پاڪستان ۾ پيئڻ جو پاڻي زهريلو ٿيڻ لڳو
پاڪستان ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ وڏي مقدار ۾ سنکيو موجود آهي جيڪو انساني جسم جي لاءِ هڪ خطرناڪ شيءِ آهي. تحقيق لاءِ ملڪ جي 1200 هنڌن تان پاڻي جا نمونا ورتا ويا جنهن جي رپورٽ ۾ معلوم ٿيو آهي ته رپورٽ مطابق لاهور ۽ حيدرآباد ۾ پاڻي ۾ سنکيي جو مقدار سڀ کان وڌيڪ موجود آهي. جڏهن ته سنڌو درياهه جي آسپاس وارن ميداني علائقن جي پاڻي ۾ سنکيي جي مقدار يونائيٽيڊ نيشن جي گائيڊ لائين مطابق 10 مائيڪرو گرام في ليٽر جي مقرر حد کان به وڌيڪ آهي، تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ تقريبن 5 کان 6 ڪروڙ ماڻهو اهڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. وڏي عرصي تائين اهڙو پاڻي پيئڻ سان ڦڦڙن جو ڪينسر، دل جا مرض ۽ چمڙي جون بيماريون پيدا ٿينديون رهنديون.