صوبي اندر ايڊز کي پکيڙجڻ کان روڪڻ لاءِ 60 ڪروڙ رپيا مختص، مراد علي شاه

سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته حڪومت صوبي ۾ ايڊز جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ 60 ڪروڙن جي فنڊ جو اعلان ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن کان پهريان صوبائي حڪومت هڪ ارب رپيا رکيا هيا ته جيئن صوبي اندر ايڊز جي مريضن جو علاج ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته نئون ديرو ۾ ايڊز جي پکيڙجڻ جي خبرن اچڻ بعد مان هڪ خاص ٽيم جوڙي نئون ديرو موڪلي هئي. جنهن کان پوءِ نئون ديرو ۾ 32151 ماڻهن جي اسڪريننگ ٿي هئي ۽ 936 ڄڻا جن مان 770 ٻار هيا ايڊز جا مريض ظاهر ٿيا هيا. انهن مان 47 سيڪڙو مرد ۽ 51 سيڪڙو عورتون هيون. هن وقت لاڙڪاڻي جي ٻارن واري اسپتال ۾ ٻارن جي علاج لاءِ نئون مرڪز جوڙيو ويو آهي. اهڙو هڪ ٻيو مرڪز رتو ديرو ۾ به کوليو ويندو. ان کان علاوه ايڊز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي ادارن جهڙوڪ يونيسيف، ڊبليو ايڇ او ۽ يو اين ايڊ جو  سهڪار به حاصل ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *