بلاگنئون

 “گريٽر اسرائيل” جو نقشو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي

گذريل ڏينهن اسرائيل جي صيهوني حڪومت گريٽر اسرائيل جو نقشو جاري ڪري ڇڏيو. اسرائيلي حڪومت طرفان جاري ڪيل نقشي ۾ والاريل فلسطيني علائقن کانسواءِ اردن، شام، لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن کي اسرائيل جو حصو ڄاڻايو ويو آهي. فلسطين، سعودي عرب، قطر، اردن، گڏيل عرب امارات اسرائيل جي جڙتو تاريخي صيهوني رياست تڪراري نقشي جي مذمت ڪئي آهي. جڏهن ته سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙا بي بنياد ۽ انتهاپسندانه قدم اسرائيلي اختيارين جي غاصبانه ارادن کي ظاهر ڪن ٿا. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت موجب، اهڙا قدم قبضي کي مستحڪم ڪرڻ، رياستن جي خود مختياري تي حملي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي ارادن کي ظاهر ڪن ٿا، عالمي برادري خطي جي ملڪن ۽ عوام تي جاري اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. ٻئي پاسي قطر جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جو اِهو قدم ٻين ملڪن جي خود مختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. جڏهن ته اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل اٽڪل ٽي هزار سال اڳ قائم ٿيو، جنهن جي شروعاتي ٽن بادشاهن ۾ شائوول، شاهه دائود ۽ شاهه سليمان شامل هئا، جن مجموعي طور تي هڪ سئو ويهه ورهين تائين حڪمراني ڪئي، سندن دور ۾ يهودي ثقافت، مذهب ۽ معيشت ترقي ڪئي. پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي 931 قبل مسيح ۾ شاهه سليمان جي وفات کانپوءِ اندروني تڪرار ۽ ڳرن ٽيڪسن سبب ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ايتريون حرڪتون ڪرڻ باوجود عرب ملڪ اسرائيل خلاف گڏجي محاذ ڇو نٿا قائم ڪن!!! ڇا پوري دنيا جا سامراجي حڪمران ھڪٻئي جا ساٿاري آھن جو اسرائيل کي سبق نٿا سيکاري سگهن. امام خميني رح مسلم ملڪن کي مرگ بر آمريڪا ۽ اسرائيل جو نعرو ڏيئي فرمايو هو ته جيڪڏهن مسلم ملڪ متحد ٿي هڪ هڪ بالٽي پاڻيءَ جي اسرائيل مٿان هاريندا ته اسرائيل ٻڏي مري ختم ٿي ويندو. هڪ سڌي لائين ۽ پروگرام ملڻ کانپوءِ به مسلم ملڪ آمريڪا جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن جڏهن آمريڪا اسرائيل جي هڪ يهوديءَ جي حيثيت سان سڌي مدد ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مسلم ملڪ حق تي هوندي به ڇڙوڇڙ آهن. ان ڪري ڀلي انھن جي قوم جا فرد يا تنظيم ڪنھن ٻئي ملڪ جي سامراجي نظام سان وڙھن، پر حڪمران قوم سان نه پر ان سامراجي حڪمران جا اتحادي ٿي بيھندا، جنھن جو تازو مثال غزا جي تنظيم حماس آھي. عرب حڪمران اسرائيل جا اتحادي ٿي بيٺا آھن، عرب حڪمران چاھين ٿا ته اسرائيل حماس سميت عرب ويڙھن يا لبنان جي حزب الله کي ايترو چيڀاٽي ايترو ظلم ڪري جو ڪو به عرب وري ڪڏھن بيت المقدس يا فلسطين جي ڳالهه نه ڪري. ترڪي يمن عراق ۽ سعودي عرب سميت پوري عرب رياست ۾ ڪوبه اهڙو ملڪ ڪونهي جيڪو اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائي. تازو “گريٽر اسرائيل” جو نقشو جاري ڪرڻ کانپوءِ به عرب ملڪن ۾ ڪا خاص چرپر نظر نه آئي آهي. جڏهن ته پوري دنيا جا مسلمان ھاڻي عربن جي چپ سبب ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺا آهن۔ جڏھن ته اسرائيل آفيشل طور تي گريٽر اسرائيل جو نقشو ظاھر ڪري ڇڏيو آهي، جنھن موجب شام لبنان ۽ پورو فلسطين 2025 ۾ اسرائيل جو حصو آھي دنيا جا باضمير انسان ھر ظالم حڪمران خلاف نفرت جو اظهار ضرور ڪن ٿا، پر ڪوبه جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ناهي.

2024ع ۾ ايران اڪيلي سر آمريڪا ۽ اسرائيل کي اکيون ڏيکاريون، پر ايترو نقصان برداشت ڪيو جو شايد ڪيترن ئي سالن تائين ان درد مان نه نڪري سگهي. چوندا آھن ته جڏھن روم پئي سڙيو ته روم جي بيوقوف حڪمران نيرو بانسري پئي وڄائي اھڙي طرح جڏھن فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم پنھنجي عروج تي ھو ته سعودي عرب جي حڪمرانن ۽ علائقي جي عربن ليونارڊو جي ميچن تي عورتون پئي نچايون ۽ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ بلند ترين عمارتون جوڙي پئسو پئي وڃايو ۽ اسرائيل جي هيٺانهين ڪري “سائين سائين” پئي ڪيائون. آخرڪار اڄ اسرائيلي حڪومت ھڪ نقشو جاري ڪري اعلان ڪيو ته شام اردن مصر سعودي عرب عراق ۽ ترڪي اسان جا آھن ۽ اھو گريٽر اسرائيل يعني عظيم اسرائيل جو حصو آھن، ھاڻي عرب پنهنجو دفاع به نٿا ڪري سگهن ڇو جو دشمن سندن گهر ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ چئني طرف گهيرو ڪري کين سوگهو ڪري چڪو آهي. گريٽر اسرائيل جو نقشو سندن لاءِ موت جو ڦندو بڻجي سندن ڳچيءَ ۾ پئجي چڪو آهي، نيتن ياهو حڪومت جو غزا کي مڪمل تباھه ڪرڻ کانپوءِ نئون منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، پر اسان وارا مسلمان رڳو لاش کڻڻ ۾ پورا آهن غزه تي جارحيت ڪندڙ يهودي رياست جو منصوبو بي نقاب ٿي چڪو آهي، فلسطين، اردن، لبنان ۽ شامي علائقن تي ٻڌل گريٽر اسرائيل جو نقشو يقينن تباهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه آڻيندو، عرب ملڪن جو سکڻو احتجاج اسرائيل جي جديد ٽيڪنالاجيءَ اڳيان ڪا حيثيت نٿو رکي، سڀ عرب ملڪ گڏجي به اسرائيل کي ڪنهن به اڳرائي کان روڪي نٿا سگهن. ڇو ته عالمي سطح تي ڪئين قراردادون پاس ٿيڻ کانپوءِ انهن تي اسرائيل عمل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو آهي.

سعودي عرب جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي انتها پسنداڻي رويي سبب خطي جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ آهي، عالمي برادري اسرائيل کي عالمي قانونن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان روڪي، رياستن جي خود مختياريءَ جو احترام ڪيو وڃي، پر اسرائيل جو هڪ ئي جواب آهي ته مان پوري دنيا تي حڪمراني ڪندس ۽ ڪنهن ملڪ يا تنظيم جي قرار دادن جو پابند ناهيان. اسرائيل جي ان وحشياڻي عمل جو هڪ ئي حل آهي ته مسلم ملڪ اتحاد جو دامن پڪڙي ائٽمي ملڪن سان ائٽمي طاقت جي بنياد تي مها ڀاري جنگ جي تياري ڪن ۽ ان طاقت سان اسرائيل آمريڪا برطانيه ۽ سندن ساٿاري ملڪن خلاف هڪ مضبوط قلعو قائم ڪن. ھن وقت عرب ملڪ اھو سمجھي رھيا آھن ته شايد اسرائيل رڳو فلسطين کي ختم ڪري خاموش ٿي ويهي رهندو ۽ کين جان بخشي ملندي مگر ائين ھرگز نه ٿيو ۽ گريٽر اسرائيل جو نقشو هاڻي عرب رياستن جي خاتمي طور سامهون آيو آهي. ھوڏانھن ايران روس ۽ چين جي پراڪسيءَ وارو ڪم ڪري رھيو آھي ان سموري خطي ۾ دنيا جي ٽين وڏي عالمي جنگ جي شروعات ٿيڻ وڃي پئي. ان سموري معاملي ۽ اٿل پٿل ۾  پاڪستان ڪٿي بيھندو اھو سوچ ويچار جي ضرورت آھي. جيڪڏهن نيٽو جون فوجون اسان جو ڪوس ڪرڻ پهتيون ته اسان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن نه هوندو جنهن سان پنهنجو دفاع ڪري سگهجي، ڇو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان به دوستاڻه رويا برقرار نه رکي سگهيا آهيون. اسان ائٽمي طاقت هوندي ڪنگال بڻيا پيا آهيون ملڪ جو خزانو هر دور ۾ خالي هجي ٿو ۽ ٻين ملڪن ڏانهن واجهائيندا رهيا آهيون انهن ۾ سعودي عرب به آهي ته آمريڪا به آهي جيڪڏهن اسرائيل جو پيش ڪيل اهو غير قانوني نقشو عمل هيٺ اچي ويو ته پاڪستان ڪنهن به طرف کان محفوظ نه رهندو ڪنهن دوست لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل اهو سمجهندي ته شام جو ملڪ گريٽر اسرائيل لاءِ رڪاوٽ آهي.

آمريڪا کي روئي دانهن ڏني ته شام جي رستي اسان مٿان استعمال ٿيندڙ هٿيار ٿا پهچن. آمريڪا القاعده کي موڪليو جن هڪ پاسي کان شام تي حملو ڪيو ته ٻئي پاسي کان ڪردن ڪاهه ڪئي. القاعده اسرائيل کي چيو ته اسان هيڏانهن ٿا اچون اوهان گولان جي پهاڙين (جيڪي به شام جون هيون ۽ 1967 واري عرب اسرائيل جنگ ۾ قبضو ڪيون ويون هيون) وٽان اڳتي اچو. ڪوئلن جي دلالي ترڪيءَ ڪئي. نيٺ  شام مٿان انهن سڀني جو گڏيل قبضو ٿيو. ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“. ڪمند اسرائيل چوسيندو، القاعده کي چوسيل ڳنڍيريون ملنديون. ترڪيءَ کي ڊالر سان تڙ ڪرايو ويندو ائين آهستي آهستي اسرائيل سپر طاقت بڻجي پوري مسلم دنيا کي پنهنجي قبضي هيٺ هلائيندو. ان ڪري مسلم ملڪن کي گريٽر اسرائيل جي پليت پروجيڪٽ جي خلاف سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي.