ايڊيٽوريل

سنڌ جي ٽن تعليمي بورڊن جي چيئرمين شپ ڪمشنرن حوالي

سنڌ جي نگران حڪومت حيران ڪري ڇڏيندڙ فيصلو ڪيو آهي، فيصلي مطابق سکر، شهيد بينظيرآباد ۽ حيدرآباد جي تعليمي بورڊن جي چيئرمين شپ لاءِ انهن ڊويزنن جي لاڳاپيل ڪمشنرن کي تعليمي بورڊ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙو نوٽيفڪيشن چيف سيڪريٽري سنڌ جاري به ڪري ڇڏيو آهي ته بينظيرآباد، سکر ۽ حيدرآباد جا تعليمي بورڊ هڪ طرح سان آفيسر شاهي جي حوالي ڪيا ويا آهن. انهن تقررين صوبي جي ساڃاهه وندن، تعليمي ماهرن، استادن ۽ شاگردن ۾ تشويش جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي. سنڌ جي تعليم جا حال سڀني جي اڳيان آهن، گذريل سالن کان سنڌ جي تعليم بجاءِ بهتر ٿيڻ جي بدتر ٿي رهي آهي. ان جو وڏو سبب تعليم اندر سياسي مداخلت جو هجڻ آهي. مٿان وري اهو ڪيو ويو آهي جو تعليم جا بورڊ جيڪي هڪ طرح سان سڄي سنڌ جي شاگردن ۽ استادن جي ڪارڪردگيءَ جا نگران آهن ۽ تعليم جي سڄي صورتحال بورڊ جي امتحانن ۾ اچي ظاهر ٿيندي آهي. تعليم جو حال تباهه آهي ۽ تعليمي بورڊن جي متعلق به ماضيءَ ۾ سٺيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ڪونه مليون آهن. بورڊن ۾ پئسا ڏيئي مارڪون وٺڻ وارو رواج عام ٿي ويو آهي، جنهن سان محنتي شاگردن جي حق تلفي ٿئي ٿي. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته نگران حڪومت تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي ها ۽ اسان جي تعليم جي امتحاني نظام کي جديد تقاضائن جي مطابق ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ان کي شفاف بنائي ها. نگران حڪومت کان اهڙي اميد صوبي جي عوام کي هئي، پر انتهائي ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو انهيءَ تعليمي بورڊن تي رات وچ ۾ حڪم ڏئي انهن کي آفيسر شاهي جي حوالي ڪري ڇڏيو. تعليم سان لاڳاپيل شاگرد ۽ استاد بخوبي سمجهي ٿو ته تعليم کي بهتر تعليمي ماهر ئي ڪري سگهن ٿا. اسان وٽ انهيءَ شعبي ۾ ماهرن جي کوٽ ڪونهي ۽ بورڊ جي سربراهن جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ ماهرن جي گهڻائي موجود آهي انهيءَ سڀ جي باوجود اهڙا ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن جن جو انهيءَ شعبي سان ڪوبه تعلق ڪونهي، ٻيو ته ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر وٽ پهرين کان ئي انتظامي ذميواريون تمام گهڻيون هونديون آهن جن جو هو پورائو ڪرڻ ۾ ئي گهٽ ڪامياب نظر اچن ٿا، مٿان وري هيءَ ٻي نئين ذميواري! سڄي دنيا ۾ اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي وڃي ٿي ۽ ان تي عمل ڪيو ٿو وڃي ته جيستائين لاڳاپيل شعبي جا ماڻهو انهن ادارن جا سربراهه مقرر نه ڪيا ويندا ته اتان سٺا نتيجا ڪونه ملندا، جيئن اسان وٽ ٿي رهيو آهي. مثال طور: صحت جي شعبي لاءِ ڊاڪٽر ۽ آبپاشي جي شعبي لاءِ ايريگيشن جو انجنيئر ئي بهتر آهي. مثال ته گهڻائي آهن پر هتي اسين اهو چٽو ڪرڻ گهرون ٿا ته تعليم جيئن ته اسان جي ملڪ ۽ صوبي جي ترقيءَ جو واحد رستو آهي ان سان اهو ڀوڳ سنڌ جو عوام نه قبوليندو. اسين سنڌ سرڪار کان اهو پڇڻ ضروري سمجهون ٿا ته پاڪستان جي باقي ٽن صوبن ڪي پي ڪي، بلوچستان، پنجاب ۽ وفاق ۾ ڪهڙا تعليمي بورڊ آهن جن جا انتظامي اڳواڻ ڪمشنر هجن؟ سنڌ جي تعليم سان اهڙي وهنوار ۽ بي انصافي جي مذمت ئي ڪري سگهجي ٿي. ڇا سنڌ صوبو ڪا الڳ تجربيگاهه آهي؟ تعليم جيئن ته تمام حساس مسئلو آهي اسان وٽ خواندگيءَ جي شرح هونئن ئي گهٽ آهي جيڪي شاگرد تعليمي ادارن ۾ آهن ۽ امتحان ۾ ويهن ٿا انهن جو اسان جي تعليمي بورڊن ۾ اعتبار ئي ڪونهي، جتي پيپر آئوٽ ٿيندا هجن، مارڪون وڪيون وينديون هجن ۽ اهل شاگردن جو حق ماريو ويندو هجي، ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته نگران حڪومت تعليم جي شعبي ۾ خصوصي طرح ان جي بورڊن ۽ ان جي امتحاني نظام کي بهتر ڪري ها! اهو ته ڪونه ٿيو! مورڳو ئي تعليمي بورڊ تعليم جي شعبي جي اهل ۽ ايماندار ماڻهن جي مقرري ڪرڻ بدران آفيسر شاهي جي حوالي ڪيا ويا آهن. سرڪار تعليمي بورڊن ۾ ڪمشنرن جي تعنياتي جو حڪم واپس وٺي، ميرٽ جي بنياد تي تعليم جي شعبي مان ماهرن کي انهن بورڊن جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اسان جو امتحاني نظام بهتر ٿي سگهي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري اهڙا سافٽ ويئر ٺاهيا وڃن جنهن جي مدد سان امتحانن وٺڻ کان وٺي انهن جي رزلٽ ٺاهڻ تائين شفافيت برقرار رکي سگهجي، اهل شاگرد کي پنهنجو حق ملي سگهي، صوبي جون اعليٰ اختياريون سنڌ جي ماڻهن اڳيان جوابده آهن اهو اسان جو يقين آهي. تڏهن اسين نگران صوبائي سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي تعليمي ادارن ۽ تعليمي بورڊن جو خيال ڪيو وڃي. سنڌ جي تعليم اهڙي سلوڪ جي مستحق نه آهي. سنڌ جي نگران سرڪار ڇا تعليم جي شعبي جي بهتري ۾ وک اڳتي وڌائي نٿي سگهي؟ اسين پوري اميد ڪريون ٿا ۽ اسان کي يقين آهي ته موجوده سرڪار سنڌ جي تباهه حال تعليم جي لاءِ ڪجهه بهتر قدم کڻندي ۽ انهن ۾ پهريون قدم تعليمي بورڊن جي تازي تعيناتين جو حڪم واپس وٺڻ آهي.