سنڌ ارسا کي وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ جو چوندي: سيد مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا کي چونداسين ته اها سنڌ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پاڻي ڇڏي ته جيئن پاڻي جي کوٽ پوري ٿي سگهي. سکر بيراج لڳ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان کي اميد هئي ته 2 لک 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي سان اسان جي گهرج پوري ٿي ويندي پر اڃان به پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن ڊپارٽمينٽ کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته اهو پاڻي جي ورڇ کي بهتر بڻائي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published.