اليڪشن کٽي سنڌ جي حقن لا ءِ به جنگ وڙهندس:عمران خان

جمعي واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان ۾ خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ڪوبه قانون نه آهي هتي ته جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ هو سنڌ جي تعليم، پوليس ۽ صحت جي کاتن کي درست ڪري ڏيکاريندو. پنهنجي صوبي جي ڳالهه ڪندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ به هن انهن سڀني ادارن ۾ سڌارا آڻي ڏيکاريا آهن. هن چيو ته جتي عوام کي انصاف نه ملي اتي سڌارا نٿا اچي سگهن. پ پ ۽ مسلم ليگ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ گذريل 30 سالن ۾ 6 دور مليا آهن، پر اهي هتان جي پوليس کي به نه سڌاري سگهيا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف اهو صرف چئن  سالن ۾ ڪري ڏيکاريو آهي. نواز شريف جو نالو وٺندي هن چيو ته هاڻي ان وانگر ٻيا به چور آهن جن کان حساب وٺڻو آهي جيڪو هو حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ وٺندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *