بلاگنئون

تڪراري ڪئنالن بابت وڌيڪ چٽائي!

جيئن جيئن سنڌ جو هڪَ ڪَرَ، همه وقت، هر رُخي ساڳيو آواز ته “سنڌوءَ سرشتي تي ڪوبه نئون ڪئنال نامنظور” آلاپجي رهيو آهي، تيئن تيئن ڪجهه آواز  ۽ عملي  ۽ ميڊيائي لهجا ڪنهن خاص مقصد سان يا وري ڪنهن ڀُل چڪ جي نتيجي ۾ ٿيڙ جو سامان پيدا ڪري رهيا آهن. هن ٿيڙ مان منهنجي مُراد آهي ڄاڻي واڻي يا پاڻمرادو پيدا ڪيل حالتون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سماجي تحرڪ جي ايڪي کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ جي هن سماجي تحرڪ جا ٻه محرڪ آهن. هڪ ته سنڌو دريائي سرشتي تي جنهن ۾ سنڌوءَ ۾ ڪِرندڙ سڀ درياءَ پڻ شامل آهن، ڪنهن به قسم جو ڪو به نئون واهه نه ٺهڻ گهرجي. ٻيو اِهو ته سنڌوءَ جي پاڻين تي ٿيندڙ هٿ چراند واري ڪمن کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي. سنڌ هن دفعي هڪ ٿرو پيغام ڏنو آهي ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪوبه عمل سنڌ ڪنهن به قيمت تي، ڪنهن به اڳواڻي  ۽ حڪومت هٿان، ڪهڙين به حالتن ۾ قبول نه ڪندي. حقيقت ۾ اِها مقصد جي پختگي پاڪستان جي آئين ۽ فيڊريشن ۾ يقين تي ٻڌل آهي.

هي سماجي تحريڪ عدم تشدد جو هڪ اعليٰ مثال آهي، جنهن کي اهڙي ئي رُخ تي قانوني دائرن ۾ رکڻ ضروري آهي. دنيا جون تحقيقون ٻڌائين ٿيون، پُرامن تحريڪن کي ڪي ڌُريون مختلف طريقن سان پُرتشدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته جيئن ان جي عام مقبوليت، ماڻهن تائين پهچ ۽ ان بابت هاڪاري جذبن ۽ خيالن کي منفي طور پيش ڪيو وڃي ۽ مقصد/ٽارگيٽ کي ڪمزور ڪيو وڃي. سڀ کان سنجيده گمان واهن ڪئنالن جي تعداد، انهن جي اثرن ۽ سنڌ جي حقن جو انهن سان لاڳاپي جي باري ۾ آهي. اچو ته ان گمان کي زميني حقيقتن جي عينڪ سان ڏسي پنهنجي منزل جي ٽارگيٽن کي چِٽي ريت سڃاڻون.

ڇهن ڪئنالن جو پڙاڏو پوئين ڏيڍ سال کان ٻُڌڻ ۾ اچي پيو. انهن ڇهن ئي ڪئنالن تي ليکڪن، انجنيئرن، ڏاهن ۽ صحافين ڪافي مضمون، بلاگ ۽ وي لاگن ۾ تفصيلي طور تي لکيو ۽ چيو آهي. انهن کي بلڪل واضح ڪرڻ، هن پوري سماجي تحرڪ لاءِ انتهائي اهم آهي. انهن مان هر ڪنهن ڪئنال جي بنيادي هئيت، منظوريءَ جي عملي گهاڙيٽن ۽ هاڻوڪي اڏاوتي حالت  ۽ ان تي سنڌ جي عوامي ۽ حڪومتي اعتراضن جو صاف لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

پهريون گريٽر ٿل ڪئنال (جي ٽي سي) آهي، جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراض آهن. ان جي پهرئين فيز کي آمر مشرف جي دور ۾ 2:3 ووٽن جي تناسب تان ارسا مان پاڻيءَ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ويو. ايڪنيڪ ۽ رٿابنديءَ واري ڪميشن کان منظوريون سر زمين تي ڪم شروع ڪرڻ کان پوءِ ورتيون ويون. سنڌ صوبو مڪمل طور سراپا احتجاج هو. سنڌ هڪ طويل جدوجهد شروع ڪئي، جيڪا هاڻ تائين جاري آهي. جي ٽي سي 2001ع ۾ شروع ٿيو، ان تي 17 لک ايڪڙن کان مٿي جي ايراضي لاءِ پاڻي ورتو ويو. 1991ع جي اڪارڊ ۾ پيرا 2 تحت ان جو پاڻي 1.873 ملين ايڪڙ فوٽ بيهي ٿو. وري ٻوڏ جي واڌو پاڻي مان (جيڪو حقيقت ۾ آهي ئي ڪونه) 0.624 ملين ايڪڙ فوٽ ڏنو ويو. يعني 5900 جي جاءِ تي ٻئي مقدار ملائي 8500 جي ڊزائين ڪري ڏنو ويو. واپڊا ان جي پهرئين مرحلي کي 2009ع ۾ پورو ڪري 2010ع ۾ آبپاشي کاتي پنجاب جي حوالي ڪيو. پهرئين فيز ۾ سترهن لک چاليهن هزارن مان ٽي لک پنجونجاهه هزار 355000 ايڪڙ ڪور ٿي ويا آهن. ان جو ٻيو فيز جنهن کي عرف عام  ۾ چؤبارا برانچ وارو پراجيڪٽ چون ٿا، اُهو کڻي آيا آهن، جنهن تي سنڌ اسيمبلي نومبر 22، 2021ع تي جلال پور ۽ چؤبارا برانچ واري جي ٽي سي جي اڏاوت خلاف قرارداد منظور ڪئي. ان جا وڌيڪ تفصيل اڳ ۾ ئي لکجي چُڪا آهن. صرف ايترو ته هن اسڪيم کي عبوري دور ۾ اليڪشن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ ۾ ايڪنيڪ ان شرط تي منظور ڪري وئي ته ان کي سي سي آءِ مان منظوري وٺڻ کانپوءِ شروع ڪيو وڃي. سنڌ ان پراجيڪٽ خلاف 2024ع ۾ سي سي آءِ ۾ ويل آهي. سنڌ کي پهرئين فيز تي به اعتراض هو، جيڪو جُڙي چُڪو آهي. هاڻ چؤبارا برانچ واري سرشتي مان ساڍا ڇهه لک ايڪڙ ٻني آباد ڪرڻ جا ارادا ڪيو ويٺا آهن. هي اسڪيم ڪالاباغ جيتري ئي خطرناڪ آهي. ڇهن ڪئنالن مان گريٽر ٿل ڪئنال جي ڪنهن به قسم جي توسيع سنڌ لاءِ زهر قاتل آهي.

ٻيو ڪئنال چولستان جي اسڪيم آهي. هي ڪالاباغ پلس پراجيڪٽ آهي. هن لاءِ 4122 ڪيوسڪ جي منظوري سي سي اي 610,237 ايڪڙن لاءِ اِرسا کان ورتل آهي. 4:1 جي اڪثريت سان منظور ٿيل پي سي ون کي ڏسنداسين ته ان ۾ ڏهه لک ايڪڙ لکيل آهن. ان پي سي ون ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونهي ته پنجاب پنهنجو پاڻي ڪٿان آڻيندو ۽ ڪهڙي سسٽم مان ڪَٽيندو. مک ڳالهه هي آهي ته هن کي ايڪنڪ جي منظوري وٺڻي آهي، جيتوڻيڪ ايڪنڪ جو 2024ع جو فيصلو موجود آهي ته پاڻيءَ جي سڀني اسڪيمن کي گڏيل مفادن جي ڪائونسل کان منظوري وٺڻ ضروري آهي، پر جي ٽي سي جي تجربي ۽ هاڻوڪن عملن سان هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڪو به عملي قدم منظوري کانسواءِ کڻي سگهجي ٿو. سنڌ جو موقف هن تي بلڪل چِٽو آهي ته هي سنڌ لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار پراجيڪٽ ثابت ٿيندو. ان ڪري، آئيني، قانوني ۽ تحقيقي بنيادن تي پاڻيءَ جي نه هئڻ جي ثابتي جي ڪري نه ٺهڻ کپي. سماجي تحرڪ پڻ چِٽو پيغام ڏئي ٿو ته چؤبارا سان گڏ چولستان پراجيڪٽ ڪالاباغ کان وڌيڪ آفتن جهڙو نقصان ڏيندو جنهن سان سنڌ جي زرعي هئيت ئي تبديل ٿي ويندي. وري ورجايان ٿو ته ڇهن ڪئنالن مان چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال چؤبارا برانچ سنڌ لاءِ قابل قبول ناهن. ان ڪري ان تي ڪنهن به قسم جو ابهام ٿيڻ نه گهرجي.

هاڻي ٽيون آهي ڪڇي ڪئنال جيڪو بلوچستان لاءِ آهي، جنهن تي ست لک ۽ تيرهن هزار ايڪڙ سي سي اي ۽ ڇهه هزار ڪيوسڪ ڊسچارج آهي. ان جو پهريون فيز واپڊا لڳ ڀڳ ستر هزار ايڪڙن لاءِ مڪمل ڪيو آهي. ان جي پاڻي جي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ارسا مان يڪ راءِ سان  (سنڌ سوڌو سڀني ميمبرن ‘ها’ ڪئي) آڪٽوبر 2003ع ۾ ڏنو. هن ۾ ڪڇي ڪئنال لاءِ خريف جي لاءِ 1.399 ۽ ربيع لاءِ 0.622 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته گڏيل 2.021 ملين ايڪڙ فوٽ جي منظوري ڏنل آهي. ان سان گڏ ساڳي سرٽيفڪيٽ ۾ پٽ فيڊر ڪئنال جي وڌائڻ لاءِ 0.469 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي منظور ٿيل آهي. ان ڪئنال جي منظوري تي سنڌ حڪومت جو ڪو اعتراض ناهي، نه ئي اِهو مسئلو سي سي آءِ ۾ کنيل آهي. ان پراجيڪٽ کي اڏاوتي مشڪلاتون آهن. واپڊا ان جو جيڪو حل ڪڍيو آهي ان تي سنڌ جو شديد اعتراض آهي. اِهو ته 2022ع واري نين جي تيز وهڪرن جي نتيجي ۾ ڪڇي ڪئنال ڪيترين ئي جاين تان ٽُٽو هو، هاڻ واپڊا جو خيال آهي ته اِهو جيڪو مختلف نين جو وِکريل پاڻي آهي ان کي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ گڏائي سنڌ جي طرف موڪلي، يعني جيڪو ڇڙوڇڙ ٿيل پاڻي آهي، ان کي 25000 ڪيوسڪ جي ڊسچارج جي لڳ ڀڳ هيٺ موڪلجي، هيٺ ته سنڌ آهي ۽ سنڌوءَ جو ساڄو پاسو تمام شديد ٻوڏن جو شڪار ٿيندو.

ان کي ٻن سِٽن ۾ هيئن لکي سگهجي ٿو ته پنهنجي بنيادي/شروعاتي اڏاوتي لحاظ سان ڪڇي ڪئنال تي سنڌ کي اعتراض ناهي. سنڌ پنهنجي بلوچستان جي ڀائرن کي ان ڪئنال وسيلي پنهنجي پاڻيءَ جي حق مطابق خوشحال ڏسڻ ٿا چاهين، پر جيڪي واپڊا جا اڏاوتي منصوبا آهن، اُهي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ان تي ڪوبه ڊرينيج جو ڪم سنڌ جي صلاح ۽ هاڪار کان سواءِ نه ٿيڻ گهرجي.

چوٿون ڪئنال آهي چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال هي اسڪيم اسان جي برادر صوبي ڪي پي لاءِ آهي. هن جي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي منظوري ارسا طرفان اپريل 2005ع ۾ يڪراءِ (سڀني ميمبرن جي هاڪار سان) ورتي وئي. هن ۾ خريف لاءِ 0.614 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ ربيع لاءِ 0.573 ملين ايڪڙ فوٽ، ٻنهي جو جوڙ 1.187 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. ڪمانڊ ايريا يا زرعي پکيڙ ٻه لک ڇهاسي هزار ۽  هڪ سئو ايڪڙ (286,100) آهي. هي لفٽ ڪم گريوٽي يعني موکي ۽ پمپنگ اسٽيشن تي ٻڌل اسڪيم آهي، جنهن تي واپڊا ڪم ڪندي رهي آهي. ڪي پي جي ان پراجيڪٽ تي بظاهر سنڌ کي ڪو اعتراض ناهي .

ڪنهن به فيڊريشن ۾ صوبن جي وچ ۾ ٻڌي به هوندي آهي ته اختلاف پڻ! اِهو عالمي طور تي ڏٺو ويو آهي. هندستان ۾ مثال طور ڪاويري درياءَ تي ڪرناٽڪا ۽ تامل ناڊو ۾ پوين 150 سالن کان سنڌ- پنجاب جهيڙو ئي جهيڙو هلندڙ رهيو آهي. ڪي پي پنهنجي پاڻيءَ جو حصو کڻڻ جا جاگرافيائي ۽ پراجيڪٽن کي عمل ۾ آڻڻ جي حالت ۾ ناهي، يعني پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي ۽ نه ئي وري اڄ تائين سنڌ يا ڪنهن ٻئي صوبي جي پاڻيءَ سان هٿ چراند ڪئي اٿائين. ساڳئي نموني بلوچستان ڪڇي کانسواءِ پنهنجو سمورو پاڻي سنڌ جي گڊو ۽  سکر بئراج وٽان ئي کڻي ٿو. ان ڪري ڀر ۾ هئڻ سان گڏ، ان حيثيت ۾ مختلف فورمن تي ارسا سميت سنڌ سان گڏ بيهي ۽ سنڌ ان سان گڏ بيهي. تاريخي طور ڪالاباغ ڊئم جي خلاف سنڌ سان ڪي پي ۽ بلوچستان گڏ بيٺو رهيو. هاڻ ڇا ٿيو جو چولستان تي، سنڌ سان گڏ نه بيٺو! اِهو اهم سوال آهي، جنهن تي اسان جي هر قسم جي سياسي، ساڃاهوند ۽ ليکڪ لڏي کي سوچڻ کپي. پنجاب مان، وسيب مان پڻ ڪيئي آواز چولستان جي پراجيڪٽ جي خلاف آيا آهن. ان جي معنيٰ ته جيڪڏهن اسان پنجاب جي عوام کي، پنهنجي ڳالهه سمجهائي سگهون ته بابا هي پراجيڪٽ حقيقت ۾ نه اَوهان جي فائدي ۾ آهي  ۽ اسان کي ته آهي ئي نرو نقصان ته ڪافي شيون بهتر ٿي سگهن ٿيون.

هاڻ اچو، پنجين  ۽ ڇهين ڪئنال تي جيڪي يا ته سنڌ ۾ آهن يا سنڌ ۾ ٺهڻا آهن! پنجون ڪئنال ريڻي آهي، جنهن کي ارسا پاڻي جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ سيپٽمبر 2002ع ۾ ڏنو. اِهو مشرف جو سنڌ لاءِ ٿوپيل تحفو هو، جيڪو سنڌ ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو. خير ان کي واپڊا جوڙي سنڌ جي حوالي ڪيو. ان جو سرٽيفڪيٽ پڻ يڪراءِ سان جاري ٿيل آهي. سنڌ حڪومت ان تي ڪمانڊ ايريا نه جوڙي آهي  ۽ نه ئي جوڙڻ جو ارادو رکي ٿي. ان ڪري سواءِ ٻوڏ جي ڏينهن جي، ريڻي ۾ پاڻي ڇڏيو نه ويندو آهي. وڌ ۾ وڌ وهڪري 5155 ڪيوسڪ جي، ان جو ڪُل مقدار رکيل 1.09 ملين ايڪڙ فُوٽ آهي، جنهن مان 92.5 سيڪڙو پاڻي مئي کان سيپٽمبر تائين رکيل آهي. ان کي سنڌ، هاڻوڪي سنڀار کان وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ نٿي چاهي.

ڇهون تجويز ٿيل ٿر ڪئنال آهي. اُهو ريڻي جي فيز ون کان هيٺان نڪرڻ لاءِ واپڊا جا ڪاغذ ٻڌائين ٿا. ان جي پي سي ون جي اڃان تائين ڪٿان به منظوري نه ٿي آهي. اڄ تائين نه ئي سنڌ حڪومت ان لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي سرٽيفڪيٽ (5000 ڪيوسڪ) جي ارسا کان گهر ڪئي آهي. سنڌ حڪومت اِهو ڪيس ويچار لاءِ سنڌ جي واٽر ڪائونسل ڏانهن اُماڻيو آهي. اسان ٿر جي عوام جا بيان پڙهندا آهيون ته “جيتوڻيڪ اَسان اُڃايل آهيون، پر اسان کي ٿر ڪئنال پراجيڪٽ نه کپي! بس چولستان، گريٽر ٿل ڪئنال، چؤبارا يا ڪوبه اهڙو پراجيڪٽ نه ٺاهيو!” سنڌ جو سڄو جائز ڪيس جيڪو آبپاشي کاتي حڪومتي (ارسا ۽ چار ئي صوبا) انگن اکرن جي بنياد تي ٺاهيو آهي، جنهن جي عالمي طور تي مختلف تحقيقون پڻ مڃين ٿيون ته پاڻي جيترو ورهايل آهي، اوترو آهي ئي ڪونه. سنڌ پنجاب پنهنجو اُهو پاڻي پورو نه هئڻ ڪري ڏهاڪن کان کوٽ ۾ آهن ته ڪوبه نئون ڪئنال ڪيئن ٿو ڪڍي سگهجي! جڏهن سنڌ جو جائز ۽ صحيح اعتراض آهي ته بابا چولستان ۽ چؤبارا لاءِ پاڻي آهي ئي ڪونه ۽ اسان جو پاڻي ورايو ويندو ته پوءِ ريڻي کي فعال ڪرڻ يا ٿر ڪئنال لاءِ پاڻي سنڌ ڪيئن ۽ ڇو ته گُهرندو؟!

اَوهان جي آڏو ڇهن ئي واهن جون بنيادي ڳالهيون عرض ڪيون اٿم. ان مان گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ان جي چؤبرا برانچ جو پراجيڪٽ ۽ چولستان نروار ٿي بيٺا آهن. جن مان سنڌ ۽ بلوچستان کي پڻ ڪنهن وڏي آفت کان به وڏو نقصان آهي!

(امر سنڌو جي وال تان کنيل)