ايڊيٽوريلنئون

وفاقي وزارت خزانه جي جاري ڪيل معاشي آئوٽ لُڪ رپورٽ

            وفاقي وزارت خزانه ملڪ جي معيشت متعلق معاشي آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن مطابق گذريل سال جي مقابلي ۾ ٽيڪس جي وصولي وڌي آهي ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي. هتي اها ڳالهه ڪجي ته مالي سال 24-2023 کان هيستائين ملڪ تعليم، زراعت، صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرو ٿيو آهي. معيشت ۽ ماليات تي جيڪو دٻاءُ هو، اهو ختم ٿيو. نتيجي ۾ ملڪي ترقيءَ جي شرح بهتر ٿي آهي ۽ مالياتي انگ اکر بهتر ٿيا آهن، افراط زر گهٽيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج مختلف وقتن تي تاريخي سنگِ ميل عبور ڪيا آهن. غير ملڪي ناڻي جي ملڪ ڏانهن ترسيل بهتر ٿي آهي. برآمدات ۽ سرمائيڪاري ۾ به اضافو ٿيو آهي. معيشت جي بهتري جي ڪري سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. عالمي مالياتي ادارن به پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

            سال 2024 جي سيپٽمبر مهيني ۾ پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ کان 7 بلين ڊالر جو بيل آئوٽ پئڪيج حاصل ڪيو هو. جنهن جو مقصد معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، زرعي، صنعتي ۽ ٻين شعبن ۾ اصلاحات تي عملدرآمد ڪرڻ آهي. پاڪستاني معيشت جي درجا بندي اُسرندڙ معيشتن ۾ شمار ٿئي ٿي، لڳي ٿو ته ملڪ ترقي پذيري کان ترقي جي راهه طرف هلي رهيو آهي. موجوده حڪومت معاشي بحالي لاءِ 10 سالا منصوبو “اُڙان پاڪستان” جي نالي سان شروع ڪيو آهي. انهيءَ منصوبي تحت آئنده پنجن سالن ۽ ڊگهي مدت ۾ سال 2035 تائين جا معاشي هدف مقرر ڪيا ويا آهن. ملڪ جي جي. ڊي. پي جي واڌ آئنده ڏهن سالن ۾ هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ پروگرام جي باري ۾ حڪومت جي اها دعويٰ آهي ته اهو جامع قومي اقتصادي ترقيءَ جو منصوبو آهي، جيڪو پاڪستان جي معيشت کي ترقيءَ جي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي.

            وفاقي حڪومت سمجهي ٿي ته ملڪ کي مستحڪم پائيدار ۽ عالمي معيشت ۾ مقابلي جهڙو بنائڻ لاءِ معاشي ترقي کانسواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي. سرڪار “اُڙان پاڪستان“ پروگرام جي تحت برآمدات کي وڌائڻ چاهي ٿي. زراعت، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بهتر پيداوار حاصل ڪري برآمدات کي وڌائي سگهجي ٿو. ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ برآمدات ۾ اضافو ضروري آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي جيڪڏهن عام ڪيو وڃي ته آءِ. ٽي گريجوئيٽس به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ماحوليات کان وٺي توانائي جي شعبن ۾ ڪجهه اهڙي بهتري ڪجي جو توانائي جي پيداوار به ٿئي ۽ ماحول به متاثر نه ٿئي. ملڪ جي تعليمي ترقي کان وٺي ماحولياتي تبديلي تائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. وزارت خزانه جي آئوٽ لُڪ رپورٽ بهتر آهي، ملڪ کي ايندڙ سالن ۾ ترقي جي طرف تيزي سان وڃڻو آهي. وزارت خزانه جي رپورٽ چوي ٿي ته گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال 36.7 سيڪڙو ٽيڪسز وڌيڪ وصول ٿيا آهن. جڏهن ته مالياتي خسارو گهٽ ٿيو آهي. رپورٽ اهو به چوي ٿي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي برآمدات ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري اهي 21.1 سيڪڙو وڌي ويون آهن. آئوٽ لُڪ رپورٽ جا اهي انگ اکر جيڪي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي برآمدات متعلق آهن. اهي ملڪ جي ترقي ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان جو ملڪ دنيا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ ڪري رهيو آهي ته اهو سڌو اشارو آهي ته هي ملڪ سائنس جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. رپورٽ اهو به ٻڌائي ٿي ته آٽو موبائل سيڪٽر ۾ ملڪ 95.8 سيڪڙو ترقي ڪئي آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته مسافري لاءِ گهربل گاڏين ۽ بار برداري لاءِ ڪتب ايندڙ ننڍين وڏين گاڏين جي صنعت ترقي ڪئي آهي. اهو انهيءَ ڳالهه ڏانهن سڌو اشارو آهي ته ملڪ ۾ زندگيءَ جو معمول تيز ٿي رهيو آهي. ڪنهن به معاشري ۾ زندگي جو معمول جاري آهي. مسافري ۽ بار برداري جاري آهي. ڪارون، بسون، ٽرڪون ۽ ملڪ جا روڊ، رستا جيڪڏهن مصروف آهن، تڏهن انهيءَ سماج جي ترقي جي سفر کي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو. رپورٽ جي مطابق تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ قيمتون وڌيون آهن.

            وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن کي تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ انهن شعبي جي مدد ڪرڻي پوندي ته جيئن ملڪ جو عوام تعليم ۽ صحت جي نعمتن مان فائدو حاصل ڪري سگهي. وزارت خزانه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غريبن جي مدد جي ڳالهه ڪئي آهي. انهيءَ پروگرام ۾ ضرورتمند ماڻهن ۾ 409.4 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. وزارت خزانه جي آئوٽ لُڪ رپورٽ اهو ظاهر ٿي ڪري ته ملڪ ترقي جي راهه تي هلي رهيو آهي.