آخرڪار پاڪستان، ايران ۽ اسرائيل-آمريڪا وچ ۾ سنگين نوعيت جي هلندڙ ڇڪتاڻ روڪرائڻ لاءِ ڌرين ۾ ثالثي وارو ڪردار بخوبي نڀائيندي ايران ۽ آمريڪا کي ڳالهين جي ميز تي آڻي ٻن هفتن لاءِ جنگبندي ڪرائڻ سان گڏوگڏ آبنائي هرمز جو لنگھه کولرائي باآساني مختلف ملڪن جي جهازن جو گذر روان دوان ڪرائي دنيا کي حيران ڪندي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آھن. پاڪستان جي اهڙي ٽياڪڙي واري عمل جي واکاڻ دنيا جا مختلف ملڪ وڏي واڪي ڪري رهيا آھن. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شھباز شريف جو ٽوئيٽ ڪيل پيغام دنيا جي پوري پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا سان گڏوگڏ پوري سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل رهيو آھي. آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ وزيراعظم محمد شھباز شريف وچ اوڀر ڇڪتاڻ جي روڪٿام لاءِ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، يقينن اهو ساراھه جوڳو عمل آهي ۽ ان جو اعتراف پوري دنيا جي اڳواڻن ۽ اختيارين سميت دوست ملڪ توڙي دشمن به ڪري رهيا آھن. دنيا لاءِ وڏي کان وڏو مسئلو بڻيل آبنائي هرمز جيڪو مسلسل جنگ دوران بند هجڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل ۽ تيل واري شين جون رقمون جنھن تيزي سان وڌي رهيون هيون ان ۾ هاڻ ڪجھه ٺاپر ضرور ايندي. عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي شرح وڌڻ سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ مهانگائي جي شرح به تيزي سان وڌڻ لڳي ھئي ۽ ان صورتحال سبب عالمي سطح سان گڏوگڏ ملڪي سطحن تي به مسلسل وڏي بيچيني ۽ پريشاني پکڙيل رهي آھي، جنگ دوران ڌرين جو ته جاني توڙي مالي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو هو، پر ان جنگ سبب وڌندڙ مهانگائي جو بار سڌي يا اڻ سڌي طرح خطي جي عوام تي پئجي رهيو هو. مخصوص وقت لاءِ ڌرين ۾ جنگبندي ۽ آبنائي هرمز جو رستو بحال ٿيڻ سان ڪجھه حالات بهتري طرف ته ضرور ويندا، پر ان مسئلي جو حل عارضي جنگبندي نه بلڪه هميشه لاءِ ان جو ڪو حل ڪڍي ڪو لائحه عمل جوڙي ايران ۽ آمريڪا کي ٽيبل ٽاڪ ذريعي پنھنجا مسئلا حل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.