ڪرپشن ڪيس، مڪيش ڪمار چاولا گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ پڪي ضمانت ڪرائي ورتي
اڳوڻي ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن، نارڪوٽڪس ۽ فوڊ جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پڪي ضمانت ڪرائي ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ مڪيش چاولا ۽ ٻين جي گرفتاريءَ کان اڳ پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، جوابدارن کي هڪ هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

