مريم نواز کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي اڳواڻيءَ ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. فيصلي اچڻ کان اڳ ۾ ن ليگ جي وڪيل پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته قانون مطابق صرف پارٽي جي اليڪشن کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته پارٽي پاران ڪيل نامزدگي کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته مريم نواز جي نامزدگي قانون مطابق ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته مريم نواز جي نامزدگي خلاف پي ٽي آءِ درخواست جمع ڪرائي هئي ته مريم نواز ڪنهن به سياسي ۽ عوامي عهدي جي لائق نه آهي هن جي پارٽي جي نائب صدر طور نامزدگي غير قانوني آهي.