پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سنڌ حڪومت کان بزرگ شهرين لاءِ جوڙيل نئين قانون تي عمل درآمد ڪرڻ جي گهر

آغا خان يونيورسٽي پاران منعقد ڪيل هڪ پروگرام ۾ شريڪ ماهر ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته 2016 ۾ بزرگ شهرين لاءِ جوڙيل سينٽر سٽيزن ويلفيئر ايڪٽ تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. پروگرام ۾ شريڪ ماهرن چيو ته 2016 ۾ ايڪٽ جي منظور ٿيڻ کانپوءِ ايڪٽ تحت هلندڙ ڪائونسل جي هڪ به ميٽنگ نه ٿي سگهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اهڙا بزرگ شهري جيڪي جسماني ۽ ذهني طور تي فٽ آهن انهن کي رٽائر نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته هن عمر ۾ بزرگ شهرين کي بهتر صحت جا موقعا ملڻ گهرجن. ان موقعي تي چيف گيسٽ فرزانه باري چيو ته اڄ جو نوجوان به پنهنجي بزرگن جو خيال نٿو رکي اهي وساري چڪا آهن ته انهن جي والدين هنن لاءِ ڪيتريون قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بزرگ شهرين لاءِ شيلٽر هوم وڌي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن توهان انهن ۾ وڃي ڏسندا ته اتي موجود بزرگ پنهنجي پيارن سان ملاقات لاءِ سڪندا رهن ٿا. ايڊووڪيٽ قاضي ايازالدين چيو ته حڪومت بزرگ شهرين لاءِ قانون آڻڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي. پهرين قانون 2014 ۾ ڪي پي ڪي جي حڪومت آندو هو جنهن بعد سنڌ حڪومت 2016 ۾ اهڙو قانون پاس ڪيو هو. جڏهن ته پاس ٿيڻ باوجود ان تي ڪنهن به صوبي ۾ عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. اسان کي گهرجي ته عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪريون ته اهي پنهنجي بزرگن جي حقن جو خيال رکن.