برطانيه ۾ ٽيليفون جي ڳاڙهن دٻن ۾ نئين زندگي ڀرڻ جي ڪوشش

موبائل فون کان اڳ جي دور ۾ برطانيه ۾ استعمال هيٺ رهندڙ پي سي او جا ڳاڙها دٻا هاڻي بيڪار رهڻ لڳا آهن انهن کي زنده رکڻ لاءِ اتان جي ماڻهن هڪ نئين ڪوشش ڪئي آهي. هن وقت تائين اهڙن هزارين دٻن کي ننڍين لائبريرين، آرٽ گيلريز ۽ ننڍن هوٽلن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. سال 2002 ۾ اهڙن دٻن جي ڪل تعداد 92000 هئي جڏهن ته هن وقت اهڙن دٻن جو تعداد 42000 ئي بچيو آهي ۽ انهن کي به  گهٽ ڪيو پيو وڃي. برطانيه جي فون ڪمپني BT پاران 2022 تائين انهن مان 20000 دٻن کي ختم ڪيو ويندو. جڏهن ته اهڙا ڪل 7000 دٻا ڪارآمد به بڻايا ويا آهن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي دٻا هاڻي ڪمائي بدران مالي نقصان ڪرائي رهيا آهن. هن وقت اهڙن دٻن سان هر روز 33000 ڪالون ڪيون پيون وڃن جيڪي 10 سال اڳ جي مقابلي ۾ 90 سيڪڙو گهٽ آهن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي دٻا هن وقت ماضي جي هڪ ياد وانگر آهن جنهن کي بچائڻ ماضي کي بچائڻ جيان آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *