تيزيءَ سان وڌندڙ رهائشي اسڪيمن سان شهر پکڙجي ڦاٽي پيا آهن، جنهن سان شهر جي پسگردائيءَ ۾ زرعي زمين ۽ فطري ماحول تمام بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي. شهرن جو گرمي جو پد پڻ وڌي رهيو آهي. نين اسڪيمن تي فوري طور پابندي لاڳو ڪرڻ گهرجي نه ته ماڻهن ۽ جاندارن لاءِ زمين تنگ ٿي ويندي. هنگامي بنيادن تي شهر جي پکيڙ کي روڪيو وڃي.
ان لاءِ سخت قانون لاڳو ڪيا وڃن، نئين اسڪيمن کي ڪنهن به صورت ۾ اين او سي جاري نه ٿيڻ گهرجي. نه وري زمين ليز تي ڏني وڃي. هر قسم جي ليز تي پابندي هنئي وڃي. غير ضروري رهائشي اسڪيمن جي ڪري زمين ۽ تعميري سامان جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي جنهن سان غريب طبقي کي مهانگائي سان منهن ڏيڻو پيو آهي.
حيدرآباد نيو سٽي جي رهائشي اسڪيمن سان هزارين ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي آهي، جنهن سان زرعي زمين ۽ فطري ماحول سڪڙجي سوڙهو ٿيو آهي، ڪيترا ميون جا باغ ۽ زرعي فصل ختم ٿي ويا آهن. ڀر پاسي ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحوليات پڻ متاثر ٿيو آهي.
حيدرآباد شهر جي باءِ پاس ۽ ميرپورخاص روڊ ھالا ناڪه کان ٽنڊو ڄام روڊ تائين هزارين ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي آهي، جنهن جي تفصيلي رپورٽ لاءِ ادارن کي سروي ڪرڻ گهرجي، جنهن سان فطري ماحول ۽ زرعي پيداوار، فصل، باغ، وڻ ٻيلا ، پکي، جانور ۽ سندن زندگيون ۽ ڳوٺ شهري پکيڙ جي ور چڙهي ويا آهن. جنهن جي ذميواري ضلعي انتظاميه مٿان آهي. خاص طور تي حيدرآباد جو ترقياتي ادارو ايڇ ڊي اي جنهن اسڪيمن جا اين او سي جاري ڪيا آهن، ان مٿان اها وڏي ذميداري اچي ٿي ته اهو ماحوليات تي ٿيندڙ اثر بابت سروي ڪرائي.
موجوده قادر ايوينيو، مصطفيٰ ٽائون، صادق ليونا ۽ اڪرم واھ سان گڏ پام فور اسڪيم واري سوين ايڪڙن تي ٻڌل زرعي زمين تي رهائشي اسڪيمون ٺاهيون ويون، جتي باغ، فصل، ڀاڄيون ٿينديون هيون، اها سموري زمين چوڌري ذوالفقار راجپوت جي آهي انهن اسڪيمن تي سندس پٽن جا نالا رکيا ويا آهن. باءِ پاس جي ٻنھي پاسن ساڳئي زميندار جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي ليز تي بلڊرز کي ڏنو ويو آهي، جن جي پلاٽنگ ڪري اربين رپيا ڪمايا آهن. باءِ پاس کان شاھ بخاري روڊ سان پڻ هزارين ايڪڙ زمين تي رهائشي اسڪيمون تعمير ڪيون ويون آهن، جن ۾ اهي ساڳيا ماڻهو آباد ٿيا آهن جن کي اڳ ۾ ئي شهر جي بهترين علائقي ۾ بنگلا موجود آهن، جن پنهنجي ڪاري ناڻي کي سيڙائي رکيو آهي.
مڊل ڪلاس جنهن کي رهائش جو مسئلو آهي اهي انهن اسڪيمن ۾ هڪ پلاٽ به بڪ ڪرائي نه پيا سگهن. پلاٽ جي خريداري، رجسٽريشن، ڊولپمينٽ چارج، مينٽيننس، نقشو پاس ڪرائڻ جا ايترا مرحلا آهن رڳو جن تي لکين رپيا خرچ ٿين ٿا. مڊل ڪلاس جو ماڻهو پنهنجي جائز آمدن مان اهو سڀ ڪجهه نٿو ڪري سگهي.
اوڀر طرف ٽنڊو ڄام روڊ سان پڻ هزارين ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي رهي آهي، جنهن جو تفصيل اڃان معلوم ڪرڻو پوندو. زرعي زمين جي شهري آبادڪاري سان زراعت ۽ زرعي پيداوار کي ڪافي نقصان پهتو آهي، جنهن جو سڌو اثر آبادگارن ۽ فطري ماحول تي ٿي رهيو آهي. نه صرف ايترو، پر ان سان کاڌي پيتي جون پيدا ٿيندڙ مقامي شيون اڳتي هلي اڻلڀ ٿي وينديون ۽ پوءِ مهانگائيءَ جو هڪ طوفان اٿي کڙو ٿيندو. حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کي انهن سڀني شين طرف ڏسڻو پوندو.
ھالا ناڪا جي آسپاس جي زرعي زمين اسرا اسپتال ۽ اسرا وليج ڳڙڪائي ويا، ان کانپوءِ جميره جهڙي ميگا رهائشي اسڪيم سان باقي بچيل زرعي زمين به والارجي وئي، جتان فصل ۽ باغ غائب ٿي ويا.
ھالا ناڪا جي ٻئي پاسي نئين سبزي منڊي جي تعمير سان پڻ زرعي زمين متاثر ٿي، ان سان گڏ هزارين ايڪڙن تي مال جا واڙا پڻ هن علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي چڪا آهن، جنهن سان پڻ ماحولياتي گدلاڻ ۾اضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ سن سٽي پڻ هزارين ايڪڙ زرعي زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. جنهن جا تفصيل واسطيدار ادارن کان وٺڻ گهرجن.
عبدالله گارڊن ۽ عمار سٽي اسڪيمن سبب هزارين ايڪڙ ايراضي رهائشي اسڪيمن جي ڦهلاءُ سبب متاثر ٿي آهي، جتي زرعي فصل، پوک ٿيندي هئي اڄ اتي رهائشي آبادي جا گهر نظر اچن ٿا. بجليءَ، پاڻي، گيس سان گڏ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جون لائينون وڇايل آهن، جتي فسادي واھ سان گڏوگڏ زرعي زمين آباد ٿيندي هئي، اڄ اتي فسادي واھ ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت واڌو واھ ۾ پڻ سڄي قاسم آباد جو گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، جنهن شهري آبهوا ۽ ماحوليات کي بري طرح متاثر ڪيو آهي.
انتظاميا وٽ ڪوبه متبادل ڊرينيج جو نظام نه بچيو آهي يا ان جو ڪو به متبادل بندوبست نه ڪري سگهي آهي. آٽو ڀان روڊ، فتح چوڪ سائيٽ ايريا ۾ صنعتي گند ڪچري سان پڻ ماحوليات کي نقصان پهچي رهيو آهي، زيل پاڪ سيمينٽ ۽ گنجو ٽڪر، لوڻ جي کوٽائي سبب ڪافي فطري ماحول متاثر ٿيو آهي.
حيدرآباد شهر جي خصوصيت هي به آهي ته هتي وڻن جا جيترا قسم يا جنسون نظر اينديون ايتريون سموري سنڌ ۾ به نه ملنديون. حيدرآباد جو ڪيلو، گلاب، ڄمون، تر، ڪافي اهميت رکن ٿا. ماحوليات سان گڏ انهن زرعي جنسن کي بچائڻ به انتهائي ضروري آهي.