ايڊيٽوريلنئون

گهريلو صارفين لاءِ گئس جي لوڊشيڊنگ، سي اين جي اسٽيشنن تي گئس جو غلط استعمال

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن تي قدرت جي مهربانين جي باوجود حڪمرانن ۽ فيصلو ڪندڙ جي ڪم عقلي ۽ ويزن جي کوٽ هجڻ سبب عوام هر هنڌ تڪليفن ۾ ڦاٿل آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام هر وقت پنهنجي تڪليفن جو اظهار مختلف صورتن ۾ ڪندو رهي ٿو. هن وقت سياري جي شدت جي ڪري ملڪ ۾ گهريلو استعمال جي لاءِ ماڻهن کي گئس جي فراهمي لوڊشيڊنگ جي ذريعي ٿي رهي آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته حڪمرانن جي ڪم عقلي جي ڪري گئس جي مئنيجمينٽ بدحالي جو شڪار آهي. جنهن جي ڪري مخصوص وقتن ۾ ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن صرف نالي ماتر پريشر هجڻ جهڙي حالت ۾ گئس جي فراهمي ڪئي وڃي ٿي جنهن سان عورتن جو پنهنجن گهرن ۾ کاڌو پچائڻ، گهرن جا گيزر ٻارڻ ۽ هڪ ذهني سڪون هجڻ وارو احساس ختم ٿي چڪو آهي، پر اهو قيمتي سرمايو جيڪو حقيقت ۾ پهرين گهريلو صارف جي لاءِ مڪمل طور تي فراهم ٿيڻ گهرجي ان کي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ سي اين جي اسٽيشنن تي وڪرو ڪري گاڏين کي ٻارڻ لاءِ استعمال ڪري ضايع ڪيو پيو وڃي. جنهن مان مڪمل طور تي خبر پوي ٿي ته اسان جي فيصلو ڪندڙ ادارن وٽ، پاليسي ٺاهيندڙن وٽ ۽ حڪمران طبقي وٽ گهريلو صارف ترجيح تي ناهي. پنجاب ۾ ڪافي حد تائين سي اين جي اسٽيشنون RLNG (ٻاهران گهرايل گئس تي منتقل ٿي چڪيون آهن)، پر ان جي باوجود به وڏي تعداد ۾ سي اين جي گئس استعمال ڪري رهيون آهن. هن وقت صوبي سنڌ ۾ اڃان تائين ڪيتريون ئي سي اين جي اسٽيشنون موجود آهن، جن مان وڌ کان وڌ اسٽيشنز ڪراچي ۾ آهن، ان کانپوءِ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ آهن. ان صنعت ۾ به قيمتن جي واڌ ۽ گئس جي مسلسل کوٽ جي ڪري ڪيتريون ئي سي اين جي اسٽيشنون بند به ٿي ويون آهن، پر اسان کي حڪومت جي طرفان ڪا اهڙي واضح ۽ مستقل پاليسي نٿي نظر اچي جنهن سان گئس جي کوٽ کي سٺي ۽ منظم طريقي سان ڊيل ڪري سگهجي.

هن وقت سڄي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهو گئس جي فراهمي نه هجڻ جي ڪري سلينڊر استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري وقت بوقت ڪيترائي حادثا رونما ٿيندا رهن ٿا. ڇو ته انهن سلينڊرن جي معيار کي به چيڪ نٿو ڪيو وڃي، جنهن جي ڪري اهي ڦاٽي پون ٿا ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. ساڳيو ئي حال گاڏين ۾ لڳل سلينڊرن جو به آهي جيڪي سي اين جي ڀرائڻ وقت اسٽيشنن تي ئي ڦاٽي پون ٿا ۽ معصوم زندگيون حادثن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. حڪومت نه ته سلينڊرن جي ليڪيج جي چڪاس ڪري ٿي، نه انهن جي ڪا معياري ريگيوليٽري اٿارٽي آهي ۽ نه ئي حادثي کانپوءِ سئلينڊرن جي ڪوالٽي کي هڪ معيار مطابق کڻي اچڻ جي لاءِ ڪي قدم نظر اچن ٿا. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ گئس جو گاڏين ۾ ٻارڻ هڪ قيمتي وسيلي جو ذيان آهي. گهريلو استعمال کانپوءِ اسان جي ملڪ جي صنعتن کي جيڪڏهن مڪمل طور تي ان گئس جي سپلائي ڪئي وڃي ته اها ملڪي پيداوار جي لاءِ ڪم اچي سگهي ٿي ۽ اسان جي معيشت کي فائدو پهچي سگهي ٿو. وقت سان گڏوگڏ اسان جي قدرتي گئس جي ذخيرن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته صاف ۽ سستي ٻارڻ جو استعمال انتهائي احتياط سان ڪيو وڃي ۽ جيترا ذخيرا اسان وٽ موجود آهن انهن جي مئنيجمينٽ ترجيحي بنيادن تي ڪئي وڃي. اسان پنهنجي ان قدرتي گئس جي وڏن ذخيرن کي گاڏين جي سي اين جي اسٽيشنن تي گاڏين جي ٻارڻ طور استعمال ڪري قوم کي نقصان پهچائي رهيا آهيون.

عوام هڪڙي پاسي بجلي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻئي پاسي جيڪا گئس موجود آهي ان کي گاڏين ۾ ٻاري عوام کي ۽ خاص طور تي گهر ۾ کاڌي پچائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ گئس کي گاڏين ۾ ٻاريو پيو وڃي. جنهن جو بار نه صرف پوري قوم کڻي رهي آهي، پر گهر ۾ هڪ هائوس وائف ۽ سندس فيملي ان جو بار ڍوئي رهيا آهن. وقت سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بهتر پلاننگ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ اسان جا حڪمران تيار ناهن. واپڊا جي زيادتين جي ڪري عوام پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سولر بجلي پيدا ڪري استعمال ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن گئس جو متبادل به ڪو ٿي سگهيو ته عوام يقينن ان تي وڃي سگهي ٿو، پر في الحال عوام جي لاءِ گئس جو متبادل صرف خطرناڪ سلينڊر آهن، جنهن جي لاءِ حڪومت کي هڪدم سي اين جي اسٽيشنن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي عوام جي هن سياري واري موسم جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.