ايڊيٽوريل

سنڌ جي سونهن ڪارونجهر سنڌ حڪومت لاءِ ڪنڊو بڻيل

                سنڌ صوبي جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگر پارڪر جو هڪ حصو ڪارونجهر آهي. ڪارونجهر ننڍين ننڍين ٽڪرين تي مشتمل 17 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. ڪارونجهر هڪ سهڻو جبل آهي، پر جڏهن سانوڻيون وسنديون آهن ته سندس سونهن سوائي ٿي ويندي آهي. ننگر جون گلابي ٽڪريون سانوڻي کانپوءِ سائو ويس پائينديون آهن، انهيءَ سونهن کي پسڻ جي لاءِ پوري ملڪ جا سياح ڪارونجهر جو رخ ڪندا آهن. ڪارونجهر صرف سياحتي ماڳ نه آهي، ڪارونجهر تاريخي ماڳ آهي ۽ ڪارونجهر ۾ مذهب جي حوالي سان جين ڌرم کان وٺي هندو ڌرم جا تيرٿ آستان موجود آهن. هڪ هزار سال پراڻي مسجد پڻ ڪارونجهر جي ڪور ۾ موجود آهي. ڪارونجهر جو پٿر خوبصورتي سان گڏ قيمتي پڻ آهي، انهيءَ قيمتي پٿر جا ويري هر وقت انهيءَ پٿر کي کپائڻ جي لاءِ مختلف وار ڪري رهيا آهن. انهن بيوقوفن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان ماڳ جي اهميت سندس خوبصورتي کي دنيا جي آڏو اجاگر ڪري کيس دنيا جو هڪ تاريخي، سياحتي ۽ تفريحي مقام بڻائي سگهجي ٿو جيئن پوري دنيا جا سياح گهمڻ اچن ۽ پرڏيهي سياحن جي اچڻ ڪري پرڏيهي ناڻو پڻ ملڪ اندر اچي ۽ هتان جي ماڻهن ۾ معاشي ترقي ڪري سگهن.

                اها ڳالهه انهن ماڻهن جي سمجهه ۾ ڪيئن ايندي؟ جيڪي چاهين ٿا ان قيمتي پٿر کي کپائي ان مان حاصل ٿيندڙ ڪميشن مان پنهنجو پيٽ ڀريون! اهي سونهن جا سوداگر آهن، انهن سوداگرن جو ڪم صرف سونهن وڪرو ڪرڻ آهي، ان مان ڪميشن حاصل ڪرڻ آهي. حڪومت ۾ ويٺل سياسي، ماڻهو ۽ ڪامورا پڻ سڌي يا اڻ سڌي نموني انهيءَ ڪڌي ڪاروبار ۾ شريڪ ٿيڻ چاهين ٿا، پر سنڌ جو ماڻهو انهيءَ سونهن کي کپائڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي چڪو آهي. سنڌ جي سوسائٽي يا ننگر جا سماجي ماڻهو پاڻ ۾ سلهاڙجي سنڌرو ٻڌي بيٺا آهن ته ڪنهن به نموني ننگر جي پٿر جو تين وال ٿيڻ نه ڏبو. هاڻي اها ڳالهه سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽي کي به سمجهه ۾ اچڻ گهرجي. ڇو ته گذريل ڪجهه سالن کان ڀرپور نموني ڪوشش ٿي رهي آهي ته ڪارونجهر جو قيمتي پٿر کوٽائي ڪري ڪڍجي ۽ پوءِ ان کي ملڪ اندر يا ملڪ کان ٻاهر وڪرو ڪيو وڃي. ان جي مقابلي ۾ ساڃاهه وند سماجي ماڻهن طرفان ان ڪم جي ڀرپور مزاحمت هر وقت ٿي رهي آهي. جنهن جي ڪاميابي هاڻي هاءِ ڪورٽ سنڌ طرفان فيصلي جي روپ ۾ سامهون آئي آهي، ان فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر جي پوري ايراضي کي قومي ورثو قرار ڏيو جيڪو اندازن ڏيڍ لک ايڪڙن تي مشتمل آهي. سنڌ سرڪار منافقي ڪندي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي هڪ نوٽيفڪيشن ڪڍيو آهي جنهن جي هيٺ ڪارونجهر جي 21 هزار زمين کي قومي ورثو ڏئي ان ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽائي کان منع ڪيو آهي. سنڌ سرڪار جي ان نوٽيفڪيشن کي هاءِ ڪورٽ سنڌ رد ڪيو آهي ۽ ناراضي جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر حڪم ڏنو آهي ته ڪارونجهر جي پوري ايراضي کي قومي ورثو قرار ڏيو.

                اسين هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪريون ٿا ته هڪدم ان فيصلي تي عمل ڪيو وڃي جيڪي ليز مختلف ڪمپنين کي ڪارونجهر اندر پٿر جي کوٽائي لاءِ ڏنا ويا آهن اهي رد ڪيا وڃن، ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي، ڪارونجهر اندر ننڍا وڏا 200 سياحتي ماڳ آهن، انهن تائين پهچڻ لاءِ رستا ٺاهيا وڃن، اتي ننڍا ننڍا رهائشي هوٽل پڻ ٺاهيا وڃن جيئن ملڪي توڙي غير ملڪي سياح اچن انهن تفريحي ۽ مذهبي ماڳن تي آساني سان پهچي سگهن جيڪڏهن رهڻ چاهين ته انهن کي رهائش جي تڪليف نه ٿئي، انهن کي رهائش جون سهولتون ملڻ گهرجن. سنڌ سرڪار جي ان عمل سان ماڻهن ۾ سندس عزت وڌندي ڪارونجهر جي سونهن برقرار رهندي ۽ قيمتي پٿر جي کوٽائي مان متوقع حاصل ٿيندڙ پئسي کان وڌيڪ پئسو سياح ٿي ايندڙ ماڻهن کان حاصل ٿي سگهندو. ڪارونجهر ۾ هوٽل انڊسٽري ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي روزگار ملي سگهندو تاريخي ماڳ محفوظ رهندا. ها اهو ضرور ٿيندو ته ڪميشن جي انتظار ۾ ويٺل ڳِجهن کي فائدو نه پوندو. هاڻي فيصلو سنڌ سرڪار کي ڪرڻو آهي ته هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ۽ ڪارونجهر جي ماڻهن جي منشا مطابق عمل ڪري ٿي يا ڪميشن جي انتظار ۾ ويٺل ڳِجهن جي فائدي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، فيصلو سنڌ سرڪار کي ڪرڻو آهي.