جيڪب آباد لڳ 70 هٿياربندن جي ڳوٺ تي چڙهائي، ٽي قتل

ڪالهه جيڪب آباد لڳ شير خان اوڍو ڳوٺ تي 70 هٿياربندن ڪڙو چاڙهي ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ سندس ٻن مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو. واردات جو ڪارڻ اوڍو ۽ جکراڻي برادرين وچ ۾ قبيلائي جهيڙو قرار ڏنو ويو آهي. خبرن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪجهه ڪلاڪن تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، پوليس کي ڳوٺ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي سگهي. واضح رهي ته ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ جي معاملي تي شروع ٿيل تقرار دشمني ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن سبب ڇهه ڄڻا قتل ۽ ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. تاجو ديرو پوليس پاران چيو ويو آهي ته جکراڻي برادري جي هٿياربندن اوڍا برادري جي ڳوٺ تي ٽنهي پاسن کان ڪڙو چاڙهي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙس ضمير حسين عرف جاويد ولد شير خان اوڍو کي گهر کان ٻاهر اچڻ جو چيو جنهن بعد ضمير حسين جي گهر کان ٻاهر اچڻ تي کيس فائر ڪري قتل ڪيو ويو. هن موقعي تي پوليس ٽيم به اچي وئي هئي، پر هٿياربندن پاران حملي جي ڌمڪي ڏيڻ بعد اهي واپس موٽي ويا. تفصيل موجب ضمير حسين جي قتل ٿيڻ بعد هن جا ٻه مائٽ ٻاهر آيا جن ضمير حسين جو مڙهه کڻي وڃڻ ٿي چاهيو ته هٿياربندن هنن تي به فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. ٻنهي مقتولن جا نالا صوبدار حسين اوڍو ۽ نادر علي اوڍو ٻڌايا ويا آهن، ٽنهي ڄڻن جي قتل ٿيڻ بعد ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي جيڪا ٽي ڪلاڪ جاري رهي. فائرنگ سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ڳڙهي خيرو اسپتال پهچايو ويو جتان انهن کي لاڙڪاڻي موڪليو ويو. شير خان اوڍو ڳوٺ جي رهواسين پوليس خلاف دانهيندي چيو ته پوليس اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي آهي ۽ اهي ته اسان جي ايف آءِ آر به داخل نه پيا ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *