي شوپن هاور “ڊبل بائنڊ“Double bind سڏيو. انهن کي صرف سمجهدار هئڻ جي نه بلڪه ان “ناقابل ديد سماجي قيد” کي ٽوڙڻ جي به سزا ملي ٿي، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي ته “هڪ عورت کي ائين هئڻ گهرجي. معاشرو انهن کي هڪ چونڊ ڏئي ٿو: “پسنديده” بڻجو يا “احترام جي قابل” عورتن جي خوبصورتي کي کليل نموني ساراهيو وڃي ٿو، مگر انهن جي ڏاهپ کي نه، شوپن هاور هڪ دردناڪ سچ چيو هو ته جيڪڏهن ڪا عورت خوبصورت به آهي ۽ ڏاهي به ته اهي ٻئي خاصيتون ملي ڪري هن کي اڃان به وڌيڪ اڪيلو ڪري ڇڏين ٿيون. ڇو ته خوبصورتي ماڻهن جو مٿاڇرو ڌيان ڇڪائي ٿي، پر ڏاهپ اتان کان ئي ماڻهن کي ڏور به ڪري ڇڏي ٿي.
جديد تحقيق به اهوئي ڏيکاري رهي آهي. ڏاهيون عورتون اڪثر پنهنجين صلاحيتن کي لڪائي ڇڏين ٿيون، خاص ڪري سماجي محفلن ۾ ڇو ته انهن تي اهڙو پريشر هوندو آهي، جيڪو مردن تي ناهي هوندو. نفسيات جا ماهر ان کي “ڪمپيٽنس لائيڪيبلٽي ٽريڊ آف”Competence-Likability Trade-off سڏين ٿا. يعني جيتري عورت وڌيڪ سمارٽ يا نظر جي قابل نظر ايندي ايتري گهٽ پسنديده سمجهي وڃي ٿي.
شوپن هاور چٽو ڪيو ته وچولائپ ماڻهن کي ڪچو آرام ڏئي ٿي. اهو هڪ گرم ڪمبل جيان آهي، جيڪو اهو احساس ڏياري ٿو. وچولي سوچ رکڻ وارا ماڻهو ڪڏهن ڪنهن جي انا کي نقصان نٿا رسائين ۽ نه ئي اهو سوال اٿارين ٿا ته “شايد توکي به ٿورو وڌيڪ پڙهڻ گهرجي” بلڪه اهي اوهان کي هن ڳالھه جي تصديق ڏين ٿا ته اوهان جي سوچ به ڪافي آهي.
جڏهن اوهان ڪنهن عام گروپ جي ڳالھه ٻولھه ٻڌو ٿا ته موضوع ڪهڙا هوندا آهن؟ سادڙيون ڳالهيون، کل ڀوڳ، ڪجهه به ائين ناهي جيڪو ٿوري گهري سوچ ڏيکاري، ڇو ته سطحي ڳالهه ٻولھه ئي آرام ڏيندڙ هوندي آهي، پر جيئن ئي ڪو شخص ڳوڙهي يا ڏکي ڳالهه ڪري ٿو، ڪمري ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي ۽ ماحول ڳرو ٿي وڃي ٿو. شوپن هاور اهو پيٽرن هر شعبي ۾ ڏٺو هو. وچولي درجي جو فنڪار گيلري ۾ ڏيک ڏئي ٿو، پر ڪمال ڀريو فنڪار ٻاهر بيٺو هوندو آهي. عام مصنف ٽاپ سيلر بڻجي وڃي ٿو، پر ڳوڙهو مفڪر اڻ پڙهيل رهجي وڃي ٿو. ائين ان لاءِ آهي ته ماڻهو فرق نٿا سمجهي سگهن. بلڪه ان لاءِ ته وچولائپ ڪڏهن ڪنهن جي حقيقت کي چئلينج نٿي ڪري. جڏهن ته ڏاهپ ڪري ٿي. ڏاهپ اهو آئينو آهي جيڪو ياد ڏياري ٿو ته “تون به ٿورو وڌيڪ سوچي ٿو سگهين، مگر توکي آسان رستو گهربو هو.
اڄ به دنيا ۾ شوپن هاور جا سمورا پيٽرن نون نالن سان ورجايا پيا وڃن. ورڪ پليس ۾ “ڪلچر فٽ” ۽ “ايموشنل انٽيليجنس” جهڙا نالا استعمال ٿين ٿا، پر “ناٽ اي ڪلچر فٽ” جو اصل مطلب اڪثر اهو هوندو آهي ته هو شخص ٻين کي بي آرام ڪري ڇڏي ٿو. سماجي ميڊيا تي به ڳوڙهيون ڳالهيون اڪثر نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون ۽ سادڙيون ها ۾ ها ملائڻ واريون شيون وائرل ڪيون وڃن ٿيون. ڇو ته ڳوڙهائي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ سوچڻ سان بي آرامي پيدا ٿئي ٿي.
انهن سمورن پيٽرن ۾ سڀ کان عجيب ڳالھه اها آهي ته معاشري کي ڏاهپ به گهرجي ۽ ان کان وڌيڪ ڊپ به لڳي ٿو. شوپن هاور ان کي “خاص سماجي ٽڪراءَ” سڏيو هو. هر معاشرو پنهنجي دور جي وڏن ۽ عظيم فردن کي انهن جي مرڻ کانپوءِ ساراهي ٿو. نيوٽن، آئن اسٽائن، ڪيوري کي اڄ عزت جي بلندين تي رکيو وڃي ٿو، پر جڏهن اهي زنده هئا ته نيوٽن اڪيلو رهندو هو. آئن اسٽائن کي هن جا استاد “بيوقوف” چوندا هئا ۽ ڪيوري کي سڄي سائنسي دنيا رد ڪري ڇڏيو هو. اهو ٽڪراءَ هرهنڌ ڏيک ڏيئي ٿو. ڪمپنيون چون ٿيون ته انهن کي جدت گهرجي، پر جيئن ئي ڪو نظام کي چئلينج ڪري ٿو، ان کي سائيڊ تي ڪيو وڃي ٿو.
هاڻي سوال اهو آهي ته ڏاهپ کي ڪيئن نيويگيٽ ڪيون؟ پر ان پيٽرن کي سمجهڻ جو مطلب اهو ناهي ته اوهان کي سدائين اڪيلو محسوس ڪرڻو پوندو. شوپن هاور صرف مسئلو نه ٻڌائي رهيو هو، بلڪه هو اوهان کي هڪ طريقو به ڏيکاري رهيو هو.
سمجهو ته اوهان غلط ناهيو: جيڪڏهن اوهان ڏاها آهيو ته اوهان ڪا غلطي ناهيو ڪري رهيا. ماڻهن جو رد عمل اوهان سان ناهي هوندو. اهو بس هڪ قدرتي سماجي پيٽرن آهي. اها ڳالھه سمجهڻ سان ئي ڪيترو ئي ذهني ٻوجھه لهي وڃي ٿو.
هر ڪمري کي پڙهڻ سکو: هرهنڌ ڳوڙهين ڳالهين ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي. پنهنجي سڀ کان ڏکي سوچ انهن کي ڏيو، جيڪو ان جي سچ ۾ سمجھه ۽ ساراھه ڪري سگهي.
تاريخ جي ڪن سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ذهنن به ائين ئي ڪيو. رچرڊ فائن مين جهڙي طبعيات جي ڏاهي ڏکين شين کي ايتري سادي ۽ فهم جي لائق انداز ۾ سمجهايو ته ٻڌڻ وارو حيران ٿي وڃي منجهي نه. ايڊا لويس “سوشل ليبارٽريز” ٺاهيون، جتي سوچڻ وارا ماڻهو کلي ڪري ڳالھه ٻولھه ڪري سگهن ۽ ٻين کي به خوشي محسوس ڪرائين. بينجمن فرينڪلن هڪ عظيم مفڪر هئڻ جي باوجود سدائين پاڻ کي سکڻ وارن جي طرز تي پيش ڪندو هو ۽ پنهنجين ڳالهين کي نصيحت يا سوال جيان رکندو هو ته جيئن ٻڌڻ واري کي برابري جو حصو محسوس ٿئي نه ئي ڪا برتري محسوس ٿئي.
آخر ۾ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ڏاهي هئڻ جو مطلب اڪيلو هئڻ ناهي. شوپن هاور اهي ڳالهيون اوهان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ نه چيون هيون. بلڪه حقيقت ٻڌائي هئي ته جيئن اوهان ان کي سمجهي سمارٽ طريقي سان زندگي گهاري سگهو. پنهنجي ڏاهپ کي لڪائڻو به ناهي ۽ نه ئي وچولي بنجڻ جي اداڪاري ڪرڻي آهي. خاص ڳالھه اها آهي ته اوهان انهن سماجي نموني کي سمجهو ۽ انهن سان وڙهڻ جي بجاءِ انهن ۾ پنهنجي طريقي سان رستون ڳولهيون.
معاشرو چاهي ڪيترو ئي ڏاهن دماغن کان ڇو نه ڊڄي، پر انهن کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت به انهن جي ئي پوندي يا ٿيندي آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته هر وڏي تبديلي سدائين اهڙي شخص کان آئي آهي جنهن گهرائيءَ ۾ سوچيو، چٽو لکيو ۽ سچ ۾ ڏاهي بنجڻ جي همت رکي. انڪري ٻيهر جيڪڏهن اوهان محسوس ڪيو ته ماڻهو اوهان جي سوچ کان بي آرام ٿي رهيا آهن ته اوهان غلط نه ڪري رهيا آهيو. بس اوهان هڪ آئينو کنيو بيٺا آهيو ۽ ان آئيني ۾ ماڻهو ڇا ڏسن ٿا يا ڪهڙو رد عمل ڏين ٿا، اها اوهان جي ذميواري ناهي.