شاعري
غزل
فراخ جانوري
انڌيرا ڏور ٿيڙي ٿي اوهان جي مرڪ چانڊوڪي،
اجالا ئي پکيڙي ٿي اوهان جي مرڪ چانڊوڪي!
جڏهن ڀي وقت جا اوٿر وکيري ٿا وڃي مونکي،
وري ٻيھار ميڙي ٿي اوهان جي مرڪ چانڊوڪي!
مٽائي مونجھ اندر جي جيئڻ جي آس جاڳائي،
خوشون مون ۾ پکيڙي ٿي اوهان جي مرڪ چانڊوڪي!
جڏهن ڀي غم اڪيلايون سِبن ٿيون ساھَ منهنجي سان،
بکيا غم جا اُڊيڙي ٿي اوهان جي مرڪ چانڊوڪي!
اسان جي جانوري جيون جا وکريل ۽ ٽٽل سپنا،
سڀئي پل ۾ سھيڙي ٿي اوهان جي مرڪ چانڊوڪي!
***
غزل
ممتاز علي ٿرواسي
لڙي شــــــــام ياد ۾ آخـــــري نه هئي
سنجها جي سمي جو سانوري نه هئي
سُڳنڌ سان ويا واسي هلي هُو هتان
ٽلي جيئن ٽهڪن ۽ بانسـري نه هئي
وساري ڇڏي ٿي وانگيان وقت جي
حياتـي ڳــجهارت ڊائـــــري نه هئي
مسيحا منجهي مون تي پيا اک ڀڃن
بدن تــــي زخــــم ظاهـــري نه هئي
چُني جي ڏٺو هُن اوٽ مان واٽ کي
مٽِــي جا ڪچا گهر گاگهري نه هئي
اڌورا نيــاپا قول ڪــــوڙا ڪَــــسا
ڪئي ان سوا مون شاعري نه هئي
***
غزل
عبدالصمد گبول
ڪجهه نه ڪجهه توکان ٻڌان دل ٿي چوي،
ڪجهه نه ڪجهه توکي چوان دل ٿي چوي،
هٿ رهي تنهنجو منهنجي هٿ ۾ يـــڪي
هٿ نه مان تنهنجو ڇــــڏان دل ٿي چوي،
ڪيــــــن ڪوسي ڪا لــــڳي توکي هوا،
ڇان تو تي پــــيو ڪــــــيان دل ٿي چوي،
باغ بل بل ۽ گـــــــــلن کي ڀي ڇــــــڏي،
سونهن تنهنجي تي لــــــکان دل ٿي چوي،
سڀ ڇـــــڏي ڪم ڪار دنيا جا صـــــــمد،
ساٿ توسان ئي رهـــــــان دل ٿي چوي.
***
غزل
ناشاد شوڪت شنباڻي
اک ۾ ڳــــوڙها خاموشيءَ جا
مــــن ۾ لوڙها خـاموشيءَ جا
روز اُڏامــــن ســارون مرڪي
جــذبا گهوڙا خاموشيءَ جا
ويـــــرانن ۾ روح رڙي ٿـــــو
پهـــر هٿــوڙا خامــوشيءَ جا
ڪين خوشي ڪا داخل ٿي آ
رســـتا سـوڙها خاموشيءَ جا
روز ڪـــڙو ٿـو کڙڪي منهنجو
آھــــن جــوڙا خامــوشيءِ جا
ڪيسين شوڪت رهندا من ۾
دردن هــوڙها خـــاموشيءَ جا
***
غزل
ڊاڪٽر جمشيد حسرت رند
اڄ تنھنجي شھر مون قيام ڪيو آ
پري پرين ڪاڻ مون جام ڪيو آ
اکين کي ننڊ تو بن آئي ئي ناھي
مون به وس پنھنجو تمام ڪيو آ
اگر اچڻ اوھان جو مشڪل آ صبح
ته پرين منھنجا ڀلا قرب شام ڪيو آ
مون کي سڃاڻي ھر ڪو ٿو ھتڙي مگر
سدائين ذات پنھنجي کي گمنام ڪيو آ
منھنجي خيالن جيئان رڳو آ شاعري حسّرت
زماني مون کي عاشق چئي بدنام ڪيو آ
***
غزل
غلام نبي ڪولاچي
انصاف ويچارو، ڇورو ٿي پيو،
ظالم تڏھين، زورو ٿي پيو.
حق جي ھانوَ تي، لت اچي وئي،
دانھين کي ير، دورو ٿي پيو.
پاپ نگر جي، نگري ۾ ير،
سچ ذرا، ڪجھ ڳورو ٿي پيو.
ماءُ ويچاري، مپ ھڻي وئي،
ناحق ڪيئن، نسورو ٿي پيو.
ڪالھه جيئان ير، اڄ به ڪنھن جي،
گھر تي شايد، گھيرو ٿي پيو.
سڀ ڪا اچيو، سور سلي ٿي،
دردن جو ھت، ديرو ٿي پيو.
ڪنھن شيشي جان، پٽ تي پئجي،
جيون ڀورو، ڀورو ٿي پيو.
مون ته “ڪولاچي”، غير ٿي سمجھا،
پنھنجن جو پر، پيرو ٿي پيو.
***
وائي
قاصر اياز ميمڻ
تــــوسان آهــــي پيار
دل جي پارت ٿئي سدا
پل نه ٿئي مونکان پري
گـــڏجي هـــــاڻ گـذار
دل جي پارت ٿئي سدا
پيـــچ اڙايــم پريت جو
تـــوتي ڪــــيم اعتـبار
دل جي پارت ٿئي سدا
لڳي جو ڪـــــج قــدر
مُــــحب منھنجا مــنٺار
دل جي پارت ٿئي سدا
ڪين سڪائج دل کي
تــــون ئــــي آن غــمٽار
دل جي پارت ٿئي سدا
قاصـــر جــان گـهوريان
تون منھــــنجو سنـسار
دل جـي پارت ٿئي سدا
دل جي پارت ٿئي سدا
***
چؤسٽا
غلام نبي ڪولاچي
کيت کيڙيون پيا،
سون مڙيون پيا،
پوءِ به آھيون بکيا،
ڪيئنءَ لوڙيون پيا.
**
پوک ڪيڏي لڳي،
سنگ سونا ٿيا،
پوءِ به مارن مٿان،
قرض رھجي ويا.
**
سادا ڪپڙا سھڻا ماڻھو،
مٺڙا ۽ من مُھڻا ماڻھو،
ڏاڍو دل کي وڻندا آھن،
رلڻا ملڻا کلڻا ماڻھو.
***

