بلاگنئون

غير مهذب افغاني قونصلر کي پاڪستان ۾ رهڻ جو حق نه آهي

ملڪن جي لاءِ قومي ترانو عزت، وقار ۽ ملڪ جي سڃاڻپ جي حيثيت رکندو آهي. جڏهن به اهو ترانو وڄايو ويندو آهي ته ان جي احترام ۾ هر خاص ۽ عام کي اٿي بيهي تراني ۽ ملڪ جي تعظيم جو اظهار ڪرڻو هوندو آهي. اهو به ضروري هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آيل مهمان موجود آهي ته ان کي به تراني جي تعظيم ۾ اٿي بيهڻ گهرجي ڇو ته اهي سفارتي لاڳاپن جي بهتر ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي ۽ ان ملڪ سان سفارتي ادبن جي به خبر پوي ٿي، پر اهي سڀ ڳالهيون با عزت، با وقار، ساڃاهه وند، احسان مند، با اخلاق، تهذيب ۽ تربيت يافته ماڻهن مان توقع رکي سگهجن ٿيون، جڏهن ڳالهه افغاني ماڻهن جي اچي ته پوءِ انهن ڪيل ڳالهين جي شايد ڪا حيثيت نٿي رهي.
موجوده افغاني حڪومت کي ته اڃان دنيا تسليم ئي نه ڪيو آهي، ان جي باوجود پاڪستان اندر انهن جا قونصلر الائجي ته ڪهڙي قانون تحت موجود آهن، افغان باشنده ٻين ملڪن ۾ جڏهن وڃي رهن ٿا پوءِ گهڻو ڪري اتان جي ملڪن جي قانونن کي ٽوڙين ٿا ۽ دهشتگرديءَ جو مظاهرو مختلف صورتن ۾ ڪندا رهن ٿا. لڳي ائين ٿو ته پوري قوم جي تربيت ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر طالبان جي تربيت ته پاڪستان جي ڪئمپن ۾ ٿي آهي ته پوءِ خبر ناهي ته اهي پاڪستان کان ايتري نفرت جو اظهار ڇو ٿا ڪن، شايد سندن تربيت ۾ ڪٿي ڪا ڪوتاهي رهجي وئي آهي. سندن کان وڌيڪ شايد ڪو احسان فراموش دنيا ۾ موجود هجي. سندن احسان فراموشي ۾ به پاڪستاني خارجا پاليسي ۾ جيڪا افغانستان سان آهي ان تي به ڏوهه اچي ٿو. خبر آهي ته پشاور ۾ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم ڪانفرنس وزيراعليٰ خيبر پختونخواهه طرفان ڪوٺائي وئي جنهن ۾ افغاني نمائندو جنهن کي پاڪستان گورنمينٽ قونصلر جو درجو ڏئي ٿي موجود هو. جڏهن قومي ترانو وڄايو ويو ان وقت هال ۾ موجود سڀئي ماڻهو اٿي بيٺا، پر افغان قونصلر ۽ ان جو ساٿي بد تهذيبي جو مظاهرو ڪندي سيٽن تي ويٺل رهيا. مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن قونصلر وٽ افغاني شناختي ڪارڊ يا افغاني پاسپورٽ موجود نه آهي. جنهن دستاويز تي پاڪستان اندر موجود آهي ان جو معياد به ٻه مهينا پهرين گورنمينٽ آف پاڪستان ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان جي باوجود هي ماڻهو انهيءَ حيثيت ۾ ڪيئن ويٺو آهي اهو سوال وزارتِ داخلا ۽ وزارتِ خارجا کان ٿيڻ گهرجي. هي بد نسل قونصلر گذريل 40 سالن کان پاڪستان ۾ موجود افغاني ڪئمپن ۾ پليو آهي، پاڪستاني عوام جي ٽڪرن تي پليل آهي، پر هن احسان فراموش ماڻهو کي ٻين افغانين وانگر پنهنجي محسن ملڪ جي عزت ڪرڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي. هن وقت به قانوني طور تي لکين افغان مهاجر پاڪستان ۾ موجود آهن، جن جي سارسنڀال پاڪستان گورنمينٽ جي ذميواري آهي. غير قانونين جو انگ ڏسڻو هجي ته ڪراچي جي افغاني بستين ۾ اسان کي نظر ايندو جيڪي سنڌ حڪومت لاءِ پڻ نوگو ايريا بڻيل آهن. پي ٽي آءِ جيڪا پاڻ کي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي چورائي ٿي انهيءَ جي وزيراعليٰ کي جيڪو پنهنجي ملڪ جي سياستدانن جي لاءِ هميشه بداخلاقي واري زبان استعمال ڪندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏو اڪابر ۽ بهادر سمجهندو آهي، انهيءَ جي طرفان افغاني قونصلر کي چوڻ جي جرئت به نه ٿي ته هن کي جيڪڏهن اسان جي تراني جي لاءِ احترام نه آهي ته پوءِ هڪ وزيراعليٰ جي حيثيت سان هن کي به سندس لاءِ احترام نه آهي. ان جي برعڪس تقريب کانپوءِ وزيراعليٰ خيبر پختونخواهه انهن ٻنهي ماڻهن کي وٺي انهن سان هڪ الڳ ميٽنگ ڪئي. شايد پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته پاڪستاني عوام جي عزت کان وڌيڪ کين افغاني پيارا آهن، هو سمجهن ٿا ته افغاني اسان کي هر طرح جي سپورٽ ڏئي سگهن ٿا، جيڪا سندن خام خيالي آهي.
ان سان گڏ پاڪستان ۾ موجود هن وقت جي حڪمرانن جي اڳيان به هڪ وڏو سوال آهي ته گذريل حڪومت جي غلط پاليسين سبب افغانين کي جيتريون سهولتون پاڪستان اندر مليون ڇا اهي اڃان جاري آهن انهن افغانين جي ڪري اسان وٽ بدامني، منشيات فروشي، هٿيارن جو عام وڪرو، اسمگلنگ عام ٿيا، جنهن سان ملڪ جي حالت ايستائين پهچي وئي آهي جو شهر هجن يا ٻهراڙيون ڏوهن جا مرڪز بڻجي ويا آهن. عوام جو مطالبو آهي ته نه صرف انهن ٻنهي افغانين کي ملڪ بدر ڪيو وڃي، پر ملڪ ۾ موجود سڀني افغانين کي واپس سندن ملڪ افغانستان موڪليو وڃي. هاڻي پاڪستان جو عوام سندن وڌيڪ بار کڻڻ لاءِ تيار نه آهي.