غيرت جي نالي تي قتل اصل ۾ اها بي واجبي آهي، جنهن کي قبائلي معاشرا، ڪي سماجي ڌريون ۽ ڪافي سياسي گروپ يا ٽولا پنهنجي پنهنجي انداز ۾ تقدس جو ويس پارائيندا آهن. بلوچستان صوبي ۾ شيتل ۽ زرڪ جو داستان ڪو نئون ناهي، پر هر ڀيري انهيءَ جي تڪليف وڌيڪ ٿيندي آهي.
پاڪستان جي اندر ڪهڙي صوبي جو ڪهڙو شهر آهي جتي ان قسم جون وارتائون نه ٿينديون هجن. سنڌ کان وٺي بلوچستان، خيبر پختونخواهه کان وٺي پنجاب تائين روزانو غيرت جي نالي تي کلي عام ته ڪي لڪ ڇپ ۾ قتل نه ڪيا ويندا هجن. سنڌ اندر ڪارو ڪاري جي رسم ته دور جهالت کان وٺي هن جديد دور تائين اهو رسم ۽ رواج جاري آهي. بلوچستان ۾ به ان قسم جو واقعو ڪو نئون واقعو ناهي، نه وري پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه انهن عملن کان بچيل آهي.
اصل ۾ انهن وارداتن جي واڌ جو سبب اهو آهي ته انهيءَ قسم جي واردات ۾، جتي رياست ڪمزور هجي ٿي، اتي قبيلو طاقتور بڻجي وڃي ٿو، جتي عدالت هجي ٿي، اتي جرڳو ڳالهائي ٿو، جتي پوليس پنهنجو ڪم نه ڪري، اتي بندوق روشني ڏيندي آهي ۽ جڏهن قانون ٿڪجي گوڏن ڀر ويهي رهي ته “غيرت” جهڙا لفظ زندگي جو ترجمان بڻجي وڃن ٿا.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي هر شهري کي پنهنجي مرضي سان شادي جو حق حاصل آهي، اتي اهڙيون بي رحمي واريون ۽ انسانيت دشمن قتل جون وارداتون صرف قانون جي ٺٺول جون نشانيون ته ناهن، پر رياست جي ندامت جو ماتم پڻ آهن. مون کي حيرت ان تي نه ٿيڻ کپي ته قتل ٿيو، بلڪه ان تي آهي ته ان کانپوءِ قاتل سر عام گهمن ٿا، ڳوٺ وارا انهن تي گل ڇٽين ٿا ۽ عدالتن ۾ ٺاھه جا ڪاغذ جمع ڪيا وڃن ٿا.
غيرت جو اصل مفهوم عزت جو تحفظ آهي، مگر جڏهن عزت قتل سان مشروط هجي ته اها غيرت ناهي، جهالت آهي، جيڪو پيءُ ڀاءُ يا قبيلو پنهنجي ڌيءَ يا ڀيڻ کي پنهنجي مرضي سان جيئڻ تي ماري ڇڏي، اهو حقيقت ۾ پنهنجي ڪمزور انا، مردانگي (مڙس ماڻهوءَ) جي نقلي تصور ۽ سماجي پريشر جو غلام آهي.
هڪ عورت جو غيرت جي نالي تي بي رحماڻو قتل ان جي آزادي، خود اختياري ۽ انسان هئڻ جي حق تي حملو آهي ۽ جيستائين معاشرو گڏيل طور تي ان ظلم کي “رواج” يا “قانون” کان مٿانهون فيصلو چوندو رهندو، تيستائين شيتل جهڙا نانءُ بدلبا رهندا، قبرون ڳڻپ کان ٻاهر ٿينديون وينديون ۽ “غيرت” جي نالي تي بي غيرتي جي بازار گرم رهندي.
هي وقت آهي ته اسان کي پنهنجن ٻارڙن کي “غيرت” جو مطلب اهو سيکارڻو پوندو ته انساني جان جو تقدس ئي دنيا جي سڀ کان وڏي غيرت آهي. آخر ۾ انهن جاهلن کان اهو سوال ڪيون ٿا ته “جيڪڏهن توهان جي ڀيڻ يا ڌيءَ ائين ڪري ته؟” ٻڌو جهالت جي دور ۾ رهڻ وارو، تهذيب کان اڻواقف! جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ يا ڀيڻ پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪري ته مان انهن کي دعائون ڏيندس انهن جي مٿي تي هٿ رکندس، انهن جي مڙسن کي چوندس ته توهان منهنجي ڀيڻ يا ڌيءَ جي دل کٽي آهي. هاڻي انهن جو خيال به رکجو. ڇو ته مونکي ڪنهن جي جان وٺڻ سان نه ڪنهن جي خوشي بچائڻ سان سڪون ملي ٿو، جيڪو مرد پنهنجي ڀيڻ يا ڌيءَ کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو، ان کي ڀاءُ يا پيءُ نه مالڪ چوڻ گهرجي، ليڪن افسوس ته توهان جهڙن سوال ڪرڻ وارن کي سمجھه اچي ئي نٿي سگهي ته ڌيءَ يا ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏڻ غيرت ناهي، جهالت آهي، بزدلي آهي ۽ سڀ کان اهم ته هڪ اهڙو ڏوھه آهي، جنهن جي بخشش نه آهي.