ڀتين تي پينٽ ڪرڻ وارو ڊرون تيار
اٽلي جي ماهرن 4 ڊرون استعمال ڪري هڪ ڀت تي خوبصورت پينٽنگ ٺاهڻ جو عملي مظاهرو ڪيو جنهن کي عام طور تي گريفيٽي چيو ويندو آهي. هي مظاهرو هڪ منصوبي تحت ڪيو ويو جنهن کي عربن فلائنگ اوپرا پروجيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن منصوبي تحت شهر جي انتظاميه مختلف ماڻهن کان ڪجهه متاثر ڪندڙ منصوبن جي تفصيل گهري هئي. هي مقابلو ڪارلوريٽي ڪمپني ڪرايو آهي، جنهن ۾ 1000 ماڻهن پنهنجا پروجيڪٽ موڪليا هئا جن مان 100 کي قبول ڪيو ويو. هن پروجيڪٽ تحت ٽيڪنڪ يونيورسٽي ۽ ٽيورن يونيورسٽي گڏجي ڪري ڊرون جي مدد سان هڪ وڏي ديوار تي پينٽ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. جنهن کي عملي مظاهري جي دعوت ڏني وئي هئي، جنهن بعد 25 جون تي چئن ڊرونن ديوارن تي رنگن سان خوبصورت پينٽنگ تيار ڪئي جنهن جو ماهر غور سان جائزو وٺندا رهيا. هن پينٽنگ کي ڏسڻ وارن تمام گهڻو ساراهيو آهي، هن تجربي جي ڪامياب ٿيڻ بعد ايندڙ وقت ۾ ڊرون جو پينٽر جي طور تي استعمال به شروع ٿي ويندو.