ايڊيٽوريلنئون

پ پ پاران ڪئنالن خلاف تحريڪ جو اعلان قومپرستن سان رابطي جو فيصلو

            پيپلز پارٽي پاران سنڌو درياءَ تي ڇهن ڪئنالن واري منصوبي خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. 25 مارچ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ ۽ سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪئنال منصوبن جي حمايت نٿي ڪري ۽ اسان سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. احتجاج لاءِ پيپلز پارٽي سول سوسائٽي جي اڳواڻن، قومپرست پارٽين، وڪيلن ۽ ماهرن سان ملاقاتون ڪندي. 25 مارچ اڱاري تي سنڌ جي سمورن ضلعن جي هيڊڪوارٽرن ۾ چولستان سميت ڇهن ڪئنالن واري تڪراري منصوبي خلاف احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪندي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پيپلز پارٽي ان احتجاج کي تمام گهڻي دير سان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ڪئنالن جي تعمير جو ڪم تمام گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، نه صرف ايترو بلڪه سنڌ حڪومت سنڌ جون ڪيتريون ئي زرعي زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ وفاق جي حوالي ڪري چڪي آهي، جيڪي اڃان تائين واپس نه ورتيون ويون آهن، قومي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ مصدق ملڪ سنڌ حڪومت کي اهو طعنو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي ڪئنال منصوبن جي خلاف آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حق ۾ ناهي ته پوءِ ان کي پنهنجون ڏنل زمينون واپس وٺڻ گهرجن جيڪي اڃان تائين سنڌ حڪومت واپس وٺڻ جو اعلان نه ڪيو آهي.

            سياسي سمجهه جو تقاضو اهو آهي ته عوام جي آواز کي ٻڌو وڃي ۽ ان آواز کي ٻڌي مسئلي کي سياسي طور تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سنڌوءَ مٿان ڪئنالن جي اڏاوت صرف ڪنهن هڪڙي طبقي جو مسئلو نه آهي، بلڪه اهو پوري سنڌ ۾ رهندڙ هر شعبي سان تعلق رکندڙ، هر زبان ڳالهائيندڙ، هر شهر ۾ رهندڙ هر فرد جو مسئلو آهي. هن وقت ايئن لڳي رهيو آهي ته جيڪي ماڻهو روڊن ۽ رستن تي نڪتل آهن شايد درياءَ صرف انهن جو آهي ۽ پاڻي جي مالڪي به صرف انهن جي آهي ۽ شايد انهن ماڻهن جون ئي زندگيون اڳتي هلي پاڻيءَ جي مسئلي کان متاثر ٿيڻ واريون آهن، پر حقيقت ۾ انهن ڪئنالن جي نڪرڻ کانپوءِ جيڪو طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو اهو زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻهو ئي هوندو، جيڪو هنن احتجاجن کان پوئتي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ انهن جي شموليت ڪنهن به پليٽ فارم تان نظر نٿي اچي، توڻي جو سنڌ آبادگار بورڊ به احتجاجن کان پري نظر اچي ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پيپلزپارٽيءَ کي عوام جي دٻاءُ احتجاج لاءِ روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ جي ماڻهو جو ووٽ ئي کيس سنڌ جي مالڪي ڏياري ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ تمام سٺا ڪم به ڪيا آهن، پر جڏهن ڇهن ڪئنالن جي ايڏي وڏي ڀيانڪ عمل جي نتيجي ۾ پ پ خاموش رهي ته ان کانپوءِ عوام جو رد عمل يقينن ان جي حق ۾ نٿو اچي سگهي، اها ڄاڻ پ پ جي ليڊرشپ کي چڱيءَ طرح سان آهي. جيڪڏهن صدر آصف زرداري چاهي ٿو ته سندس اولاد اڃان وڌيڪ سياست جي ميدان ۾ متحرڪ رهي ته ان کي سنڌ دوست فيصلا ڪرڻا پوندا. سنڌ جو عوام هن وقت مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي. هڪڙو اڻ پڙهيل ماڻهو به پنهنجي حقن کان واقف آهي، ڇو ته هن ڊجيٽل دور ۾ عوام سيٽلائيٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي  سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهي ۽ هلندي گهمندي معلومات حاصل ڪري رهي آهي، ان ڪري ڪابه حڪومت پنهنجي عوام کي وڌيڪ دير تائين نه غلام رکي سگهي ٿي ۽ نه ئي لڪ ڇپ ۾ ان جي حقن تي ڌاڙو هڻي سگهي ٿي. اسان جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جو ادراڪ هجڻ کپي ته ڀلي عملي طور تي هن ملڪ ۾ جمهوريت جو راڄ نه به هجي، پر اڄ به هي ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي طور تي هلي رهيو آهي ۽ هن ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني اڄ به موجود آهي. ان ڪري عوام جي آواز کي ٻڌي اڻ ٻڌو ڪرڻ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي لاءِ پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻڻ جي برابر آهي.

            اميد آهي ته پيپلزپارٽيءَ جو هي احتجاج هڪ حقيقي احتجاج جي صورت ۾ اڳيان ايندو، نه صرف احتجاج ۾ پيپلز پارٽي شامل ٿي وفاق کي اهو پيغام ڏيندي ته اهي ڇهه ڪئنال سنڌ دشمن ڪئنال آهن ۽ انهن جي اڏاوت تي ڪم کي هڪدم روڪيو وڃي، بلڪه نئين قانون سازي ڪرائي هڪ اهڙو قانون جوڙايو وڃي،  جيڪو سنڌ کي ڪڏهن به پنهنجن حقن تان دستبردار ٿيڻ جي لاءِ يا ڪنهن ٻئي صوبي کي پنهنجي حق کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جو حق نه ڏئي. هن وقت ارسا ۾ اڪثريت جي بنياد تي ووٽ وجهڻ ايئن ئي آهي جيئن يونائيٽيڊ نيشن ۾ وڏن وڏن ملڪن وٽ ويٽو پاور جو حق آهي ۽ وفاق ۾ ويٽو پاور جو حق ڪنهن به صوبي کي نه ملڻ گهرجي، ان جي لاءِ سوچي سمجهي صوبي جي حقن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ اهو صرف درست وفاق دوست قانون سازي سان ئي ممڪن آهي. ان جي لاءِ اميد آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ سنڌ جي حقن جي سوديبازي کان پاسو ڪندي.