برمين ۽ بنگالين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي

گهرو مامري جي وفاقي وزير طلال چوڌري چيو ته بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ وارو معاملو تمام پراڻو آهي. ڪيترين حڪومتن ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ انهن جو وڏو انگ موجود آهي. گورنر سنڌ اهو مامرو ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي وزير اعظم سان ملاقات ۾ اٿاريو. جنهن لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي. ڪاميٽي وزارت کي لکيو آهي ته برمين ۽ بنگالين کي شهري مڃي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. ان قسم جي ترميم لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ترميم بابت طلال چوڌري جڏهن سينيٽ ۾ ڳالهائي رهيو هو ته ان وقت سنڌ مان چونڊيل ميمبرن ڪوبه اعتراض نه واريو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *