پوري دنيا سمجهي چڪي آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، تڪرار چاهي ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي، پر ان جي حل لاءِ پرامن ڪوشش ڪئي وڃي ان ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آهي. ان عمل سان ترقيءَ جون راهون کلنديون ۽ خوشحالي ايندي، پر اسان گذريل 78 سالن ۾ ان طرف ڌيان نه ڏنو آهي، جنهنڪري پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل به نه رهيا آهيون، سدائين سياسي سببن جي بنياد تي ٻڏتر جو شڪار رهيا آهيون. ملڪ وٽ سمورا وسيلا موجود هوندي به محتاجيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ڪڏهن آءِ ايم ايف ته ڪڏهن وري ٻين ملڪن جي ادارن ڏي واجهائي رهيا آهيون ته ڪو اسان جي مدد ڪري، اسان هن مهل تائين وسيلا، وقت ۽ توانائي ضايع ڪئي آهي. سمورن شعبن ۾ ڪرپشن کي هٿي وٺرائڻ ۾ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جيڪا هر شعبي جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. ڪرپشن کي روڪڻ وارن ادارن ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي، ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو ۽ ملڪ کوکلو بڻجي ويو. هن وقت ملڪ جنگي حالتن مان گذري رهيو آهي، توڙي جو سيز فائر جو اعلان ڪو ويو آهي، پر اڃان به خطرو برقرار آهي هونئن ته امن بهتر آهي، پر جڏهن جنگ اڻٽر هجي ته جنگ ڪرڻ گهرجي. بلڪه پوئتي هٽڻ دشمن کي ڪمزوري ڏيکارڻ برابر آهي. بدر جي جنگ جو مثال اسان جي سامهون آهي، 313 گڏجي ٽي ڀيرا وڌيڪ هٿياربندن کي شڪست سان همڪنار ڪرڻ اسان لاءِ نمونو آهي. تازو ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، اهو حملو هڪ آزاد پرامن ۽ ايٽمي رياست تي ڪيو ويو. ڪابه رياست اهڙي عمل کي برداشت نه ڪندي آهي ۽ ان جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. پاڪستان به جيڪو فوري طور تي ڀارت کي جواب ڏنو، اهو هڪ بهترين ۽ مثالي جواب هو. پاڪستان جوابي حملي کي بنيان المرصوص قرار ڏنو. بنيان المرصوص جو مطلب آهي رڪ جي ديوار. قرآن پاڪ ۾ مجاهدن جو ذڪر انهن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي ته: “الله تعاليٰ انهن سان محبت ڪندو آهي جيڪي سندس راهه ۾ وڙهندا آهن ڄڻ ته اهي رڪ جي ديوار آهن.” ڀارت پاڪستان تي مختلف هنڌن تي حملا ڪيا ۽ انهن حملن ۾ ٻارن سميت ٻه درجن کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا. ڀارت انهن حملن کي آپريشن سندور جو نالو ڏنو. پاڪستان پڻ پنج هندستاني ايئربيس ۽ ڪيترن ئي هنڌن کي نشانو بڻايو. پاڪستان جي جوابي حملن ڀارت کي رڙيون ڪرائي ڇڏيون. ڀارت کي اهڙي جواب جي اميد نه هئي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن فتح ون ميزائل فائر ڪيو ويو. پاڪستان سڄي دنيا جي سامهون واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ايترو ڪمزور ناهي ۽ ان لاءِ روايتي جنگ ۽ ايٽمي جنگ وڙهڻ آسان آهي. ان ڪري اهڙو سخت رد عمل ڀارت لاءِ عبرتناڪ آهي. هندستان سان جنگ جي صورت ۾ پوري قوم فوج سان گڏ بيهڻ لاءِ پرعزم رهي. پوري قوم کي يقين هو ته اهي جنگ جي صورت ۾ فتح حاصل ڪندا. کين الله جي ذات تي مڪمل ڀروسو هو، ڇو ته پرهيزگاري وڏي قوت آهي جيڪا دشمن تي غالب اچي ويندي آهي، ان ڪري الله جي قوت جي مدد سان آساني سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو. الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته جڏهن جنگ لاءِ ٻاهر وڃو ته هٿيارن تي ڌيان نه ڏيو، بلڪه الله جي غيبي مدد تي يقين رکو، الله جي راھ لاءِ وڙھو ته الله هر حال ۾ توهان سان گڏ آهي، دشمن ڪيترو به وڏو طاقتور ڇو نه هجي کيس شڪست ملڻي ئي آهي. پاڪستاني هوائي فوج هندستان اندر وڃي جيڪو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو ان تي سڄي قوم کي فخر آهي. پاڪستان پوري دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته بي بنياد الزامن تي جنگ جي شروعات ڀارت ڪئي آهي، جڏهن ڀارت جنگ روڪيندو ته پاڪستان به روڪيندو. مودي حڪومت جو خيال هو ته پاڪستان کي نقصان پهچائڻ سان عوامي مقبوليت حاصل ٿيندي ۽ عالمي سطح تي ان جو اميج به بهتر ٿيندو، پر پاڪستان طرفان اهڙو سخت جواب ملڻ بعد مودي رت جا ڳوڙها روئڻ تي مجبور ٿي پيو. خود سندس ملڪ ۾ کيس رسوائي نصيب ٿي. هونئن ته دهشتگردي پاڪستان جو سنگين مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر ڀارت، افغانستان ۽ ڪجهه ٻيون طاقتون پاڪستان ۾ وقفي وقفي سان دهشتگردي ڪري رهيون آهن، جنهن جو پاڪستان مقابلو ڪري رهيو آهي، پر دهشتگرديءَ جو خاتمو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڀارت ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ جيڪي دهشتگرد ڪارروايون ڪن ٿا، انهن سان بهتر تعلقات پيدا ٿين. جيتوڻيڪ دهشتگردي هڪ اهم مسئلو آهي جيڪو حقيقت ۾ ملڪ جي سالميت تي حملو آهي ان ڪري ٻنهي ڌرين کي امن و امان جي بهتر صورتحال تي ڪم ڪرڻ گهرجي. جنگ کان امن بهتر آهي ان ڪري امن جي سوڀ جا جشن ملهائڻ ضروري آهن. ڇو ته جنگين ۾ بيگناهه انسانن جو ناحق خون وهي ٿو. هن وقت قوم جو ٻار توڙي ٻڍو، جوان مرد توڙي عورتون جهاد جي جذبي سان سرشار آهن. شهيدن جو خون قوم جو حوصلو بلند ڪندو آهي، ان ڪري اچو سڀ گڏجي امن، ترقي ۽ انساني ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، نه ڪي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ پنهنجي عوام کي وساري ڇڏيون. ان لاءِ عالمي دنيا ۽ عالمي ادارن کي پڻ اڳتي اچڻ گهرجي، ان ۾ ئي اسان سڀني جو ڀلو آهي. ڇو ته امن سماج جي رياست جو نالو آهي جتي سمورا معاملا بنا ڪنهن فرق جي معمول موجب هلندا آهن. امن جي تصور جي وضاحت موجب ڪنهن به سماج ۾ تشدد جي غير موجودگي يا صحتمند مثبت بين الاقوامي يا باهمي تعلقات تي مبني هجڻ آهي. اڄ جو جديد ۽ ترقي يافته دور جيڪو سياسي، سماجي، معاشي، سائنسي ۽ علمي ميدان جو دور سڏيو وڃي ٿو. ڪمال کي ڇهندڙ دنيا به هن دور ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي مسئلي جو شڪار آهي. ساڍا چوڏهن سئو سال اڳ جي سماج وانگر اڄ به امن امان جو مسئلو موجود آهي ائين پيو لڳي ته اڄ به انسان جو رت سستو آهي انسان جي عزت ۽ وقار تمام گهٽ ٿي ويو آهي. اڄ به انسان جي جان ۽ مال محفوظ ناهي. اڄ به رنگ ۽ نسل، ذات پات، وطن پرستي جي گهيري ۾ آهيون. اڃان به اوچ نيچ جو فرق ختم نه ٿيو. دنيا ۾ قومپرستي، فاشزم، سوشلزم جھڙا نظريا آيا، پر اُنھن کي ڪوبه مڃڻ لاءِ تيار ڪونھي، ڪيترائي ادارا ٺاهڻ باوجود امن امان جو مسئلو ساڳيو رهيو آهي. خداوند ڪريم فرمايو ته ڪامل مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان سڄي انسانيت محفوظ رهي ۽ ڪامل مومن اهو آهي جنهن کان انسانيت جي جان ۽ مال محفوظ رهي. جنهن جو صاف مطلب اهو آهي ته انساني سماج کي بنا ڪنهن فرق جي امن ۽ سلامتي فراهم ڪريو. بدامني جي سببن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سماج مان ناانصافي واري شيءِ کي ختم ڪريو، پوءِ ڀلي جشن ملهايو، ڇو ته هر ماڻهو پنهنجي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ چاهي ٿو، مذهبي ۽ فڪري آزادي چاهي ٿو ۽ هر ماڻهو پنهنجي ملڪ جي آزادي ۽ خود مختياري چاهي ٿو، تنهنڪري ضروري آهي ته هو ٻين لاءِ به اهڙو ئي خيال رکي ۽ انهن سان به اهڙو ئي سلوڪ ڪري، جنهن جي هو ٻين کان توقع رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دنيا جي حڪمرانن کان وٺي عوام تائين اھا تعليم عام ڪئي وڃي ته دنيا مان فتني ۽ فساد کي ختم ڪرڻ ۽ امن ۽ سلامتي جي فضا قائم ڪري سگهجي ٿي.