شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو هڪ عظيم سياسي ۽ سماجي رهبر هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ عوامي خدمت لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون. سندس زندگيءَ جو مقصد ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم، صحت، سماجي انصاف ۽ سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ رهيو. سندس خدمتون ۽ جدوجهد فقط سنڌ ئي نه، پر ان کان ٻاهر به هڪ روشن مثال سمجهي وڃي ٿي. الله بخش سومرو جي سياسي جدوجهد ۽ عوامي خدمت جو آغاز ان وقت کان ٿيو جڏهن سنڌ ۾ سماجي ۽ اقتصادي پسماندگي تمام گهڻي هئي. ان دور ۾ سنڌ جي عوام، خاص طور تي ڳوٺاڻن ۽ غريب طبقن کي صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو هو. الله بخش سومرو ان صورتحال کي بدلاڻ لاءِ پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز ڪيو، جتي هن عوامي خدمت ۽ سماجي ڀلائي کي پنهنجي ترجيح بڻايو. الله بخش سومرو سنڌ ۾ مقامي حڪومتن ۽ عوامي ادارن جي مضبوط بنيادن جو حامي هو. سندس سياسي خدمتن ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ طور ڪم ڪرڻ ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ترقياتي منصوبن کي ترتيب ڏيڻ شامل آهي. سنڌ جي پهرين وزيراعليٰ طور مقرر ٿيڻ کانپوءِ، هن وڏي تعداد ۾عوامي مفاد جا منصوبه شروع ڪيا. ان ۾ خاص طور تي زراعت، تعليمي ادارن جو بنياد رکڻ ۽ صحت جي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪم اهم هئا. سندس نظر ۾، عوام جي بهتري ۽ معاشرتي انصاف ئي هڪ سچي سياسي رهبر جي اهم ذميواري هئي.
هن جڏهن عوامي خدمت ۾ پنهنجو قدم رکيو ته ان دوران اهو واضح ٿي چڪو هو ته سنڌ ۾ تعليم جي حالت تمام خراب هئي. الله بخش سومرو سنڌ ۾ تعليمي ادارن کي ترقي ڏيڻ، نون اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعمير لاءِ اڳڀرائي ڪئي. ان کان علاوه هن سنڌي ٻولي جي تعليم ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون. سماجي خدمتن ۾ الله بخش سومرو جو وڏو ڪم معاشرتي انصاف کي يقيني بڻائڻ ۽ عوامي فلاح لاءِ ڪم ڪرڻ هو. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هن مختلف پروگرام شروع ڪيا، جن ۾ ڳوٺاڻن لاءِ ڪامياب زراعت پروگرام، مفت صحت سهولت ۽ معاشي امداد جا منصوبا شامل هئا. الله بخش سومرو پنهنجي زندگيءَ ۾ نوجوانن لاءِ بهترين موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ڪيترن ئي تعليمي ادارن کي فنڊز فراهم ڪيا، جنهن سان ڪيترن ئي نوجوانن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا مليا. ان کان علاوه هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي مختلف سماجي ادارن، اسپتالن ۽ لائبريرين جي تعمير ۾ مدد ڪئي، جنهن سان عوام کي بنيادي سهولت ملي. الله بخش سومرو، هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڀائيواري ۽ امن قائم رکڻ ۾ پڻ سرگرم رهيو. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو دور هڪ اهڙو وقت هو جڏهن مذهبي ۽ ثقافتي تفريق وڌي رهي هئي، پر الله بخش سومرو پنهنجي قائدانه صلاحيتن سان سماج ۾ اتحاد ۽ امن قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هن مذهبي آزار ۽ تفرقن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪامياب مهمون هلائي، اهو ثابت ڪيو ته هڪ سچي سياسي ۽ سماجي رهبر جو مقصد رڳو عوامي خدمت آهي، هن مخصوص گروھه جي حمايت ۽ ان جي چوگرد ڪم ڪرڻ واري عمل کي ٿڏي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ ۾ ئي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي کي محسوس ڪيو.
الله بخش سومري جو هڪ اهم مقصد تعليم جي روشني کي سنڌ جي هر گهر تائين پهچائڻ هو. هن اسڪولن، ڪاليجن ۽ فني ادارن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ۽ سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ نصاب جي معيار کي به بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان علاوه ان وقت ۾ سنڌ ۾ جيڪي غريب ۽ پسماندہ طبقو هو، انهن کي تعليم سان منسلڪ ڪرڻ لاءِ الله بخش سومرو خاص طور تي گهٽ آمدني وارن خاندانن کي اسڪالرشپ ڏيڻ ۽ تعليمي مدد فراهم ڪرڻ شروع ڪئي. الله بخش سومري جو سياسي ۽ سماجي ورثو اڄ تائين سنڌ جي عوام ۾ زنده آهي. سندس محنت، قرباني ۽ عوامي خدمت جو اثر اڄ تائين محسوس ڪيو وڃي ٿو. سندس زندگيءَ ۾ جيڪي جدوجهدون ۽ مشڪلاتون آيون، انهن مان سڀ کان اهم هو پنهنجي عوام لاءِ بهترين مستقبل جو خواب ڏسڻ ۽ ان لاءِ پنهنجون سڀ قوتون لڳائي ڪم ڪرڻ. شهيد الله بخش سومرو هڪ اهڙو نمونو آهي جيڪو هر دور ۾ عوامي خدمت، سماجي انصاف ۽ تعليمي بهتري لاءِ هڪ رهبر طور ياد رکيو ويندو آهي. الله بخش سومرو جي زندگي ۽ خدمتن کان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته هڪ سچي سياسي رهبر جو فرض آهي ته هو پنهنجي عوام جي خوشحالي، تعليم، صحت ۽ سماجي انصاف لاءِ هميشه ڪم ڪري ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جي ذاتي مفاد کي پاسي ڪري. تاريخ گواھه آهي ته شهيد الله بخش سومري ائين ئي ڪيو ۽ تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي امر بڻائي ويو.