آمريڪي يا سعودي حملي جي صورت ۾ کليل جنگ ٿيندي
ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته اسان جنگ نٿا چاهيون، پر جيڪڏهن سعودي عرب يا ايران حملو ڪيو ته ان صورت ۾ اسان پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به عسڪري تنازعي ۾ نٿا ڦاسڻ چاهيون پر حملي کي جنگ جي دعوت سمجهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سعودي کوهن تي حملي واري واقعي کي بنياد بڻائيندي آمريڪا ۽ سندس اتحادي ايران تي جنگ مڙهڻ چاهين ٿا. پر اسان هن معاملي ۾ سنجيده آهيون. اسان جنگ نٿا چاهيون پر جنگ جي صورت ۾ سعودي عرب کي آخري آمريڪي فوجي تائين وڙهڻو پوندو. ياد رهي ته 14 سيپٽمبر تي سعودي شهر بقيق ۾ سعودي آرامڪو جي تيل جي کوهن تي ٿيل حملي ۾ وڏو مالي نقصان ٿيو هو جنهن بعد آمريڪا ۽ سعودي عرب ان حملي جو الزام ايران تي هنيو.

