بلاگنئون

فقير جي فڪر ۾ لڪل انسانيت جي خدمت جو ڏانءُ

عشق جي منزل اڳي او قاضيان هن لفظ جي مفهوم کي سمجهڻ لاءِ صوفي ازم جي ڊڪشنري جو مطالعو ڪرڻو پوندو، هتي جنهن عشق جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي اهو عشق خالق حقيقي، جنهن ۾ روحاني وجديت ۽ پريت جو پيغام سمايل هجي ٿو. اڄ تازو منهنجي ڪچهري هڪ پينو فقير سان ٿي جنهن جي ڳچيءَ ۾ مڻڪا موتي، پيرن ۾ گهنگرو، ڊگهي جبي سان سڄو جسم اوڍيل هئس ۽ هٿن ۾ يڪتارو وڄائي دڪان دڪان تان خيرات وٺندو رهيو. جڏھن اهو فقير اسان وٽ خيرات وٺڻ آيو ته مون سندس ادب سان اٿي بيهي استقبال ڪيو ۽ کانئس ڪجھ منٽ ڪچهري لاءِ گهريا.

فقير سائين منهنجو عرض مسڪرائيندي قبول ڪيو ۽ وراڻيائين ڪا مصيبت واري ڪچهري ته مون سان ڪرڻ نٿا چاھيو. مون کيس يقين ڏياريو ته فقير سائين توهان جنهن رمز ۾ آهيو آئون ان رمز جي گهرائي جي باري ۾ توهان کان ڪجھ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندس، جيڪڏھن توهان مناسب سمجهو ته روشني وجهو ۽ جيڪڏھن توهان ضروري نه سمجهو ته به ڪو هرج ڪونهي. فقير مسڪرائيندي چيو سائين توهان مون کي اونهائي وارا ماڻهو پيا لڳو توهان کي ناراض ڪرڻ به اسان فقير صفت ماڻهن لاءِ گناھ آهي توهان جيڪو به سوال پڇڻ چاهيو مون کان پڇي سگهو ٿا. فقير صاحب جي طرفان اجازت ملڻ کانپوءِ مون کيس صوفي ازم ۽ فقير کان ان جي روپ جي متعلق سوال ڪيو. فقير سائين وڏو ساھ کڻندي چيو بابا سائين آئون ڏھ درجا پاس آهيان، فقير فريد منهنجو نالو آهي، تيز برسات وسڻ جي ڪري اسان جي گهر جي ڇت ڪري پئي هئي ان حادثي ۾ منهنجو بابا سائين، منهنجي امڙ جيجل ۽ منهنجون ٻه ننڍڙيون ڀينرون فوت ٿي ويون هيون، بابا تڏهن کان وٺي هن روپ ۾ آهيان. ڳچيءَ ۾ مڻڪا موتي ۽ منهنجي پيرن ۾ گهنگرو عشق انسانيت جي مون تي خاص عنايت آهي بابا آئون روزانو صبح جو سوير نڪري پوندو آهيان، منجهند تائين جيتري به مون کي خيرات ملندي آهي. مون جيان جيڪي به پيٽ بکايل ملندا آهن انهن ۾ ورهائي وري پوءِ آئون خيرات وٺڻ شروع ڪندو آهيان شام تائين جيڪو به ونڊ ملندو اٿم اهو به مون وانگي ضرورت مندن ۾ تقسيم ڪندو آهيان ۽ جتي به رات ٿيندي آهي اتي سمهي پوندو آهيان ۽ وري صبح جو ساڳيو ڪاروبار ڪندو آهيان، انهيءَ ڪاروبار ۾ منهنجي زندگي جا پنجويھ سال گذري ويا آهن.

مون کي ڪابه خبر ناهي ته آئون نفعي ۾ آهيان يا نقصان ۾ اهو راز صرف منهنجو محبوب ڄاڻي ٿو. سائين توهان بي فڪر ٿيو توهان جي ڏنل خيرات آئون حقدارن تائين پهچائيندو آهيان. بابا منهنجو ڪم ئي اهو آهي. ائين چئي فقير سائين اٿي هلڻ لڳو. ڪجھ ٽائيم تائين آئون غور فڪر ۾ گم ٿي ويس ته هن فقير کي عاشق چئجي، سخي چئجي، صوفي ازم جو پيروڪار چئجي يا پيٽ بکايل انسانن جي خدمت لاءِ موڪليل ڪو فرشتو چئجي. هن نفسانفسي جي دور ۽ نٽهڻ اس ۾ دڪان دڪان تان خيرات وٺي ضرورت مندن ۽ بکايل انسانن کي کاڌو کارائڻ تمام وڏي خدمت آهي ۽ ان جي برعڪس موجوده دور جا سياستدان، مير، پير، سرمائيدار، جاگيردار غريب ۽ مسڪين انسانن جي خون جا پياسا ۽ راڪاس وانگي انهن جي حقن تي ڌاڙا هڻي ناجائز دولت جا انبار لڳايو ويٺا آهن. جڏھن ته اهي بخوبي ڄاڻن ٿا ته هيءَ دولت اسان جي آخرت ۾ اسان لاءِ عذاب جو باعث بڻبي، پوءِ به حرص و حرام جي چڪر ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين ٿا. مجبور نياڻين جون عزتون عصمتون لٽيندڙ پنهنجي مالڪ حقيقي آڏو ڪهڙو منهن کڻي هلندا. فقير جي فڪر کي محسوس ڪندي آئون ڪجھ دير لاءِ تمام پريشان ٿي ويس الائي ڇو انسان پنهنجي فرض کان غافل ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسين هن دنيا جي مختصر زندگي بابت بخوبي ڄاڻون ٿا پوءِ به ڇو نٿا اسين هن زندگي کي راھ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ۽ رب العزت جي خوشنودي حاصل ڪريون جنهن ۾ روحاني سڪون ۽ آخرت لاءِ فائديمند ثمر موجود آهي. صوفي ازم جي معنيٰ ئي ٻين ڪاڻ جيئڻ جو درس ڏئي ٿي، انسانيت ۽ ڪل ڪائنات جي مخلوق سان پيار پريت ۽ ڀائيچاري جي سگھ مهيا ڪري ٿي. مالڪ ڪائنات جي فرض و فڪر ۾ گم ٿي منزل مثالي جو گس ملي وڃي ٿو. منهنجي سوچ ۽ فهم مطابق هي سودو سراسر نفعي بخش آهي.

مئا منجھ مقام جي، سڪن پيا سلامتي،

انگ نه اوڍين ڪپڙو، طلب نه رکن طعام،

ﷲ آڻ قيام، ته ڏسان منهن محبوب جو.

صوفي ازم جي معنيٰ ئي فڪرمند واري زندگي ۽ انسانيت سان ڏک سک ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ کي چئجي ٿو، فڪر ان کي هوندو آهي جيڪو زندگي ۾ ڪو نه ڪو وهنوار ويچار ڪندو آهي، ٻين جي تڪليف کي محسوس ڪرڻ وارو انسان هميشه فڪر ۾ رهندو آهي. وقت جا مهان معتبر حاڪم هن دنيا مان هٿ خالي ڪري پنهنجي ابدي زندگي ڏانهن روانا ٿي ويا مالڪ حقيقي جي عدالت ۾ اعمالن جو چٽو کڻي قبر انڌاري ۾ فيصلي جا منتظر هوندا الائي ڪڏهن کين اوسيئڙو ختم ٿيندو ۽ فيصلي جو وقت ايندو…!

ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛

ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛

پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛

ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ.