رتوديرو ۾ ايڊز پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر جو موقف
رتوديرو ۾ ايڊز جي وائرس کي پکيڙڻ جي الزام ۾ قيد ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جو بيان سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هن پاڻ تي لڳل الزامن کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هو نه صرف هڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي پر هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر آهي. سندس چوڻ مطابق ته هو ڪنهن کي ڇو ايڊز جون انجيڪشن هڻندو. ڊاڪٽر مظفر جو چوڻ آهي ته جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي پکيڙڻ جون خبرون آيون ته هيلٿ ڪيئر وارا ۽ ڪمشنر سندس ڪلينڪ تي آيا ۽ سندس رت به سيمپل طور ورتو ويو ۽ ان جو معائنو ڪيو ويو. بعد ۾ چيو ويو ته ڪلينڪ ۽ اسپتال اسٽاف جي اسڪريننگ ڪرڻي آهي. ان لاءِ سندس ٽيسٽ به ڪئي وئي ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو پازيٽو آيو آهي. سندس چوڻ مطابق اها خبر هن لاءِ پڻ ڇرڪائيندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته کيس ان باري ۾ ڪوبه علم نه هو. هن وڌيڪ چيو ته هيلٿ ڪيئر ڪميٽي ۽ ڪمشنر کيس ڦاسائي رهيا آهن، هو بيقصور آهي. کيس ان ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي ته هو ايڊز جي مريضن جو علاج ڪري رهيو هو ۽ انهن جي زندگي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس چوڻ مطابق لاڙڪاڻي جا ايڊز جا سڀ مريض هن وٽ نه ايندا آهن اهي ٻين ڊاڪٽرن وٽ به ويندا آهن.

