مراد علي شاهه 200 بسن جي خريداري جي تجويز منظور ڪري ڇڏي

نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي جي 200 بسن جي خريداري جي هڪ تجويز جي منظوري ڏني آهي. ان مان 100 بسون ڪراچي لاءِ ۽ 100 بسون ٻين پنجن ضلعن ۾ نجي شعبن ذريعي مخصوص روٽن تي هلايون وينديون. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه وڏي وزير سنڌ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ان وڏي وزير سنڌ جي منظوري لاءِ هڪ تجويز جمع ڪئي آهي. ان منصوبي تحت هڪ بين الاقوامي ٽيندر 200 سٽي بسون گهٽ اوچائي واريون خريد ڪيون وينديون جن کي ڪراچي ۽ ٻين پنجن ضلعن ۾ هلايو ويندو. بسن جو آپريشن نجي پارٽين کي ڏنو ويندو جن کي هڪ شفاف طريقي تحت چونڊيو ويندو. صوبائي حڪومت شهر جي اهم رستن جي چونڊ ڪندي ۽ ان جو ڪرايو مقرر ڪندي. پرائيويٽ مئنيجمينٽ حڪومت پلان تي عملدارآمد ڪندي.
