خاص

نيب سعيد غني جا الزام رد ڪري ڇڏيا: صوبائي وزير جو گهيرو تنگ

قومي احتساب بيورو سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ سميت الزام لڳائيندڙ صوبائي وزير خلاف به ڪراچي ۾ جاچ جاري آهي. نيب پڌرائي ۾ صوبائي وزير سعيد غني تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪيو آهي، نيب جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ خلاف ڪراچي ۾ جاچ هلندڙ آهي، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، نيب جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندڙن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته نيب راولپنڊي جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 33 ارب رپيا واپس ڪرايا آهن، 14 بدعنواني جا ڪيس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ڪيسن ۾ 20 جوابدار پلي بارگين ڪري چڪا آهن، نيب سکر ڪڻڪ خرد برد ۾ هيل تائين تقريبن 19 ارب رپيا واپس ڪرايا آهن، نيب ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچڻ بنا ئي پنهنجو ڪم جاري رکندو. واضح رهي ته سعيد غني پريس ڪانفرنس ۾ نيب چيئرمين مٿان سخت تنقيد ڪئي هئي.