سنڌ ڌرتي جيڪا علم ۽ امن جي داعي رهي آهي، اڄ اتي جي تعليمي ادارن ۾ ملندڙ نياڻين جا لاش اسان جي تعليمي ادارن تي وڏو سواليه نشان آهن. هر روز نوان هراسمينٽ، مرڊر ۽ سوسائيڊ جا ڪيس سامهون اچن ٿا. ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٿرڊ ايئر جي ذهين شاگردياڻي فهميده لغاري جي پراسرار موت هڪ دفعو ٻيهر انهن زخمن کي تازو ڪري ڇڏيو. فهميده لغاري ڪا عام ڇوڪري نه هئي، پر پنهنجي ڪلاس جي ٽاپ ڪندڙ ۽ مستقبل جي مسيحا هئي، پر سوال اهو آهي ته ايڏي ذهين ۽ باصلاحيت ڇوڪري موت کي گلي ڇو لڳايو ۽ هن کي ڪنهن مجبور ڪيو، سندس مائٽن پاران لڳايل الزام انتهائي خوفناڪ آهن. محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي پروفيسر عابد لغاري ۽ ٻين شاگردن جي ھڪ گروھه تي لڳايل بليڪ ميلنگ ۽ هراسان جا الزام ظاھر ڪن ٿا ته اسان جي تعليمي اداران ۾organized gang ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ڪيترين ئي معصوم نياڻين جي زندگين سان راند کيڏي رهيا آهن ۽ هيءَ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، نه ئي ڪو نئون سلسلو آهي ان کان اڳ به الائي ڪيترين معصوم شاگردياڻين جون زندگيون ڳڙڪائي چڪا آهن.
2017 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند، 2019 ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نمرتا ڪماري،2021 ۾ نوشين شاھه اهي سڀ ڪيس ۽ هڪجهڙايو عجيب ۽ دل ڏکائيندڙ آهن ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن به اهڙا ڪيس سامهون آيا آهن. يونيورسٽي فوري طور ان کي خودڪشي جو واقعو قرار ڏئي پنهنجي جان آجي ڪئي آهي، پر رپورٽون ۽ facts ٻي ڪهاڻي ٻڌائينديون آهن، نمرتا جي آخري پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو ته نمرتا کي سندس موت کان اڳ ساڻس جنسي زيادتي ڪئي وئي هئي ۽ سندس ڪپڙن تان هڪ مرد جا DNA جا سيمپل مليا ۽ سندس موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو ۽ ساڳيو نوشين شاھه جي ڪيس ۾ به ٿيو ۽ نوشين جي رپورٽ ۾ به ظاهر ٿيو ته ان سان به جنسي زيادتي ڪئي وئي هئي ۽ ٻنهي ڪيسن ۾ similar facts نڪتا، انهن ٻنهي ڪيسن مان ثابت ٿيو ته اداران ۾ ۽ ڪيمپسز ۾ ڪي خوني درندا گهمي رهيا آهن جن کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي. اهم سوال ۽ حقيقت اها آهي ته انتظاميه خاموش ڇو آهي، ڇو هر دفعي اداران جا سربراهه حقيقتن کي لڪائين ٿا، ڇا اداري جي بدنامي انسان جي جان کان وڌيڪ اهم آهي؟ سنڌ جي اڪثر يونيورسٽين ۾ حراسان مخالف ڪميٽيون صرف ڪاغذن تائين محدود آهن ۽ شاگردياڻين کي اهو خوف هوندو آهي ته جيڪڏهن ڳالهائينديون ته سندن ڪيريئر تباهه ڪيو ويندو. حراسان مخالف ڪميٽيون آخر ڇو ناڪام آهن ۽ ڏينهون ڏينهن ڊجيٽل بليڪ ميلنگ جو تعداد وڌندو پيو وڃي.
واٽس ايپ گروپ ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال سان شاگردياڻي کي حراسان ڪيو ويندو آهي، انھن جيDefamation ڪئي ويندي آهي، هر اداري ۾ ڪجهه اهڙا پروفيسر، ڪلارڪ يا ڪيئي اھڙا ميمبر موجود آهن جيڪي نياڻين جي مجبوري يا گهٽ مارڪن جو فائدو کڻي کين بليڪ ميل ڪن ٿا. فهميده لغاري جي ڪيس ۾ لڳايل بليڪ ميلنگ گينگ جا الزام ثابت ڪن ٿا ته هيءَ هڪ مڪمل مافيا آهي جيڪا شاگردياڻين جو شڪار ڪري ٿي. اسان وٽ غير موثر اسسيمينٽ سسٽم آهي، اهڙا استاد مقرر ڪيل آهن جن کي نه مناسب ٽريننگ آهي ۽ نه ئي گرومنگ نتيجي طور شاگردن سان ناانصافي ۽ بليڪ ميلنگ جا ڪيس وڌندا وڃن ٿا ۽ هي مسئلو رڳو شاگردياڻين سان نه آهي، پر شاگرد به متاثر ٿين ٿا. پوءِ ڪجهه ته منهن ڏئي وڃن ٿا، پر ڪجهه شاگرد ڊپريشن ۾ اچي خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا ۽ شاگردياڻين کي مارڪن ۽ رزلٽ جي نالي حراسان ڪيو ويندو آهي ۽ هر روز ڪيئي نياڻيون ان حراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون، جنهن نتيجي ۾ ڪجهه ته نياڻيون گهر وارن سان اهڙيون ڳالهيون شيئر ڪن ٿيون، پر ڪي خوف ۽ حراس سبب ڊپريشن ۾ اچي خودڪشي ڪري ڇڏين ٿيون. والدين کي به گهرجي ته پنهنجين نياڻين سان دوستاڻو رويو رکن ته جيئن نياڻيون بي خوف پنهنجي ذهني پريشاني شيئر ڪن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن شاگردياڻين جا مائٽ ادارن جي حراسمينٽ خلاف ڪجهه ڳالهائين به ٿا ته کين نظر انداز ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته صرف انڪوائري ڪميٽين تي گذارو نه ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته هو تعليمي ادارن ۾ نفسياتي ڪائونسلنگ کي لازمي قرار ڏين ۽ حراسمينٽ جي ڪيسن جي جاچ لاءِ آزاد جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. ڇو ته جيڪڏهن اڄ فهميده لغاري جي قاتلن کي سزا نه ڏني وئي ته سڀاڻي ٻي ڪا نياڻي پنهنجي ڪامياب مستقبل جو خواب نه ڏسندي. ان لاءِ اسان جا سنڌي سماج جا وارث، قلمڪار ۽ حڪمران سجاڳ ٿين ۽ هر اداري ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ آواز اٿارين. حڪومت کي گهرجي ته تعليمي ادارن کي سڌو سنئو (FIA) سائبر ڪرائيم سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن بليڪ ميلنگ تي فوري ايڪشن کنيو وڃي ۽ حراسميمنٽ ڪندڙ استادن، پروفيسرن، فيڪلٽي جي ميمبرن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. جيڪڏهن اڄ اسين خاموش رهنداسين ته سڀاڻي نائلا رند، نمرتا ڪماري، نوشين شاھه ۽ فھميده لغاري وانگر الائي ٻيون ڪيتريون ئي نياڻيون يونيورسٽين ۾ انسانن جي روپ ۾ بگھڙن جي ور چڙھي خودڪشيون ڪنديون رهنديون ۽ ڪيترائي والدين اھڙن بگھڙن جي خوف کان نياڻين کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهڻ کان روڪي ڇڏيندا. ان لاءِ سنڌ جي ھر باضمير، ساڃاھه وندن کي گهرجي ته تعليمي ادارن ۾ معصوم نياڻين جون زندگيون ڳڙڪائيندڙ بگهڙن خلاف ڀرپور انداز ۾ آواز اٿارين. جيڪڏهن اڄ اسان نه ڳالهايو ته پوءِ ڪنهن به شعبي ۾ ڪا به نياڻي محفوظ نه رهندي. ڇو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل 3 سالن ۾ هڪ رپورٽ مطابق 32 شاگردياڻيون حراسمينٽ جو شڪار ٿيون آهن. اسان کي پنهنجي درسگاهن کي انھن درندن کان پاڪ ڪرڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ اسان جي نياڻين کي ڊگريون نه بلڪه موت جا سرٽيفڪيٽ ملندا.