ادبنئون

ڊائري جا ورق

ڪير ڪئمپس جي پٽن جا پنڌ ڪندڙ پير سموري حياتي انهي مسافري کي سندر يادن سان ڀيٽا ڏيندڙن منجهان هوندا آهن.

فيڪلٽي جي ڪشادي عمارت ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڄ ڀي اڌورائپ جي احساس سان جاڳن پيون.

آرٽس فيڪلٽي جا جهونا وڻ انيڪ دلين جا ساکي بڻيل رهيا ئي رهيا آهن.

هاسٽل جا يادگار لمحا ڀلا ڪهڙي اڀاڳي دل وساري سگھي ٿي.

سينٽرل لائبرري جي ڊگهي عمارت پڻ ورسٽي جي حسناڪين کي هڪ حسين ۽ دلڪش منظرڪشي بخشي ٿي.

اڄ ڀي جي ڪن ڏجي ته گول ڪينٽين جي ڀتين ۾ ماضيءَ جا قصا ۽ هڪ حسين دور جون سرگوشيون ڳالهيون ڪندي محسوس ٿينديون.

وقت جي ويڪر ۽ درد جي ڊيگهه ڄامشوري ۾ ڳولڻ هڪ ٽهڪ جي برابر ڀلا ڪٿان ٿي ٿئي.

سنڌو جا ڪنارا هر وقت ساڳئي ئي سڳنڌ ڀري مهڪار سان ايندڙ جي آجيان ۽ ويندڙ کي الوداع ڪندا آهن.

اي سي ٽو جا ڊگها پنڌ به ڪڏهن ڪڏهن کلندي دوستن سان منٽن ۾ طئه ڪيل پلن کي اڄ ڀي ياد ڪري من مرڪي پوي ٿو.

ورسٽي جا گلابي ٽهڪ ۽ سوالي نگاهون هر دل ۾ آباد هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ سدابهار ٿي شاداب رهن ٿا.

وقت جي وٿي اڌ عمر کان مٿي لنگھي وئي، مگر لڳي ٿو، ڪالهوڪي ڏينهن ته ڪئمپس ڇڏيو آهي.

پيلن پتن جي پن ڇڻ ۽ هوائن سان پپر جي پنن جي سرگم ڇا ته فطرت ڀري موسيقي جي ڌن وڄندي محسوس ٿيندي هئي.

ورهين پڄاڻان پهرين تون الائي ڪٿي هوندين جهڙا ننڍڙا ڪيل سوال وڇوڙي کان پوءِ اڄ سوچيون ٿا ته ڪيترو وڏو قد رکندا آهن.

ورسٽي جا الوداعي ڏهاڙا به ڪنهن ڪنوار جي رخصتي جهڙو دردناڪ ڏيک ڏيندا آهن.

وڇوڙي جو ڪو رنگ ته نٿو ٿئي مگر وڇڙڻ کان پوءِ درد جو دنگ ڪٿي، ڪاٿو لڳائڻ شايد چريائپ چئبي.

سدابهار گلزاري جو آستان هڪ پٿرن جو شهر پڻ سڏجي ٿو.

شهرن جون رونقون خاص ڪري مصنوعي ئي ٿينديون آهن. مگر پٿرن جي شهر ۾ فطرت جا رنگ انڊلٺ جيان نروار ٿي روز نئين روپ سان اڀرندا رهن ٿا.

هاسٽل جي ڇت تي دوستن سان چانڊوڪين ۾ ڪچهرين جا مليل چس وري ڪٿي ڪيئن ڀلا حاصل ٿين.

چند سالن جي مسافري جا مخروطي پل ۽ گلابي ٽهڪ سموري زندگي سنڀارڻ به ڪو ڀوڳ ته ناهي ڀلا.

ميلا لڳندا ئي ملڻ لاءِ آهن، مگر پٿرن جي شهر جو ملهالو مچڻ ۽ رچڻ ڪنهن به مند جو ڪڏهن ڀي محتاج نٿو رهي.

***