نئون

  چين جي سائنسدانن پاران نقلي انساني ڪن تيار

سائنس ان حد تائين ڪم ڪرڻ لڳي آهي جو هاڻي سائنسدان انساني جسم جا عضوا به ٺاهڻ لڳا آهن. ڪجهه عرصو اڳ اسرائيلي سائنسدانن ليبارٽري ۾ انساني جسم جي ٽنگ جي هڏي تيار ڪئي هئي. هاڻي چين جي سائنسدانن پاران نقلي ڪن تيار ڪري هڪ پيدائشي معذور ٻار کي اهو آپريشن ذريعي لڳايو ويو آهي. ماهرن جو هن باري ۾ چوڻ آهي ته انهن هي عضوو انهي ٻار جي جيو گهرڙي مان ٺاهيو آهي. هي ٻار مائيڪروشا microtia نالي هڪ بيماري جو شڪار آهي جنهن ۾ ڪن جو ٻاهريون حصو نه ٺهي سگهندو آهي.