بلاگنئون

بنون واقعي جي حساسيت کي سمجهڻ ملڪي سلامتي لاءِ اهم آهي

طاقتور ادارا جڏهن به آئين کان مٿانهيون پاليسيون ٺاهين ٿا، انهن پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ قوم کي هميشه نقصان ڀوڳڻو پيو آهي، پر بجاءِ سبق سکڻ جي طاقتور ڌرين هڪٻئي جي پويان مسلسل غلطيون ڪندي ملڪ جي امن کي اڄ جي صورتحال تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
80 هزار کان وڌيڪ سول ماڻهن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جي قرباني ڏيڻ کانپوءِ به خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن جو صفايو نه ٿي سگهيو آهي جيڪا يقينن انهن ادارن جي ناڪامي آهي. هڪ دفعو ٻيهر عزم استحڪام پاڪستان جي نالي سان آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي، ان آپريشن شروع ڪرڻ کان پهرين پاليسي ساز ادارن ماضي قريب ۾ سندن طرفان غلط پاليسين کي لاڳو ڪرڻ وارين غلطين تي معذرت ڪئي آهي يا نه؟ جواب آهي نه. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت جڏهن ٽي ٽي پي جي 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي خيبر پختونخواهه ۾ آڻي رهايو هو ۽ انهن کي حڪومت طرفان سهولتون پڻ ڏنيون ويون ان وقت ساڃاهه وند ماڻهو دانهون ڪري رهيا هئا ته توهان جن 40 هزار ماڻهن کي جن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ويڙهاڪ آهن باقي انهن جا خاندان وارا آهن، انهن خاندانن ۾ جيڪي نوجوان پلجي وڏا ٿي رهيا هئا، انهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي ڪوشش ڪئي وئي هئي؟ يقينن انهن خاندانن جي نوجوانن کي اهي دهشتگرد جيڪي افغانستان ۾ وڙهندا رهيا جن جون ڪارروايون پاڪستان اندر ٿينديون رهيون، اهي پنهنجن ٻارن کي پنهنجا گهڙيل بهادري جا قصا ضرور ٻڌائيندا هوندا ۽ انهن جي ٻارن اهو سمجهي ورتو هوندو ته هٿياربند ويڙهه انهن جي فائدي ۾ آهي، کانئن وقت جي حڪومت ڊڄي ٿي. مقامي قبائلي سردار پڻ ساڻن وڙهڻ جي طاقت نٿا رکن. ڇو ته حڪومت انهن سان گڏ آهي ته پوءِ اهي 40 هزار ماڻهو صرف 40 هزار نه هئا، پر انهن جو تعداد لکن ۾ ٿي چڪو آهي. هن وقت پوزيشن اها آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ اڻ اعلانيل حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان جي آهي ان جي سهولتڪاري پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت ڪري رهي آهي. عوام جو پنهنجي سيڪيورٽي ادارن مٿان اعتبار کڄي چڪو آهي، جنهن ۾ اتان جو عوام حق بجانب آهي. 80 هزار ماڻهن جي شهادت کانپوءِ به امن نه ٿئي ته ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟ انهيءَ ڪري عزم استحڪام پاڪستان آپريشن تي خيبر پختونخواهه جو ماڻهو اعتبار ڪندي نظر نٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو بنون شهر ۾ سول سوسائٽين، سياسي پارٽين، تجارتي تنظيمن هڪ پرامن مارچ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ عام ماڻهن شرڪت ڪئي. ڇو ته عام ماڻهو انهن دهشتگردن جي دهشتگردي مان تنگ آهي ۽ سندس گهر اها آهي ته کيس پرامن زندگي مهيا ڪئي وڃي. ايڏو وڏو جلوس جنهن جي بظاهر ڪابه سياسي پارٽي اڳواڻي نه ڪري رهي هئي، عوام پاڻ ئي اچي وڃي ته پوءِ ڇا سمجهجي ته عوام جو ڪيترو يقين پنهنجي سيڪيورٽي ادارن تي باقي بچيو آهي. انهيءَ جلوس کي ان ۾ شامل ڪجهه شر پسندن ڪينٽ واري رستي طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جتي انهن ئي شر پسندن پٿراءُ ڪرڻ شروع ڪيو. بنون ڪينٽ اها آهي جتي چار ڏينهن پهرين دهشتگردي جو حملو ٿيو جنهن ۾ 8 جوان شهيد ٿيا هئا. اهڙي حساس علائقي طرف جلوس کي شر پسند وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ پٿراءُ ڪيو. پٿراءُ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي ادارن طرفان هوائي فائرنگ ڪئي وئي. اهو به چيو ٿو وڃي ته انهن شر پسندن طرفان به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بيگناهه شهري اجل جو شڪار ٿيو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته هي واقعو پنهنجي نوعيت جو هڪ حساس واقعو آهي انهيءَ کي طاقت سان نه پر سياسي تدبر سان ئي روڪي سگهجي ٿو. خيبر پختونخواهه جي سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ڇو ته اي اين پي هجي، جي يو آءِ (ايف) هجي يا اتان جون قومپرست سياسي پارٽيون اهي سڀ دهشتگردي جي خلاف رهيون آهن ۽ دهشتگردن جي عتاب جو شڪار پڻ ٿيون آهن. انهن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ انهن کي اعتبار ڏياريو وڃي ته ان آپريشن جو ڪنهن به بيگناهه شهري تي اثر نه پوندو. انهيءَ آپريشن جو نشانو دهشتگرد هوندا ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ آپريشن ڪامياب ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا. ڇو ته خيبر پختونخواهه جو عوام پڻ دهشتگردي کي سٺو نٿو سمجهي ۽ اهو به پنهنجي عسڪري ادارن سان گڏ بيٺل نظر ايندو، پر هن وقت هو مجبور آهي، هو چاهي ٿو ته سندس جان دهشتگردن کان آجي ڪرائي وڃي. انهيءَ ڪري عقل کان ڪم وٺجي ۽ بنون واقعي جي حساسيت کي سمجهڻ گهرجي.