چنڊ تي پهريون قدم مرد رکيو، مريخ تي عورت کي موقعو ڏنو وڃي

ناسا جي انجنيئرنگ شعبي جي سينئر خاتون ميمبر بين الاقوامي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ناسا ۾ ڪيتريون ئي خلا باز عورتون خدمتون پيش ڪري رهيون آهن. ان باوجود اڄ تائين ڪنهن به عورت کي چنڊ تي نه موڪليو ويو آهي. هن وقت تائين ڪيترائي مرد چنڊ تي وڃي چڪا آهن، هاڻي مريخ تي ڪنهن عورت کي موڪليو وڃي. ناسا جي اليسن نڪ انٽائر جو چوڻ آهي ته هن جي شعبي جي چيف به هڪ عورت ئي آهي. جڏهن ته ناسا ۾ هڪ وڏو تعداد لائق عورتن جو آهي ۽ ڪيتريون ئي خلا باز عورتون آهن جيڪي مريخ تي به خدمتون ڏئي سگهن ٿيون. هن چيو ته ناسا پاران 40 سال اڳ عورتن کي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر اڄ تائين عورتن کي هن منزل لائق نه سمجهيو ويو آهي. واضح رهي ته عورت خلا باز ڪيرن نائيبرگ ناسا جي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي ڇهه مهينا هڪ تحقيقاتي مهم جو حصو رهي آهي، جتي هن مردن سان گڏ خدمتون ڏنيون. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments