وزيراعظم عمران خان جو ايران جو دورو

وزيراعظم عمران خان ايران جي دوري تي تهران جي صدارتي محل پهچي ويو. صدارتي محل پهچڻ تي ايراني صدر حسن روحاني پاران استقبال ڪيو ويو. هن موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان ايران جي صدر حسن روحاني ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خانائي سان ڌار ڌار ملاقاتون به ڪيون. ياد رهي ته هن دوري تي وزيراعظم سان گڏ شيري مزاري، علي حيدر زيدي، عبدالرزاق دائود ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم ڪالهه ايران جي شهر مشهد پهتو هو جتي هن قرآن پاڪ ميوزيم ۽ امام رضا جي روضي جو دورو به ڪيو.  

Leave a Reply

Your email address will not be published.