هن وقت سنڌ اندر ڇهن ڪئنالن وارو معاملو دکندي دکندي هڪ باهه بڻجي ڀڙڪي چڪو آهي. 9 مارچ 2025 تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بار ڪائونسلن گڏجي ڪراچيءَ ۾ احتجاج رٿيو. احتجاج ايف ٽي سي فلاءِ اوور شاهراهه فيصل جيڪو ڪراچيءَ جو هڪ اهم ترين رستو آهي، اتان کان شروع ٿيو. اتان کانپوءِ احتجاج ڪندڙ وڪيل ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان پهتا. چوڻ کان ته اهو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي بار ڪائونسلن جو احتجاج هو، پر حقيقت ۾ ان ۾ بدين، ميرپورخاص، ڄامشورو، ضلعي ٺٽي ۽ ملير جي سڀني بارز جي وڪيلن شرڪت ڪئي. ان احتجاج کان اڳ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر، وستي ۽ واهڻ ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ مرد، عورتون، جوان، شاگرد پنهنجو احتجاج ڪندا اچن پيا ۽ لڳي ائين ٿو ته جيستائين طاقتور ڌريون ان منصوبي تان هٿ نه کڻنديون تيستائين اهو احتجاج نه صرف جاري رهندو، بلڪه سگهارو به ٿيندو ويندو. سنڌ جي ماڻهن کي جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي ڌرتيءَ سان پنهنجو تعلق ڳنڍي رکن ٿا، انهن جو روزگار زراعت سان جڙيل هجي يا ڪنهن ٻئي شعبي سان، پر انهن کي انهن ڪئنالن جي نڪرڻ تي سخت ڳڻتي آهي ۽ اهي تاريخ جي پسمنظر ۾ درياءَ جي وهڪري کي ابتي وهائڻ واري عمل کي انتهائي تشويش جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ سنڌ جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي ان بابت پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار مختلف فورمن تي ڪندا رهن ٿا، پر ڏسجي ته ان سڄي صورتحال ۾ اسان جا اهي ڀائر جيڪي شهرن ۾ رهن ٿا يا اسين چئون ته اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ وارا شهري علائقا ان سڄي صورتحال کان لڳ ڀڳ ناواقف آهن.
عام ماڻهو ته ناواقف آهي ئي آهي، پر سياسي جماعتن جا اهم رهنما اهي به ان پاڻيءَ واري معاملي جي حساسيت کان اڻواقف نظر اچن ٿا. ان ۾ شايد ڏوهه اسان جي سنڌ جي مختلف قومپرست سياسي جماعتن جو به آهي، جن پنهنجي ايجنڊا ۾ انهن ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ واري عمل کي شامل نه ڪيو آهي. اهڙيون تحريڪون ڪنهن هڪ ڌر جي متحرڪ ٿيڻ سان ڪامياب نه ٿينديون آهن، پر ان ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل ڪرڻ جي ۽ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهري آباديءَ جي رهنمائن کي به ان ڳالهه جي حساسيت کان آگاهي ڏجي ته جيئن انهن ڪئنالن جي خلاف احتجاج شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هڪ جهڙي طاقت سان ٿي سگهي ۽ پوءِ جيئن ڪالا باغ ڊيم کي ٺهڻ کان روڪيو ويو ساڳئي ريت انهن ڇهن ڪئنالن کي به روڪيو وڃي، جن جي تعمير تي هن وقت به ڪم هلي رهيو آهي. ڪراچيءَ جي شهرين کي خبر ئي ناهي ته کين روزاني جي بنياد تي ملندڙ 650 ملين گئلن پاڻيءَ مان 550 ملين گئلن پاڻي (85 سيڪڙو) سنڌو درياءَ مان اچي ٿو. ڪراچيءَ جو گهريلو ۽ صنعتي ضرورتن جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج جي ساڄي ڪپ کان نڪرندڙ واهه ڪلري بگهاڙ فيڊر (ڪي بي فيڊر) وسيلي پهرين ڪينجهر ڍنڍ ۾ پهچندو آهي اتان اهو پاڻي گهاري ۽ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشنن تائين پهچندو آهي ۽ پوءِ اڳتي ڪراچي شهر ۾ پهچايو ويندو آهي. باقي 100 ملين گئلن پاڻي ڪراچيءَ کي حب ڊيم مان ملندو آهي جنهن جو دارومدار حب نديءَ جي وهڪرن تي هوندو آهي. جڏهن مينهن نه پوندا آهن پاڻي گهٽجي ويندو آهي ته ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي.
افسوس ان ڳالهه جو آهي ته نالي ماتر ئي کڻي، پر هن وقت هڪ جمهوري حڪومت ملڪ جي مٿان حڪمراني ڪري رهي آهي، جيڪا آئين تي حلف کڻي پنهنجا ادارا هلائي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ صوبي سان ايتري وڏي ناانصافي ٿئي، ان جا آئيني حق ڦريا وڃن، پاڻيءَ جي مسئلي کي ڏسڻ وارن ادارن جون ميٽنگون نه ڪيون وڃن، ان جي ڳالهه ئي نه ٻڌي وڃي ۽ بلڪل ڪن ٽار ڪري منصوبي تي عمل ڪيو وڃي، اهو هن ملڪ جي مستقبل جي لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي. پاڻيءَ جو مسئلو صرف زراعت جو مسئلو ناهي، پر اهو سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي. سڄي سنڌ جي لاءِ چاهي اهي شهري علائقا هجن يا زرعي ۽ ٻهراڙين وارا علائقا، هڪجهڙو ئي اهم آهي. ان شيءِ کي محسوس ڪندي ايم ڪيو ايم حقيقي جي رهنما آفاق احمد هڪ مختصر بيان ڏيندي چيو آهي ته هن کي پاڻيءَ جي مسئلي جي ٽيڪنيڪل ڄاڻ ته نه آهي، پر جيڪڏهن ڇهن ڪئنالن سان سنڌ کي نقصان پهچي ٿو ته هو انهن ڪئنالن جي مخالفت ڪندو. سندس ان بيان مان لڳي ايئن ٿو ته کيس يا اردو ڳالهائيندڙ ٻين رهنمائن کي ان مسئلي بابت آگاهي نه ڏني وئي آهي.
هن وقت ضروري آهي ته اسان جا قومپرست رهنما يا وڪيل ڀائر جيڪا مهم هلائي رهيا آهن ان ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي بلڪه ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني جماعتن، اسٽيڪ هولڊرن، واپارين، صنعتڪارن ۽ گهريلو صارفين کي پنهنجي احتجاج ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ انهن سان ملاقاتون ڪيون وڃن، مسئلي جي سنجيدگي جيستائين ڪراچيءَ جي رهواسين تائين نه پهچندي تيستائين شايد اڌ سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج کي قومي مسئلي جي حيثيت طور نه ڏٺو ويندو. هن وقت به اسان جو اردو ميڊيا سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي ڪابه ڪوريج نه ڏيئي رهيو آهي، سواءِ هڪ ٻن ميڊيا هائوسن جي. ضروري آهي ته پوري سنڌ جي ماڻهن کي ان احتجاج ۾ پاڻ سان شامل ڪجي، ڇو جو پاڻيءَ جو مسئلو سنڌ جي هر ماڻهوءَ جو مسئلو آهي، ثقافت جي بقا جو مسئلو آهي، اتي رهندڙ هر جيو جو مسئلو آهي. جڏهن پاڻي نه هوندو ته هيءَ ڌرتي بنجر بڻجي ڪنهن صحرا جو ڏيک ڏيندي.