حاصل بزنجو جا رمارڪس بي بيناد آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر
آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل آصف غفور پنهنجي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته حاصل بزنجو جا رمارڪس بي بنياد آهن هن وڌيڪ چيو ته معمولي سياسي فائدي خاطر جمهوري عمل کي بدنام ڪرڻ جي رجحان سان جمهوريت جي خدمت نه آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي تبديل ڪرڻ جي مخالف ڌر جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي هئي. مخالف ڌر پاران صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي وئي هئي جنهن ۾ حاصل بزنجو کي سينيٽ جي چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪيو ويو هو.

